ڀارت جنهن جو اهو خواب آهي ته اهو هڪ عالمي طاقت بڻجي وڃي، پر اهو خواب ايترو آسانيءَ سان تعبير ماڻي نٿو سگهي. ڇو ته اتي اڃان ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي بيروزگار آهي. ان کان علاوه ڀارت جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا به هميشه خراب رهيا آهن. مالديپ، نيپال، سريلنڪا، بنگلاديش جهڙا پاڙيسري مٿس اعمتاد نٿا ڪن. ان کان علاوه ڀارت جيڪو ڪنهن وقت ۾ سيڪيولر جمهوريت هجڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، هن وقت مذهبي انتهاپسندي جي هٿ ور چڙهيل آهي. ان کانسواءِ هو ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي ميدان ۾ اڃان پاڻڀرو نه ٿي سگهيو آهي هن کي ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي انحصار ڪرڻو پوي ٿو. ڀارت جو سڀ کان وڏو طاقتور پاڙيسري چين جنهن سان ڀارت جا معاشي لاڳاپا ته برقرار آهن، پر سندن لاڳاپن ۾ سردي گرمي ايندي رهي ٿي. ڇو ته ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ سڀ کان وڏو بنيادي مسئلو سرحدي تڪرار آهي. چين اروناچل پرديش کي پنهنجو حصو سڏي ٿو، جڏهن ته ڀارت لداخ جي اڪسائي چن واري علائقي تي پنهنجو حق جتائي ٿو. ان کان علاوه ڀارت کي چين جي پاڪستان سان ويجهڙائي به پسند ناهي.
سي پيڪ جو پاڪستان مان لنگهڻ ڀارت جي لاءِ هڪ ناپسنديده ڳالهه آهي. ساڳئي وقت چين کي اهو ٿو لڳي ته ڀارت آمريڪا سان گڏجي چين کي هميشه گهيري ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو. ڀارت آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا جي اتحاد QUAD کي چين پنهنجي خلاف هڪ فوجي گهيرو سمجهي ٿو. ان کان علاوه به چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻيا ڪيترائي تڪرار آهن، جن ۾ برهم پترا ندي تي چين پاران وڏا ڊيم ٺاهڻ تي ڀارت کي خدشا آهن. جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تمام گهڻو واپار به ٿئي ٿو، پر سندن معاشي مقابلو به هر وقت جاري رهي ٿو. 2020ع ۾ هماليائي سرحد تي جهڙپ کانپوءِ ڀارت چيني شهرين کي لڳ ڀڳ ورڪ ويزا ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي وئي هئي، پر هينئر وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي ٽيڪس پاليسيءَ جي دٻاءُ جي باوجود چين سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ احتياط سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خبر رسان اداري رائيٽرز جي مطابق نئين دهلي ورڪ ويزائن جي منظوري جي عمل جو هڪ مرحلو مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ چين جي ماڻهن جي لاءِ ڀارت ورڪ ويزائن جو اجراءَ ڪري ڇڏيندو. مطلب ته ڀارت کي هن وقت پنهنجي اليڪٽرانڪ انڊسٽري ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجين پاليسين کي تبديل ڪرڻ لاءِ هي اهم قدم کڻڻو پيو آهي. ڇو ته ڀارت جي اليڪٽرانڪس انڊسٽري ۽ شمسي توانائي جي شعبي کي هلائڻ لاءِ مشينري چين مان آندي وڃي ٿي. جنهن لاءِ مودي تازو چين جو دورو ڪري صدر شي جن پنگ سان ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ چين سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ طرف اهم قدم کنيا آهن. حڪومت جي ان قدم کڻڻ جي ڪري انڊين سيليولر اينڊ اليڪٽرانڪس ايسوسئيشن جي اندر خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. ڀارت جي چين جي ماڻهن لاءِ ويزائون بند ڪرڻ واري فيصلي سان ڀارت جي ڪيترن ئي صنعتي شعبن تي دٻاءُ اچي ويو هو. حقيقت اها آهي ته هن وقت ڪوبه ملڪ اڪيلي سر پنهنجي معاشي ترقيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ان کي پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀارتي حڪومت کي اهو احساس صحيح وقت تي ٿيو آهي.
پاڪستان جو عوام به اهو چاهي ٿو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن خراب هجڻ جي باوجود معاشي تعلقات ڳنڍيل رهن ۽ واپار جاري رهي. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن واپار کولڻ جو فيصلو ڪيو ۽ معاشي لاڳاپا بحال ڪرڻ طرف ويا ته ٻنهي ملڪن کي تمام گهڻو معاشي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته في الحال هڪ ڪنٽرولڊ پاليسي ٺاهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار ۽ سياحت لاءِ هڪ لچڪدار پاليسي ٺاهي وڃي. جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جي سيڪيورٽي ادارن کي انتهائي خبردار رهڻو پوندو. ويزا ڏيڻ کان اڳ اسان کي تمام گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ سياحت لاءِ ويزا ڏيڻا پوندا، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڊپلوميسي ذريعي گهٽ کان گهٽ ايجنڊا تي متفق ٿي ڪري به لاڳاپن کي برقرار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جنهن ۾ اسان جا سڀئي پاڙيسري ملڪ شامل هجڻ گهرجن. اميد آهي ته ڀارت جي ڪيل فيصلي مان اسان جي رياست به بهتر فيصلا ڪرڻ جي طرف قدم وڌائيندي.