اصل ۾ پنهنجو ملڪ ٺهڻ سان ئي مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو، جو 1947 ۽ 1948 ۾ ئي ڪشمير جي جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جا سبب برطانيا جي مداخلت هئي ۽ وري جنرل ايوب جي سرڪار وڃڻ کانپوءِ ايجنسيون پاڻ ڪمزور ٿي ويون هيون ۽ ڪشمير جي لڙائي رياست کي منجهائي ڇڏيو هو. وري طالبان تحريڪن جي ڪري جيڪي به پختون ۽ مذهبي جنون رکندڙ ديسي کٿابي مدرسن ۾ پڙهن پيا، اهي به طالبان جي همدرديءَ ۾ لهي پيا هئا ۽ طالبان جي تحريڪن زور ورتو، جو ماڻهن جو گھڻو انگ طالبان جي حمايت ۾ لهي پيو هو. ان دوران ملان محمد عمر، افغان پختون، غلزئي قبيلي جا ماڻهو، هوتڪ قبيلي جا ماڻهو به اٿي کڙا ٿيا جيڪي طالبان جي مدد لاءِ تيار ٿي ويا هئا. صحافي احمد راشد جي رپورٽ مطابق ان دوران (ان سال) قنڌار ۾ ٻن ڇوڪرين جي اغوا جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ انهن طالبان کي مدد جي لاءِ پڪاريو هو ۽ طالبان جي گروهن جنرل دوستم جي آرمي تي حملو ڪيو هو ۽ انهن ٻن ڇوڪرين کي آزاد ڪرائي ورتو هئن ۽ ائين ئي طالبان جي واهه واهه ٿي وئي هئي. ان دوران اهي عام ماڻهن جي مدد ڪندي، ماڻهن کي چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ زنا جي ڪيسن ۾ جنرل دوستم جي گروهن کان آجو ڪرائيندا افغانستان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويا. آڪٽوبر 1994 ۾ طالبان جي گروهن اسپن بالڊاڪ جي بارڊر تي قبضو ڄمايو ۽ 3 نومبر تي طالبان قنڌار تي حملو ڪري ڏنو، هنن 48 ڪلاڪن ۾ شهر تي قبضو ڄمايو ۽ هر روز هڪ نئين فتح ڪندا ويا. جنرل دوستم جا جٿا هارائبا ويا. 11 فيبروري 1995 تي هي طالبان افغانستان جي 30 صوبن مان 9 صوبن تي قبضو ڪري ويهي رهيا.