ورڪس کاتي ۾ 18 انجنيئرن ۽ 40 ڪامورن خلاف جاچ شروع
اينٽي ڪرپشن پاران سنڌ جي مختلف روڊن، عمارتن ۽ منصوبن ۾ ڪرپشن جون شڪايتون ٿيڻ تي ورڪس اينڊ سروسز جي 18 انجنيئرن ۽ 40 ڪامورن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي ڏنل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي سرڪار جي مڪاني اداري واري کاتي ۾ 9 ڪروڙ رپين جي مختلف ٺيڪن ۾ غبن ٿيو آهي. ايف آءِ آر ۾ 4 اسسٽنٽ ڪمشنرن، 5 ٽي ايم اوز ۽ 6 تعلقي آفيسرن سميت 30 خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن جي اداري 6 ٽي ايم او خلاف جاچ شروع ڪئي آهي. هن قسم جي ايف آءِ آرز ۾ هيٺيان الزام لڳايا ويا آهن. (1) وزيراعظم پروگرام ذريعي هاسٽل جي اڏاوت ۾ ڪرپشن. (2) سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول جي مرمت ۾ ڪرپشن. (3) پوليس هيڊڪوارٽر مرمت ۾ ڪرپشن. (4) روڊ جي اڏاوت ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال. (5) اسڪول جو ٺيڪو غير قانوني طور ڏيڻ.