حڪومت 2015ع ۾ گڏهن جي کلن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، پر ڪامرس واري وزارت اها پابندي هٽائي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي پرڏيهه برآمد پاليسي آرڊر ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون آهن. گڏهن جي کلن کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت صرف انهن ڪمپنين کي حاصل هوندي جيڪي گوادر فري زون ۾ قائم ڪيل يا منظور ٿيل يا گڏهن جي رجسٽرڊ ذبح ڪرڻ واري ڪاروبار ۾ حصو وٺن ٿيون.
اهو فيصلو چين سان گڏهن جي کلن ۽ گوشت جي ايڪسپورٽ لاءِ پروٽوڪول کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي معيشت لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ آهي. اهڙيون ڪمپنيون حڪومت جي پاليسيءَ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون جيڪي گوادر فري پورٽ ۾ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت رکن ٿيون، جنهن ۾ هن وقت تائين خاص ڪري چيني ڪمپنين دلچسپي ڏيکاري آهي. چين اهڙو ملڪ آهي جنهن کي گڏهن جي کلن ۽ گوشت جي تمام گهڻي گهرج آهي.
ڪيترين ئي رپورٽن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته چيني ڪمپنيون گوادر فري زون ۾ ذبح خانا قائم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ شروع ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. هڪ چيني فرم Hangeng Group جو نالو خاص طور تي ورتو پيو وڃي ته اهو گروپ گوادر ۾ سهولتون قائم ڪري رهيو آهي. اها پابنديءَ جي شرط حڪومت جي نئين پاليسيءَ ۾ ايڪسپورٽ جي اجازت صرف گوادر فري زون جي رجسٽرڊ ۽ منظور ٿيل ڪمپنين کي ڏني وئي آهي. چين هن وقت جتي ٽيڪنالاجيءَ ۽ اسلحي سازيءَ ۾ ٻين مغربي ملڪن جو مقابلو ڪر رهيو آهي، ساڳئي ئي وقت ۾ دوا سازي جي صنعت ۾ به چين هينئر تمام گهڻيون نيون ايجادون ڪري پنهنجي صنعت کي واڌارو ڏئي رهيو آهي.
گڏهه جي کلن ۽ گوشت جو ايڪسپورٽ ٿيڻ عام ماڻهو جي لاءِ حيرت انگيز آهي، پر هڪ دوا ايجيائو (Ejiao) ٺاهڻ لاءِ گڏهه جي کل جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪا هڪ جليٽن آهي، جيڪا گڏهه جي کلن کي ڊگهي وقت تائين اوٻارڻ ۽ انهن کي ڳارڻ سان تيار ڪئي ويندي آهي. اها جليٽن خون جي گهٽتائي، ٿڪاوٽ، قوت مدافعت جي وڌائڻ ۽ چمڙيءَ جي خوبصورتي ۽ صحت بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ معجزو ڏيکاريندڙ دوا سمجهي وڃي ٿي. چين ۾ هن وقت هن دوا جي گهرج تمام وڌي وئي آهي، جنهنڪري اتي گڏهن جو تعداد به گهٽجي ويو آهي. ان ڪري هاڻي ان جي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ چين پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن تي انحصار ڪري ٿو.
گڏهه جي کلن مان جتي اها دوا تيار ڪئي وڃي ٿي، اتي ان جو گوشت به چين جي ڪجهه علائقن ۾ تمام شوق سان کاڌو وڃي ٿو. خاص ڪري چين جي اترئين علائقي هيبي (Hebei) صوبي ۾ هي گوشت تمام گهڻي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. ان کان علاوه اتي گڏهه جي گوشت مان ٺهيل برگر جنهن کي مقامي ٻوليءَ ۾ “ليرو هوشائو” سڏبو آهي اتان جو مشهور اسٽريٽ فوڊ آهي. اسان کي ان ڳالهه تي خوش ٿيڻ گهرجي ته حڪومت گڏهه جي کلن تان ۽ گوشت جي پرڏيهه اماڻڻ تان پابندي کڻي ورتي آهي. ڇو ته دنيا ۾ مختلف تهذيبن ۾ مختلف شيون استعمال ٿين ٿيون ۽ هر ثقافت ۽ تهذيب جي حساب سان کاڌي پيتي جو رواج به مختلف هوندو آهي.
چين اسان جو برادر ملڪ آهي ۽ اسان هڪ غريب ملڪ جي حساب سان جيڪڏهن گڏهه جي ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ چين کي مدد ڏيون ٿا ته اسان سٺو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهون ٿا. هن وقت تجارت واري وزارت گڏهن جي کلن ۽ گوشت جي پرڏيهه اماڻڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. صرف ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته گڏهن جي کلن سان گڏ اهو گوشت به 100 سيڪڙو ٻاهر وڃڻ گهرجي، ايئن نه ٿئي ته کلون ٻاهر وڃن ۽ گوشت وري مقامي مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ٿئي ۽ هوٽلن ۾ استعمال ٿئي ۽ عوام کي کارايو وڃي.
ان قسم جون خبرون يا تڪراري ڳالهيون هڪ تمام مهذب طريقي سان شروع ٿيندڙ ڪنهن به ڪاروبار کي وڏو ڌڪ رسائي سگهن ٿيون. اميد آهي ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت گڏهه جي ذبح ٿيڻ کان وٺي ان جي کلن ۽ گوشت جي پيڪنگ تائين ۽ ان جي ٻاهر موڪلڻ واري سڄي عمل کي چڱيءَ طرح سان نظر ۾ رکندي ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڪا غلط يا تڪراري خبر مارڪيٽ ۾ عام نه ٿئي. ان کان علاوه جيڪڏهن گڏهن جي کلن ۽ گوشت جي مارڪيٽ ايتري فائديمند آهي ته عوام جي اندر گڏهن جي لائيو اسٽاڪ طور پالنا لاءِ تربيت ڏني وڃي ته جيئن اسان جا دلچسپي رکندڙ آبادگار جتي مينهون، ٻڪريون، رڍون پالين ٿا اتي گڏوگڏ گڏهن کي به پالين ۽ ان لاءِ اسان جي زرعي يونيورسٽين ۾ تربيتي ڪورس شروع ڪيا وڃن ته جيئن اسين پنهنجي برادر ملڪ چين جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهون ۽ گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهون.