پي آئي اي جيڪا دنيا جي بهترين ايئرلائنن مان هڪ رهي آهي، اها موجود وقت ۾ اهڙي زوال جو شڪار ٿي آهي، جو انهيءَ ايئرلائن جي نجڪاري ۾ صرف 10 ارب رپين جي ٻولي لڳي آهي، ظاهر آهي ته سرڪار انهيءَ کي قبول نه ڪيو آهي. پي آئي اي اهڙي ايئرلائن آهي، جنهن جو اهو جملو “باڪمال لوگ-لاجواب پرواز” سڄي دنيا ۾ سچ سمجهيو ويو آهي. دنيا جي مشهور هوائي ڪمپني اهڙي زوال جو شڪار ٿي آهي، جو انهيءَ جي متوقع قيمت جيڪا 85 ارب رپيا هئي، هاڻ 10 ارب رپين جي ٻولي ۾ تبديل ٿي آهي.
نقصان ۾ ٻڏل ملڪ جي قومي ايئرلائن پي آئي اي جي نجڪاري جي سلسلي ۾ هڪ ڪمپني طرفان 10 ارب رپين ۾ ان کي خريدڻ جي پيشڪش ڪئي وئي آهي. پي آئي اي اسانجي قومي فضائي سروس هاڻي انهيءَ حال تي پهتي آهي جو انهيءَ کي بلو ورلڊ سٽي نالي ريئل اسٽيٽ جي هڪڙي ڪمپني ڀُڳڙن مُٺ تي خريد ڪرڻ چاهي ٿي. پي آئي اي گذريل ڪيترن ئي سالن کان خساري جو شڪار آهي ۽ ان کي هر سال 838 ارب رپين جو قرض ادا ڪرڻو پوي ٿو ۽ هيءَ ايئرلائين هر سال 3 ارب ڊالر خساري کي برداشت ڪري ٿي. هن ايئرلائين جو شمار حڪومتي سرپرستيءَ ۾ هلڻ وارن انهن ادارن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي قومي خزاني کي حڪومت جي نااهلي سبب سالانه اربين رپيا نقصان پهچائين ٿا. قومي فضائي ڪمپني پي آئي اي نه صرف مسافريءَ لاءِ سروس مهيا ڪندڙ ادارو آهي، پر دنيا جي ايئرلائنز ۾ اهو هڪ برانڊ آهي. اسان جي سرڪارن ۽ انتظاميه پنهنجي ادارن سان ڇا ڪيو آهي، جو اسان کي پنهنجي فضائي ڪمپني لاءِ خريدار به نه ملي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته ٻاهرين دنيا مان اسان کي خريدار ملن ها، پر اسانجي سياسي عدم استحڪام ۽ اسانجي انتظام، قانون ۽ خراب پاليسين جي ڪري اسانجي عدالتن جا ماضي وارا فيصلا انهيءَ سلسلي ۾ رڪاوٽ بڻيا آهن. سرمائيڪار اتي سرمائيڪاري ڪندو آهي، جتي هو سمجهندو آهي ته ان جو پئسو محفوظ هوندو ۽ ان جو واپار اوج تي هوندو. اسانجي حڪومتن جي طريقيڪار جي ڪري اسان وٽ سرمائيڪاري به ڪونه پئي ٿئي ۽ پي آئي اي جهڙي دنيا جي وڏي فضائي ڪمپني کي خريدار به ڪونه پيو ملي. سياسي عدم استحڪام انتظامي ۽ قانوني مسئلا هڪ طرف، پر پي آئي اي جي اندر به وڏا مسئلا آهن. فضائي ڪمپني ۾ تمام گهڻا ملازم آهن. جيڪڏهن انهن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي ملازمتن مان ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي ته انهن کي پگهارون ۽ پينشن جا پئسا ته ڏيڻا پوندا. پي آئي اي جا اندروني ذريعا ٻڌائين ٿا ته پينشن ٽرسٽ فنڊ جا 40 ارب رپيا پي آئي اي پنهنجي روزمره جي خرچن ۾ پورا ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ ڪري پي آئي جي نجڪاري هڪ طرح سان ناڪام ٿي آهي. انهي ناڪامي کانپوءِ اڳتي جيڪو سرڪار جو توانائي جي شعبي ۾ نجڪاري جو پروگرام آهي اهو به متاثر ٿيندو. پاڪستان جي وڏن اثاثن ۾ شمار ٿيندڙ پي آئي اي جي اهڙي نيلامي جنهن ۾ 10 ارب رپين جي ٻولي لڳي آهي. اها اسانجي ادارن انتظام ۽ قانون جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي. معيشت ۽ نجڪاري جي معاملن تي گهري نظر رکڻ وارن ماهرن پي آئي اي جي نجڪاري ۾ ناڪامي کي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. اها به ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هائوسنگ سوسائٽي هلائيندڙ جن جو هوابازي جي ميدان ۾ ڪو تجربو نه هجي. اهي پي آئي اي جي خريد ڪرڻ لاءِ اچي ويا. اهو سڄو عمل اسانجي نظام جي ڪمزورين کي ظاهر ڪري ٿو. پي آئي اي جي ناڪام نجڪاري اسانجي نجڪاري جي وزارت جي ناڪام ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريا آهن ۽ نجڪاري جو آئنده پروگرام جنهن ۾ توانائي جي شعبي جي نجڪاري شامل آهي، لڳي ٿو ته هاڻي اها به شڪ جي هيٺ اچي وئي آهي. مستقبل ۾ پاڪستان ۾ نجڪاري جو مسئلو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ جي ٻن صوبن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ اسان وٽ گذريل 20 سالن کان چين کانسواءِ ڪنهن به ٻئي ملڪ مان سرمائيڪاري ڪونه آئي آهي.
جيستائين اسان جون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جا حالات سڌارين ۽ سماج کي پرامن ڪن، تيستائين ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪاري هڪ سوال رهندي. پي آئي اي جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي، پي آئي اي هڪ برانڊ آهي. پي آئي اي اسانجي سڃاڻپ فضائي سروس آهي. انهيءَ کي دنيا جي فضائي سروس ۾ بحال رهڻ گهرجي. جيستائين ان جي نجڪاري ٿئي. تيستائين لاڳاپيل وزارت ۽ وفاق پي آئي اي جي بهتري لاءِ نئون پروگرام آڻي ۽ موجوده حيثيت ۾ جنهن ۾ پي آئي اي مشڪل ۾ آهي. سرڪار کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسانجي فضائي سروس جا مسئلا حل ڪجن جيئن اها دنيا جي فضائي سروس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي.