وزيراعظم ميان شهباز شريف تازو ڪراچي جو دورو ڪيو آهي. سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽسوري سندس استقبال ڪيو. پنهنجي دوري ۾ وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ فيڊرل بيورو آف روينيو جي فيس ليس ڪسٽمز اسسمينٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو. جنهن جو مقصد ڪسٽم ڪليئرنس ۾ ئي شفافيت کي وڌائڻ آهي ۽ هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ تقريب کي به خطاب ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏ صحت جي شعبي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل ڪتاب “مينوئل آف ڪلينيڪل پريڪٽس گائيڊ لائنز” جي مهورت واري تقريب کي به خطاب ڪيو.
وزيراعظم جو ڪراچي جو دورو اهم هو ۽ هن جون ڪراچي ۾ سرگرميون ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهن ۽ نيون به آهن. دنيا جيئن ته ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهي آهي. انهيءَ جي نشاني وزيراعظم جي ڪراچي واري دوري ۾ به نظر آئي. هن جڏهن فيس ليس ڪسٽمز اسسمينٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو ته اها ترقيءَ ڏانهن تبديلي جي طرف ارادو آهي. ملڪ ۾ انهيءَ سسٽم جو آغاز خوش آئنده آهي. ايف بي آر لاءِ ٽرانسفارميشن پلان کي وزيراعظم ٿورو وقت اڳ ئي منظور ڪيو آهي ۽ هن جي ڪراچي جي دوري کانپوءِ انهيءَ سسٽم کي سڄي ملڪ جي ڪسٽم آفيسز تائين پکيڙيو ويندو. ٽيڪس جي تخميني جو اهو نئون نظام مشينن ذريعي ڪم ڪندو ۽ ڪسٽم آفيسرن جي جاءِ تي مشينون ڪم ڪنديون انهيءَ سان امپورٽر ۽ ڪسٽم آفيس جو وقت بچندو. ڇاڪاڻ جو اهو اسيسمينٽ سسٽم تيزي سان ڪم ڪندو. انهيءَ انتظام سان ٻه فائدا ٿيندا. هڪ ته ڪمن جو اڪلاءُ جلد ٿي ويندو ۽ ڪسٽم آفيسر جو امپورٽر سان ذاتي رابطو ختم ٿي ويندو ۽ ڪرپشن جا امڪان ختم ٿي ويندا.
وزيراعظم اتي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پراڻو ٽيڪس نظام ڪاروبار ۾ رڪاوٽ آهي. تمام شعبن ۾E گورننس جو نظام نافذ ڪنداسين. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس زندگي جي سڀني شعبن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي، تڏهن ته وزيراعظمE گورننس جي ڳالهه ڪئي آهي. ملڪ ۾ مختلف شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال هاڻي ضروري به آهي ۽ ناگزير پڻ آهي. هن ڪراچي ۾ ملڪ جي واپارين سان به خطاب ڪيو ۽ چيو ته واپار ملڪ جي معيشت جو بنياد آهي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سڀ گڏ ويهنداسين واپاري نجڪاري جي لاءِ ٺوس تجويزون ڏين ۽ جڏهن ضرورت پوي ته اهي اسلام آباد اچن ۽ مون سان ملي سگهن ٿا. هن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيسرن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪسٽم ۾ جديد نظام متعارف ڪرائڻ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته جديد خودڪار نظام ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيندي. انهيءَ جديد نظام هيٺ ڪليئرنس جو عمل 107 ڪلاڪن مان گهٽجي 19 ڪلاڪن تائين اچي ويو آهي. وقت جي بچت ۽ امپورٽ جي نظام ۾ شفافيت جو اچڻ تمام اهم ڳالهه آهي. هن نئين پروگرام کي جيڪو مشينن تي مشتمل آهي کي واکاڻيو ۽ پراڻي نظام لاءِ هن سڌو سنئون اهو چيو ته انهيءَ هيٺ ملڪ جي وسيلن کي لٽيو ويو آهي. ڪراچي جيئن ته ملڪ جو معاشي ۽ مالياتي مرڪز آهي. وزيراعظم ڪراچي ۾ هڪ مصروف ڏينهن گذاريو آهي. هن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به هڪ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ صحت جي شعبي ۾ هڪ رهنما ڪتاب جو مهورت ڪيو. وزيراعظم جون سرگرميون ماضي جي وزيراعظمن کان مختلف لڳي رهيون آهن. ڇاڪاڻ جو هو اِي گورننس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ٽيڪس ۾ ميڪانياتي طريقيڪار جو افتتاح ڪري رهيو آهي. ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. اسين وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري جي آجيان ڪريون ٿا. ڇاڪاڻ جو هو پاڻ سان گڏ ڪمپيوٽر جي دنيا ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جا خيال کڻي آيو آهي. هڪ طرف هو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ نئين ڪسٽم ڪليئرنس جي نظام جو افتتاح ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف هو آغا خان يونيورسٽي جي طرفان پاڪستان جي صحت جي شعبي جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل ڪتاب جو مهورت ڪري رهيو آهي ۽ هن واعدو ڪيو ته هو ملڪ جي عوام کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ سندس حڪومت جي بنيادي ذميداري آهي ته هو تعليم ۽ صحت جي شعبن تي ڌيان ڏئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي دوري تي مبارڪباد ڏجي ٿي جو سندس سرڪار جديد ٽيڪنالاجيز کي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ اِي گورننس جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ملڪي جي مختلف شعبن ۾ اليڪٽرانڪ سسٽم متعارف ڪرائڻ کانسواءِ هونءَ به ٻيو گس ڪونهي.