راڻيپور واقعي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاهه گرفتار
ايس ايس پي خيرپور دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس جي پريشر کان پوءِ قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدار حنا شاهه پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي، حنا شاهه کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو. حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري ۽ فياض شاهه جي نياڻي آهي، حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس ۾ گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مان 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت حاصل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي، جنهن بعد خيرپور پوليس کيس روپوش ڄاڻايو هو. جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪار امتياز ميراڻي جو جسماني رمانڊ مڪمل، ٻئي جوابدار خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا.