ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: گرم شهر ٿڌو گرهه

رويا اٺين درجي جي شاگردياڻي هئي، پر پنهنجي عمر کان ٿوري وڏي نظر ايندي هئي.خوبصورت نظر ايندڙ رويا جنهن جا وار پنهنجي ماءُ وانگر سنهري هئا، ان ڏينهن بخار ۾ تپي رهي هئي، جنهن سبب هوءَ اسڪول نه وڃي سگهي هئي، پر کيس ڪهڙي خبر هئي ته سندس بيمار ٿيڻ کان پهرين سندس اسڪول جو آخري ڏينهن سندس سڀني هم عمر ڪلاس  ڇوڪرين سان سندس آخري ملاقات وارو ڏينهن ثابت ٿيندو. ان ڏينهن هوءَ پنهنجي پياري دوست زاهرا کان سندس فارسي شاعريءَ جي ڪاپي به کڻي آئي هئي ته جيئن هوءَ پنهنجو رهيل هوم ورڪ ڪري سگهي، پر هاڻي هوءَ اها ڪاپي زاهرا کي ڪڏهن به واپس نٿي ڪري سگهي، هوءَ هر هر زاهرا جي ڪاپي کولي عمر خيام جي ان رباعي کي پڙهي رهي هئي جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ سندس اکين مان ڳوڙها نٿي بيٺا.

“اين ڪوزه گر دهر چنين جامِ لطيف،

مي سازد وباز بر زمين مي زندش.”

ڪاپي ۾ زاهرا جي خوبصورت هٿ لکڻيءَ سان ان جي تشريح لکيل هئي ته، هي ڪائنات جو ڪنڀار (خالق) اهڙا لطيف جسم يعني (پيالا) جوڙي ٿو ۽ وري (وقت اچڻ تي) انهن کي زمين تي لاهي رکي ٿو. رويا بار بار ان رباعي کي ٿي پڙهيو ۽ هر هر زاهرا جي لکيل ان تشريح کي ٿي پڙهيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته اسان سڀ هن ڌرتيءَ تي قدرت جا ٺاهيل پيالا ئي آهيون ۽ پوءِ وقت اچڻ تي خبر ناهي ڪڏهن ڀڄي پئون ٿا ۽ ڀري پئون ٿا. هن سوچيو ته زاهرا ۽ ٻيون هڪ سئو اوڻاسي ڇوڪريون به فطرت جا ٺاهيل پيالا هيون جيڪي وقت کان اڳ دشمن جي هٿان ڀڄي ۽ ڀري پيون. اهو سوچي درد رويا جي اکين مان آب مقطر بڻجي وهي رهيو هو. سندس شهر ۾ جنگ جاري هئي، ايران کي خبر ناهي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني پئي وئي هن پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ هڪ سوال اڀرندي محسوس ڪيو، پر کيس ڪوبه واضح جواب نه ملي سگهيو. ڇو ته هوءَ هڪ عام ايراني خاندان ۾ پلجي هئي، سندس پيءُ هڪ ننڍو دڪاندار هو، هن وٽ پنهنجي ذهن ۾ اٿندڙ سوالن جو ڪوبه سياسي جواب نه هو، سندس گهر ۾ سياسي بحثن جي جاءِ تي روزه مره جي مسئلن بابت ڳالهيون ٻوليون ٿينديون هيون. ايران مٿان پابندين جي ڪري هر ايراني گهر ۾ زندگيءَ ۾ بچت سان ڪيئن پنهنجي سٺي زندگي گذارجي ان بابت ٻارن کي تربيت ڏني ويندي هئي. سندس ماءُ به رويا کي ذهن تي گهڻو بار وجهڻ بدران صرف اها هدايت ڪندي رهندي هئي ته ڪپڙا گهڻا نه ٺهرائي، بچت سان گهر هلائڻو آهي، سندس وڌيڪ زور حجاب تي هوندو هو ته هاڻي هوءَ وڏي ٿي وئي آهي ۽ جڏهن ٻاهر نڪري ته هن کي پنهنجو پاڻ کي ڪيئن حجاب ۾ ڍڪي پوءِ نڪرڻو آهي. کيس رڌي پڪي جي باري ۾ به ماءُ سيکاريندي رهندي هئي. ان کانسواءِ محرم جي مهيني ۾ مجلسن ۾ اٿڻ ويهڻ سبب کيس پنهنجي مذهب جي باري ۾ چڱي خاصي ڄاڻ هئي. مطلب ته معاش، ڪلچر ۽ مذهبي روايتون اهم هيون جن جي باري ۾ هوءَ ننڍي هوندي کان جڏهن کان هن هوش سنڀاليو هو آهستي آهستي ڪيتريون ئي شيون سکندي وڏي ٿي هئي ته کيس فضول خرچي بلڪل به ناهي ڪرڻي اجايا شوق ناهن پالڻا، گهڻا ڪپڙا ناهن وٺڻا ۽ گهٽ شين ۾ گذارو ڪري زندگي گذارڻ جو سليقو پيدا ڪرڻو آهي.

ان کانسواءِ کيس ننڍي هوندي کان ئي اها خبر هئي ته هوءَ ڇهين ڪلاس ۾ اچي باقاعده حجاب ڪندي، هاڻي ته کيس حجاب ڪندي ٻه سال ته ٿي چڪا هئا. هن جڏهن کان وٺي حجاب ڪرڻ شروع ڪيو ته سندس سونهري وار حجاب هيٺ لڪي ويا. هوءَ ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجي حجاب جو خاص خيال رکندي هئي، پنهنجي ذات کان به وڌيڪ. ڇو ته کيس خبر هئي ته سندس حجاب جي ٿوري به کسڪڻ تي سندس ماءُ کيس ڪيئن اکيون ڏيکاريندي ۽ ٽوڪيندي يا وري سندس اوڙي پاڙي جا ماڻهو کيس ڪيئن ڏسندا ۽ انهن جي اکين جو تاءُ هوءَ سهي نه سگهندي. انهن شين کان وڌيڪ ته هن کي ڪابه خبر نه هئي ته دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي؟ ايران تي آمريڪا ڇو حملو ڪيو آهي؟ اسرائيل ايران سان دشمني ڇو ٿو ڪري؟ اهي سڀ سوال رويا جي ذهن لاءِ تمام وڏا سوال هئا. هن کي هاڻي بس ايتري خبر هئي ته دشمن سندس اسڪول تباهه ڪري سندس اسڪول جي هڪ سئو اسي ڇوڪرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سندس پياري دوست زاهرا به شامل هئي ۽ هاڻي هوءَ هميشه لاءِ موڪلائي وئي اهي.

سندس گهر ۾ موت جهڙي خاموشي پکڙيل هئي. سندس ماءُ لڳاتار مسلي تي  ويٺل نظر ٿي آئي، ڪنهن ڪم سانگي اٿڻ کانپوءِ وري هوءَ واپس اچي مسلي تي ٿي ويٺي ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي، ٿي وئي ۽ مسلسل دعائون ٿي گهريون. ڪيڏي مهل رويا کي دوا ڏيڻ لاءِ ته ڪڏهن وري کيس آٿت ڏيڻ لاءِ وٽس به آئي ٿي، پر هوءَ بنا لفظن جي استعمال ڪرڻ جي پريشانيءَ واري حال ۾ ڪيڏي مهل رويا تي شفقت جو هٿ ڦيري موٽي ٿي وئي ته  ڪيڏي مهل کيس ماني کارائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جيڪا پئي پئي هاڻي بلڪل ٿڌي برف ٿي چڪي هئي.

شهر مٿان دشمن جي ميزائلن جا مسلسل حملا ٿي رهيا هئا، سندن شهر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ بجلي به بند هئي ته گئس به. شايد ڪنهن به وڏي حادثي کي روڪڻ لاءِ اهو بندوبست ڪيو ويو هو ته جيئن ڪنهن به حملي جي صورت ۾ ڪٿي باهه نه لڳي وڃي. رويا جو بخار ڪجهه گهٽ ٿيو هو، هاڻي کيس بک جو احساس ٿي رهيو هو، هن ٻن ڏينهن کان ماني نه کاڌي هئي. سندس دل پئي چاهيو ته هوءَ پنهنجي ماءُ جي هٿن جي پڪل گرم ماني سندس هٿ سان ٺاهيل پنير ۽ ڦودني جي تازن پنن سان کائي. هوءَ ان مانيءَ جو تصور ڪري اڃان وڌيڪ بک محسوس ڪري رهي هئي. سج لهي چڪو هو سندس ماءُ مسلي تان اٿي اچي گاسليٽ وارو ليمپ ٻاري ورانڊي ۾ رکيو هو، جنهن سان روشني رويا جي ڪمري سوڌو سڄي گهر ۾ جيڪو ٻن ڪمرن ۽ ننڍڙي ورانڊي تي ٻڌل هو پهچي رهي هئي. رويا به همت ڪري ڪمري کان ٻاهر آئي، هاڻي سندس ماءُ ورانڊي ۾ لڳل نلڪي تي نماز لاءِ وضو ڪري رهي هئي، رويا کي ڪمري مان ايندو ڏسي هن جلدي جلدي وضو ختم ڪري پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن تان پاڻي کي بنا ڪنهن ٽوال جي مدد سان صاف ڪري رويا ڏانهن وڌندي چيو، “هاڻي ڪجهه کائي وٺ تنهنجي حالت خراب لڳي رهي آهي.” رويا ماءُ جي اکين ۾ اکيون ملائيندي ڄڻ اقرار ڪيو ته واقعي کيس سخت بک لڳي رهي آهي ۽ سندس حالت خراب آهي. ماءُ تيز قدم ڀريندي ننڍڙي رڌڻي مان دسترخوان ۾ ويڙهيل ماني کڻي آئي جيڪا هاڻي سڪي چڪي هئي، پياليءَ ۾ ٿورو پنير به کڻي آئي “منهنجي ڏاهي ڌيءَ آرام سان ماني کاءُ” رويا جي ماءُ رويا کي پيشانيءَ تي چمي ڏيندي سندس اڳيان ماني رکندي چيو.

رويا جيڪا ورانڊي ۾ هڪ اسٽول نما ڪرسيءَ تي ويٺل هئي، سندس سامهون هڪ ننڍڙي ميز پيل هئي، جنهن تي سندس ماءُ ماني رکي هئي. رويا جيئن ئي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ماني کولي کيس وري تيز روشني ۽ ڌماڪي جو ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ آيو شايد پري ڪٿي ڪو ميزائل ڪريو هو. هن نه چاهيندي به بک جي دٻاءُ سبب ماني هٿ ۾ کنئي جيڪا پاروٿي هجڻ ڪري پنهنجي نرمي، گرمي ۽ ذائقو وڃائي چڪي هئي، پر بک رويا کي گرهه کائڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي. هوءَ آهستي آهستي اٿي ۽ ڪولر مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي ته جيئن گرهه کي نرم ڪرڻ لاءِ پي سگهي. هن کي اهو وقت ياد اچي رهيو هو جڏهن صبح جو سندس ماءُ کيس ۽ سندس پيءُ کي گرم گرم ماني پچائي ڏيندي هئي، جنهن کي هوءَ ڪڏهن بيضي سان ته ڪڏهن پنير ۽ ماکيءَ سان کائي اسڪول ويندي هئي. هن پنهنجي مانيءَ جي ٿڌي ۽ سخت گرهه کي آهستي آهستي چٻاڙڻ لاءِ بار بار پاڻيءَ جا ڍڪ ٿي ڀريا. سندس ماءُ پري کان کيس ڏسي رهي هئي، سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. ڇو ته هوءَ رويا کي تازي ماني پچائي ڏيڻ کان مجبور هئي، کيس خبر هئي ته هن وقت رويا کي تازي ۽ نرم کاڌي جي ضرورت هئي، پر سندس چلهه ٿڌي هئي، رويا جي ماءُ پنهنجو پاڻ کي انتهائي مجبور محسوس ڪري رهي هئي. هوءَ اکيون اگهندي رڌڻي اندر هلي وئي. سندس ذهن ۾ طوفان متل هو ته آخر جنگ ڇو؟ سندس ننڍڙي چلهه ڇو ٿڌي ٿي وئي آهي، آخر هن ننڍڙي چلهه کي ٿڌو ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ هوءَ رڌڻي ۾ رويا جي کائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه ڳولهڻ لڳي، پر کيس ڪجهه به نه مليو، هوءَ بيوس اتي ئي بيٺي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.

رويا مانيءَ جي “موت جهڙي ٿڌي گرهه” کي چٻاڙيندي چٻاڙيندي پاڻيءَ جي وڏي ڍڪ سان ڳيت ڏئي هيٺ لاٿو، کيس ايئن لڳو ڄڻ هن جي نڙيءَ کان مانيءَ جو گرهه نه، پر ڪو پٿر هيٺ لٿو هجي. سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. سندس ماءُ به اوچتو چيو، “رويا ڏس بمباريءَ جي ڪري گرمي ڪيڏي وڌي وئي آهي، شهر ڪيڏو گرم ٿي ويو آهي.” تڏهن رويا پنهجي هٿ ۾ پڪڙيل ٿڌي گرهه ڏانهن ڏٺو، جنهن کي جنگ جي گرمي موت جهڙي ٿڌ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.

***