نئون

آمريڪا جي فرمائشن تي گوڏا نه کوڙينداسين: خواجه آصف

افغانستان جي پاليسي کي سياستدان ئي ٺاهيندا نه ڪي اهي جنرل جيڪي افغانستان ۾ هارائي چڪا آهن. آمريڪا جي هاڻوڪين ڊو مور جي فرمائشن کانپوءِ ملڪ جي وفاقي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا جي فرمائشن تي گوڏا نه کوڙينداسين ۽ افغانستان جي پاليسي سياستدانن کي ٺاهڻي آهي نه ڪي اتي جنگ هارايل جنرلن کي جنهن کان علاوه هن ٻڌايو ته واشنگٽن پاران هڪ لسٽ ڏني وئي آهي جنهن مان ڪجهه ته هن وقت زنده ئي نه آهن ۽ ڪجهه وري افغانستان جي مختلف صوبن جا (شيڊو گورنر) آهن. لسٽ ۾ حقاني جو نالو سڀ کان مٿي آهي پر هڪ به پاڪستاني جو نالو نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان پاران افغانستان کي هڪ لسٽ ڏني وئي آهي جنهن ۾ 100 ماڻهن جا نالا آهن جڏهن ته افغانستان به گهربل ماڻهن جي لسٽ اسان کي ڏني آهي جنهن ۾ 70 يا 75 ماڻهن جا نالا آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ آيل ناڪامين جو الزام پاڪستان کي نٿو ڏئي سگهجي. پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد 648 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي جتي افغانستان جي پاسي کان ڪوبه فوجي موجود نه آهي. هن چيو ته افغانستان جو 45 سيڪڙو حصو طالبان جي قبضي ۾ آهي ۽ ان ئي علائقي ۾ طالبان موجود آهن ۽ اتان کان ئي حملن جا پلان ٺاهين ٿا ۽ انهن تي عمل ڪرائين ٿا.