غير فطري معاشي ۽ سياسي توازن جي ڳري قيمت عام ماڻهو برداشت ڪري ٿو. مهانگائي ۾ واڌارو، غربت ۾ تيزي، تعليمي خرچن جو بار، غير يقيني تعليم جو لاڙو، صحت جي سهولتن جي اڻ هوند، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ٻلي پير رفتار، ريسرچ نالي ماتر ۽ عوام انفرااسٽرڪچر جو زوال، اهي سمورا اهڙا اثر آهن جيڪي عوام جي صنعتي ۽ ڊجيٽل دنيا جي هر ڏينهن جي معاشي سرگرمين جي شروعات جو ڀنگ به آهي ۽ رينٽل معيشت ۽ سياسي ڪنٽرول جي لاءِ تسليم ڪرايل بين الاقوامي اخلاقيات به. عالمي تيل جي قيمت ۾ جيڪو سياسي ۽ معاشي تعاون بڻايو وڃي ٿو، ان جو اصل وزن دنيا جا عام شهري گڏهن جيان کڻن ٿا، جڏهن ته نام نهاد حڪمران طبقي جي استحڪام ۽ داخلي ڪنٽرول جي لاءِ اهو نظام برقرار رهي ٿو. عالمي تيل جي قيمت محض پيداواري لاڳت يا نفعي تي دارومدار نٿي رکي، بلڪه اهو هڪ هٿرادو ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظام آهي، جنهن ۾ معاشي، سياسي ۽ جيو پوليٽيڪل عنصر گڏجي ڪم ڪن ٿا. سعودي عرب جهڙا ملڪ، جتي تيل ڪڍڻ جي گهٽ کان گهٽ لاڳت اٽڪل ٽي ڊالر في بيرل آهي. جڏهن ته آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ قيمت چاليھه ڊالر آهي. خليجي ملڪ پنهنجي رينٽل معيشت ۽ داخلي طور تي غير پيداواري خرچن واري بجيٽ جي سبب کان قيمت کي بلند رکڻ تي مجبور آهن، انهن جا خرچ گهڻا آهن ۽ معيشت بنيادي طور تي تيل تي دارومدار رکي ٿي، ان ڪري اهي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت گهٽ نٿا ڪري سگهن ته جيئن داخلي استحڪام ۽ رياستي پروگرام جاري رکي سگهن.