ايڊيٽوريل  ڪچي شراب جو واهپو- مرد ۽ عورتون اَجَل جو شڪار

ايڊيٽوريل  ڪچي شراب جو واهپو- مرد ۽ عورتون اَجَل جو شڪار

حالانڪه ڪچو شراب ٺاهڻ غير قانوني آهي ۽ ان جي وڪري تي به پابندي آهي پر ان هوندي به ان جي تياري ۽ وڪرو جاري آهي. اهو ڌنڌو مسلسل غير قانوني طور هلي رهيو آهي. منظرِ عام تي تڏهن ئي اچي ٿو جڏهن اهڙو ڪو دل دهلائيندڙ واقعو پيش اچي ٿو. 20 مارچ 2016 تي ٽنڊو محمد خان جي ڪريم آباد ۾ رهندڙ ڪميونٽي جي ڪجهه فردن ڪچي شراب جو واهپو ڪيو ۽ نتيجي ۾ مردن سان گڏ عورتون به پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺيون ۽ ڪافي ماڻهو تمام ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل آهن.

اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه سوال ٿا اٿن ته اهي ذميوار ادارا ڪٿي آهن جيڪي ڪچي شراب جي ٺهڻ کان وٺي وڪري تائين پنهنجون اکيون بند ڪري ستا پيا آهن ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هڪ ٻن ماڻهن کي وقتي طور تي معطل ڪري حالات کي ڳنڀير ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ صحت کاتو به پري پري تائين نظر نٿو اچي، جنهن جو بنيادي ڪم آهي ته عوام کي مختلف بيمارين يا خطرن کان آگاهي ڏيڻ. جيئن سگريٽ نوشيءَ جا نقصانات ۽ جنسي بيمارين کان بچڻ لاءِ اپاءُ ٻڌايا ٿا وڃن. ان اداري جو ڪم آهي ته انهن ڪميونٽن لاءِ مڪمل آگاهي پروگرام هلائي ته جيئن معصوم عوام انهن قاتلن جي ٺاهيل زهر کي امرت سمجهي نه پيئن ۽ هڪ صحتمند زندگيءَ لاءِ آگاهي رکي پنهنجو مستقبل سنواري ۽ محفوظ ڪري سگهن. عام مشاهدي ۾ اچي ٿو ته قانوني ۽ غير قانوني طور تي شراب جو واهپو عام آهي ۽ ماڻهو شراب جا عادي ٿي معاشري ۾ غير فعال ٿي وڃن ٿا ۽ مجرمانه سرگرمين ۾ ملوث ٿيو وڃن. 

اها آگاهي هن ملڪ جي اندر انهن مختلف مذهبي ڪميونٽن کي ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ خاص پرمٽ تحت لائسنس شده شراب خانن تان شراب وٺندڙ ۽ واهپو ڪندڙ لاءِ به هجڻ گهرجي. انهن ماڻهن کي فعال بنائڻ لاءِ اهڙا ادارا ته موجود آهن پر انهن ادارن جي معلومات کي به مشتهر نٿو ڪيو وڃي جنهن سان هڪ نشي جو عادي جيڪو ان مان جند ڇڏائڻ گهرندو هجي ان کي ڪا آگاهي ملي. انهن سڀني شين کي اسان جي ذميوار ادارن کي وري ڏسڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ ٿيندڙ ايڏي وڏي ذيان کي روڪي سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *