ادبنئون

ڊائري

اسين ٻن دورن ۾ رهون ٿا. اسانجا خيال خواب ۽ نظريا ايڪويهين صدي ۾ رهن ٿا ۽ اسين عملي طور 19 يا ويهين صدي ۾ رهون ٿا. اهو فرق ڪير مٽائيندو؟ ۽ ان ديوار کي ڪير ڌڪو ڏيندو؟ ٻيو ڪير نه ايندو. اهو ڪم توکي ۽ مون کي ڪرڻو آهي.
***
سهڻي جنهن جي ڏم سان شادي ٿيل هئي، ميهار سان عشق جا پيچ پائي ٿي، ته ماڻهو اُن کي ساراهين ٿا ايتريقدر جو جڏهن هو گهرڀاتين کي ستل ڇڏي ميهار سان وڃي درياهه ڪناري ملي ٿي، ته به ان عمل کي برو نٿو ڪوٺيو وڃي. اسانجي صوفي شاعرن ان کي عشق حقيقي سان ڀيٽيو آهي، پر اسانجي سماج ۾ جڏهن سهڻي يا سسئي جي راهه تي هلندي ڪا عورت عشق جا پيچ پائي ٿي ته اُن کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو. ڪارو ڪير آهي، اهو اسان کي پنهنجي اندر کان پڇڻ گهرجي؟
***
نظرياتي ماڻهو ڏکين حالتن ۾ پنهنجي فڪر تان هٿ کڻي سگهن ٿا يا سمجهوتو ڪري سگهجن ٿا، پر عاشق ڪڏهن به نه.
***
انسان نيوڪليئر هٿيار ٺاهيا آهن. ڪاش! هو ماءُ جي دل ٺاهي ها ته هن ڌرتي تي ڪڏهن به پاپ نه هجن ها ۽ چوڏس رڳو محبت ئي محبت هجي ها.
***
ڌرتي لاءِ ماءُ جو تصور تمام پراڻو آهي. اُن کانپوءِ ڪئين نظريا فڪر ۽ نظام آيا ويا، پر ان تصور کي وقت ۽ حالتون ڪڏهن به ڌنڌلو ناهن ڪري سگهيون ۽ نه ڪري سگهنديون. ڇو جو ڌرتي ۽ ماءُ ٻيئي پاليندڙ آهن ۽ محبت جو بنيادي جُز ۽ ڪُل آهن.
***
اسين پاڻ لاءِ کليل ذهن جو مالڪ، دانشور ۽ جدت پسند هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون، پر غير شعوري طور تي معمول جي زندگي ۾ اهڙا عمل ڪندا آهيون، جيڪي اسانجي پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي خلاف هوندا آهن. مثال طور جڏهن اسان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيندا آهيون ته اسين بادشاهه بڻجي ويندا آهيون ۽ مخصوص مردانه ذهنيت جو مظاهرو ڪندي حڪم هلائيندا آهيون. جيئن هر ڪو ماڻهو ڪندو آهي ۽ ان لاءِ پاڻ کي ذميوار (ڏوهي) به نه سمجهندا آهيون. اهي ننڍڙيون غلطيون (ڏوهه) شايد اسانجي زندگي جو حصو (عادت) بڻجي ويون آهن، جيڪي سماج کي منفي پاسي ڏي ڌڪين ٿيون. اچو ته انهن ننڍڙن ڏوهن تي سوچيون، جيڪي اسان کان غير شعوري ۽ غير ارادي طور تي ٿي رهيا آهن، اچو ته پاڻ ۾ تبديلي آڻيون.
***