بلاگنئون

مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان نثري نظم

ڳوٺاڻي شام،  شفق ڌاري،

ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻھاري،

رکيا هئا چلھه جي پاسي ۾.

آيا هئا ٻار به کيڏي

ويٺا هئا چلھه جي چوڌاري

چيو پئي  ماءُ کي هرهر

 امان ماني امان ماني.

نيٺ اٿي ماءُ  ويچاري

ڦوڪا ڏيئي باھ هن ٻاري

 ڏنئين ٿي آسرو  تن کي

ٻچڙا  دل نه  توهين هاريو

اوهان جو پيءُ شھر مان

وٺي  اٽو  ۽  ڀاڄي

اجهو  آيو  اجهو  آيو،

ٻارن جون پوِءِ به ھيون دانهون

منٿون ۽ ايلازون

ڏيئي هٿ پيٽ  کي ٻئي

 چيو  پئي ماءُ کي روئي

  امان ماني! امان ماني!

نيٺ ٿي وئي سومهڻي

 ڦٿڪي ڦٿڪي ٻچا  آخر

گهرندي  ماني چوندي ماني

 پئجي ويا ننڊ گهري ۾.

نيٺ پيءُ ڀي  آيو

اچي هن در کي کڙڪايو

ويئي هئي آڌي ٿي

۽  هو به هو بکارو

لڳو ٿي ڏاڍو  ٿڪارو

 هيس بس  هٿ ۾ هڪڙي

اٽي  لپ جي ٿيلهي

 ڏنئي  سا زال کي هٿ ۾……

سندس حال هيڻي کان

هئي زال واقف پر

تڏهين ڀي هن پڇيو  ان کان

اوهان ڇو دير ڪئي آھي

ڏس هو  ٻار به سڀئي

روئي روئي گهري ماني

سمهي پيا بک تي آھن..

اڳئي هو،  ڏاڍو  ٿڪارو،

۽ هو  ڏاڍو   بکارو

ڏسي ٻارن جي حالت کي

ويس  ڄڻ سور ٻيڻا ٿي

بس  ڪجھه ماٺ کانپوءِ

چيائين زال کي ڏک مان

ڪئي هئي ڏينهن سارو  مون

بکي پيٽ مزدوري،

گهري  مون شام ڌاري  هئي

جڏهن سيٺ کان مزدوري

ڏنائي خراب منهن  ڪري

 مون کي صرف ڪرايو.

 وٺي تنهن مان اٽي لپ هيءَ

شھر کان   پنڌ   هان آيو.

ويو جيءُ جُهري ويتر

هن بيوس ونيءَ جو ڀي،

سٽون ٿي ساھ کي آيس

مگر ڪجھه حوصلي کان پو

چيائين ور کي محبت مان،

ويھه تولاءِ پچايان ماني

ٻاري   باهه  ٿي  ماني ،

چيو هن زال کي  جانان

ٻچڙا  ڏس  بک  تي آهن

صبح ٿيندو ۽ اٿندا هو

گهرندا توکان وري ماني

سمهون ٿا پاڻ به بک تي

صبح جو ساٿ ٻچڙن سان

کائينداسين   رُکا   لولا..

ٻڌي زال مرڪي  پئي

چئين  تون سچ  ٿو جاني

صبح جو ساٿ ٻارن سان

کائينداسين ٻئي ماني..

ليٽي پيا هي به بک تي ٻئي

ڦٿڪي ڦٿڪي    لڇي آخر

پئجي ويا ننڊ گهري ۾.

پئجي ويا ننڊ گهري  ۾…….