زندگيءَ ۾ ڪي لمحا اهڙا هوندا آهن، جيڪي وقت سان گڏ پراڻا ته ٿيندا آهن، پر ڪڏهن به وسرندا ناهن. اهي لمحا نه صرف يادگيرين ۾ زنده رهندا آهن، پر دل جي ڌڙڪنن ۾ به پنهنجو وجود برقرار رکندا آهن. منهنجي زندگيءَ جو اهڙو ئي حسين، رنگين ۽ احساسن سان ڀرپور دور يونيورسٽي آف سنڌ جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ ۾ 2k13 بيچ سان گذاريل اُهي چار سال آهن جيڪي مُنھنجي لاءِ تمام وڏو قيمتي اثاثو آهن. منهنجو رول نمبر ته 108 هو، پر حقيقت ۾ اهو هڪ نمبر نه، پر هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي دوستن جو ھجڻ، ٽهڪن جا ٽاڪوڙا، جهيڙن جا سفر ۽ انهن يادگيرين جي ڪهاڻي، جيڪي اڄ به دل کي گرمائي ڇڏين ٿيون. جڏهن مان يونيورسٽيءَ جي دروازي مان پهريون دفعو اندر داخل ٿيس ته اها صرف هڪ تعليمي اداري ۾ داخلا نه هئي، پر هڪ نئين دنيا ۾ قدم رکڻ هو. هتي مونکي صرف ڪتابي علم نه مليو، پر زندگيءَ جا سبق مليا. اسان جي ڪلاس ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين ۽ ان گڏيل ماحول اسان کي هڪٻئي کي سمجهڻ، عزت ڏيڻ ۽ گڏجي اڳتي وڌڻ سيکاريو. ڇوڪرين سان گڏ پڙهڻ اسان جي سوچن کي وسيع ڪيو ۽ هڪ مهذب سماج جو حصو بڻجڻ جي راهه ڏيکاري. دوستن جو اهو قافلو جيڪو هتي مليو، اهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي. انهن سڀني مان صدام بلوچ جو ذڪر خاص طور تي ڪرڻو پوندو، جيڪو منهنجي لاءِ دوست کان وڌيڪ هڪ وڏي ڀاءُ جهڙو رهيو. سندس ساٿ، سندس محبت ۽ سندس خلوص، هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو. ان سان گڏ نويد عباسي، محمد بخش ڳورڙ، شفيع هڪڙو، سميع سومرو، سلامت سومرو، تصدق پنهور، سجاد ڄاريڪو، ياسر پيرزادو، صدام بروهي، سجاد سيال، عمير هڪڙو، مراد مغيري، سليم سيال، ارون ڪمار، شهزاد انصاري، عامر ڀٽو، عامر چانڊيو، اشفاق سمون، ڪامران سومرو، رام سنگهه ٺاڪر، آصف کوسو، فهد ميمڻ، شبير ڍارو، شهريار ميمڻ، اظهر پنهور، شاهد نوناري، راجيش ڪمار، شفيق سومرو، وڪي جتوئي، وڪي هڪڙو، شاهد کوسو، جميل بلوچ، آزاد گل محمد ٻرڙو، مشتاق ٿهيم، سهيل عمراڻي، جنيد عمراڻي، جنيد سومرو، طاهر مغل، صدام ملڪ، فضل جمالي، امجد پنهور، عارف زنگيجو، ميثم مري، ذوالفقار ٻٻر، نواب خاصخيلي، زاهد هڱورو، نويد هالو، محمود شاهاڻي، آزاد مهيسر، ارشد ڪلهوڙو، رشيد عباسي، بلال ديشي ڪجهه اسان جا سينيئر دوست ته ڪجهه جونيئر دوست ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اهي سڀ گڏجي هڪ اهڙو خاندان بڻجي ويا، جيڪو رت جي رشتن کان به وڌيڪ مضبوط لڳندو هو.