ايڊيٽوريلنئون

ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تي ڊمپر مافيا جو راڄ

            ڪراچيءَ جا ماڻهو روزانو جي بنياد تي ڊمپر سان ٽڪرائجي مختلف جاين تي پنهنجيون قيمتي زندگيون وڃائي رهيا آهن. هونئن ته ڪڏهن موٽرسائيڪل تي ته ڪڏهن روڊ تي پنڌ ڪندڙ ماڻهو ته ڪڏهن گاڏين ۾ سوار ماڻهو ڊمپر سان ٽڪرائجي مرندا رهيا آهن، پر 2025ع جي شروع ٿيڻ کانپوءِ هيستائين ڪراچيءَ ۾ ڊمپر جي حادثن جو انگ 99 ٿي چڪو آهي. هيستائين ڊمپر ڊرائيورن جا ڪراچي ٽريفڪ پوليس 34,655 چالان ڪري چڪي آهي ۽ 490 ڊرائيورن کي گرفتار به ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود حادثن ۾ ڪمي اچڻ جي بجاءِ حادثا ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ روڊ تي هلندڙ ماڻهن کي تحفظ حاصل نه آهي، جنهن جو سبب مضبوط ليڊرشپ جو فقدان ۽ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي سٺي انتظاميه جو فقدان آهي. لڳي ايئن ٿو ته اسان وٽ ترقيءَ جي نالي تي صرف روڊ ۽ رستا ٺاهي انهن تي گاڏين جي هلڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، پر اسان جون حڪومتون قانون ۽ اصول ٺاهڻ ۾ دلچسپي نٿيون رکن ۽ ادارا ڪٿي نظر نٿا اچن. جنهن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ تقريبن هر جاءِ تي ٽريفڪ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ هر روز ڪو نه ڪو بيگناهه شهري روزگار لاءِ نڪتل يا ڪو شاگرد يا ڪو مريض ڊمپر سان ٽڪرائجي اجل جو شڪار ٿي پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويهي ٿو. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته ان جي باوجود ڊمپر مافيا ڏاڍ مڙسيءَ سان پنهنجا ڊمپر انهن ڊرائيورن جي حوالي ڪري پنهنجي منزل مقصود ڏانهن اماڻي ٿي، جن ماڻهن وٽ شايد ڊرائيونگ لائسنس به نه هوندو آهي يا وري اهي نشي جو شڪار هوندا آهن، انهن سڀني ڳالهين جو ذميدار يقينن اسان جو ٽريفڪ پوليس جو ادارو ئي آهي، جيڪو اسان کي في الحال ته حرڪت ۾ ان طريقي سان نظر نٿو اچي جو ان مافيا جي مٿان هٿ وجهي ان کي روڪي، انهن ڊمپرن جو چالان ڪري يا انهن جي مالڪن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪري.

            سنڌ حڪومت نالي ماتر مختلف بيان هلائي پنهنجي پاليسين ۾ تبديلين جي ڳالهه ڪندي رهندي آهي، پر اڃان تائين ڊمپر مافيا جي مٿان هٿ وجهڻ لاءِ ڪابه اهڙي پاليسي نظر نٿي اچي جنهن سان عوام جي اندر اهو احساس پيدا ٿئي ته سندن زندگي هاڻي ڊمپر جي هٿان ضايع نه ٿيندي. تازو 8 فيبروري 2025 تي هڪ ڊمپر ٽرڪ ابراهيم حيدري کان ڪورنگي ڪرانسنگ روڊ تي ويندي پنڌ هلندڙ ماڻهن جي مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي مقامي ماڻهن مشتعل ٿي ڊمپر کي باهه ڏيئي ڇڏي. 11 فيبروري 2025 تي هڪ ٻيو ڊمپر جو حادثو مشرف ڪالوني هاڪس بي روڊ تي ٿيو، جنهن ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار معصوم انسان سامهون کان ايندڙ هڪ تيز رفتار ڊمپر جي هيٺان اچي پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويٺو. اهڙا حادثا روزانو جي بنياد تي هن ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ٿيندا رهن ٿا، جنهن سان نه صرف قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون پر سنڌ حڪومت جي ڪارڪرگيءَ تي ڪيترائي سواليه نشان کڙا ٿي وڃن ٿا. سنڌ ٽريفڪ پوليس کي اهڙن ڊمپرن کي روڊ تي هلڻ جي ڏينهن جو هرگز اجازت نه ڏيڻ گهرجي. بهتر اهو ٿيندو ته ڊمپر جي روڊ تي هلڻ جي لاءِ رات جو 12 وڳي کانپوءِ جي پرمٽ ملڻ کپي، ڇو ته رات جو رستن تي عام ماڻهو نه هوندو آهي ۽ ٽريفڪ گهٽ هجڻ جي ڪري اهي بدمست ڊمپر گهٽ نقصان ڪري سگهن ٿا. اسان وٽ ادارا پنهنجو ڪم پوري طرح سان نٿا ڪن، ان جي ڪري ڪيترائي ڊمپر جن کي روڊن ۽ رستن تي اچڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي، جنهن جي مينٽيننس تي ڪيترائي سوال اٿي سگهن ٿا اهي روڊن ۽ رستن تي ڊوڙي رهيا هوندا آهن شايد انهن جي بريڪن ۾ به ڪو مسئلو هوندو آهي يا ٽائر گسي چڪا هوندا آهن يا وري ٻيا پرزا جيڪي هڪ گاڏيءَ کي فٽ رکندا آهن اهي گسيل هوندا آهن جو ڊمپر جو ڊرائيور پنهنجي گاڏيءَ تي ڪنٽرول وڃائي ويهي ٿو.

            حڪومت کي ان انتهائي سنجيده ۽ موت مار مسئلي کي ڏسڻو پوندو، جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي لاڳاپيل اداري سان ميٽنگون ڪن ۽ انهن کي ماهرانه هدايتون ڏنيون وڃن ته انهن ڊمپرن جي مينٽيننس کي چيڪ ڪيو وڃي، انهن جي ڊرائيورن جا لائسنس چيڪ ڪيا وڃن، ڊرائيورن جا ڊوپ ٽيسٽ ورتا وڃن ته جيڪڏهن اهي نشي ۾ آهن ته انهن کي گاڏي رستي تي کڻي اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو ڊرائيور نشي جو شڪار آهي ته ان جي سزا نه صرف ڊرائيور کي بلڪه ان جي ڊمپر مالڪ کي به ملڻ گهرجي. ڊمپرن جي خاص طور تي الڳ سان انسپيڪشن جو انتظام ڪيو وڃي ته جيئن اهي ڪو خطرناڪ حادثو نه ڪري سگهن. ان کان علاوه جيڪي ڊمپر هلائيندڙ ڊرائيور آهن انهن جي اخلاقي تربيت جي لاءِ به الڳ سان ٽريننگ رکي سگهجي ٿي ۽ انهن کي گاڏي هلائڻ جي لاءِ مڪمل ضابطا ۽ اصول سيکاري سگهجن ٿا. نه صرف ايترو بلڪه انهن جي لاءِ حڪومت کي گهرجي ته الڳ سان اهي روٽ ٺاهيا وڃن جيڪي سنسان هجن ۽ عام آباديءَ کان پري هجن ته جيئن اهي آباديءَ جي وچ ۾ ماڻهن کي نقصان نه پهچائي سگهن. عوام جي لاءِ به ڊمپر ڪئمپين هلائي ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ڊمپر کي ڏسندي ئي سجاڳ ٿين. ڪراچيءَ ۾ خاص ڪري موٽرسائيڪل سوارن کي هيلمٽ پائڻ جي لاءِ مجبور ڪيو وڃي ۽ نه پائيندڙ ماڻهن تي ڳرا ڏنڊ وڌا وڃن. سنڌ حڪومت کي هن انتهائي اهم مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جي لاءِ پاليسي ٺاهي ان تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن قيمتي جانيون بچي سگهن، ڇو ته انسان جي زندگي هر شيءِ کان وڌيڪ قيمتي آهي.