بلاگنئون

لمس ايڊوانس ڊينٽل ڪيئر سينٽر جتي پئسا ڏئي به مريضن کي معياري علاج نصيب ناهي

لمس ايڊوانس ڊينٽل ڪيئر سينٽر ۾ ڏندن جي مڙني بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته هي سينٽر علاج سان گڏ ڊاڪٽرن جي تربيت يا سکيا جو ادارو پڻ آهي، جتي ڊاڪٽر ڏندن جي علاج جي تربيت حاصل ڪن ٿا ۽ هر سال نئون بيچ تربيت حاصل ڪري ٿو. عملي ۾ ٽيچنگ عملي سان گڏ انتظاميا پڻ شامل آهي. روزانو ٻه سئو ماڻهن جي او پي ڊي ٿئي ٿي، جنهن جي في 50 رپيا آهي ۽ باقي علاج جو خرچ ڌار آهي. روٽ ڪينال، ڪيپ جا 6000  في ايمپلانٽ جا 45 هزار رپيا ورتا وڃن ٿا. سول اسپتال ۾ ڏندن جي شعبي جي خراب حالت سبب ڪافي ماڻهو هن سينٽر جو رخ ڪن ٿا، پر افسوس هتي پئسا خرچ ڪرڻ جي باوجود علاج جو معيار تسيلي بخش ناهي. ڏند ڪڍڻ جي تجويز تي مريضن کي ايمپلانٽ جي مشڪل ۽ غير شفاف علاج لاءِ هڪ سال تائين رلايو وڃي ٿو. ايمپلانٽ جي مختلف مرحلن دوران مريض کي ڪافي پريشان ٿيڻو پوي ٿو، علاج ڪرائيندڙ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ان علاج جي صلاح نه ڏيندو. ايمپلانٽ کان بهتر آهي ته ماڻهو پهرين تڪليف کي برداشت ڪري. ڏندن جي علاج مثال طور روٽ ڪينال، ڪيپ، ايمپلانٽ، گرينڊنگ ۽ ٻيو علاج شامل آهي.

هڪ سال کان علاج واسطي هن سينٽر تي وڃڻ روز جو معمول بڻيل آهي. علاج دوران سينٽر ۾ ٿيندڙ علاج بابت ڪافي تجربو ۽ ڄاڻ حاصل ٿي. ڪجھ انتظامي ۽ پروفيشنل ڪوتاهين جي خبر پئي جن بابت لکڻ لاءِ ھيءَ رپورٽ تيار ڪئي آهي. هن سينٽر ۾ جيڪي روٽ ڪينال ۽ ايمپلانٽ ٿي رهيا آهن اهي اڪثر ناڪام ثابت ٿيا آهن، جنهن جو سبب عملي جي مهارت ۾ کوٽ ۽ ٽيڪنيڪل اوزارن جي غير معياري سپلائي يا ميسر نه هجڻ ٿي سگهي ٿو. هن علاج ۾ هڪ ته وقت ڪافي ضايع ٿئي ٿو، معمولي علاج لاءِ ڪافي چڪر ڪاٽڻا پون ٿا، ڀلي روٽ ڪينال هجي يا ايمپلانٽ ڇھ مهينا سال لڳي وڃي ٿو، پروسٿوڊونٽڪس ڊپارٽمينٽ جي انچارج شريف ڀائي، ماهر ڊاڪٽر ۽ ڏندن جا سيمپل يا سامان جي سپلائي ڪندڙ خرم ڀائي سڀ جا سڀ غير ذميوار ۽ علاج لاءِ ايندڙن جو نه رڳو وقت وڃائين ٿا، پر بيمارن کي عذاب پڻ ڏين ٿا. ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف اوزارن يا سامان جي سپلائي جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي، جنهن جي ڪري مريضن کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.