بلاگنئون

ادارا ڀلي خانگايو پر گِروي نه رکو

ادارن کي خانگائڻ سان ٻه واضع فائدا ٿيندا، هڪ ته اداران جي خانگائڻ سان ڪرپشن گهٽجي ويندي، ڇو ته سيٺيا ڪلچر ۾ ملازمن جي جتي پرفارمسن ڀلي ٿيندي اتي ادارن جي ترقي ۾ به تيزي آڻي سگهبي، ۽ ان پرفارمسن سان گڏ اداري جي واڌ (گروٿ) به گهڻي تيزي سان وڌندي رهندي، جنهن سان سرڪار (رياست) کي ٽيڪسز جي مد ۾ ڪروڙين اربين روپيا ملندا رهندا. هڪ ته حڪومت تان ملازمن جو بار هلڪو ٿيندو، حڪومت جي لائبلٽي (زميداري) جهڪي ٿيندي ۽ ان جي گهٽ يا جهڪي ٿيڻ سان حڪومت (رياست) رڳو کٽي ڪمائي جو مالڪ ٿيڻو پوندو. مثال حڪومت ملازمن جي پگهارن، ميڊيڪل، ڊيلي ۽ منٿلي الائونسز، هائوس فائناسنگ جي خفن، ريزيڊيشل ايرياز (رهائشي اسڪيمون) جي انتظامن، ملازمن جي ٻارن جي پڙهائيءَ جي خرچن، عمري ۽ حج جي ادائگين جي زميدارين ۽ ملازمن کي قرض پکا ڏيڻ جي زميوارين کان به آجي ٿي ويندي ۽ موٽ ۾ اهي ادارا ملڪ اندر ٻيون شاخون هلائي ماڻهن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪندا رهندا، جنهن ۾ ٻيون صنعتون به هلي پونديون، ان ڪري ادارن جي خانگائڻ جي اسپيڊ تيز هجڻ گهرجي پر اداران کي کپائي يڪ مشت پيسا ڪمائي رياست پنهنجو ڀڀ نه ڀري.

حڪومت ٽن وڏن ايئرپورٽن جي آئوٽ سورسنگ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي هلايا ويندا، ناڻي واري وزارت پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي (ECC) عالمي بينڪ گروپ جي نجي شعبي جي شاخ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (IFC) کي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ايئرپورٽس کي گهٽ ۾ گهٽ 25 سالن لاءِ نجي شعبي کي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر طور ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي ادائيگي جي دير واري معاملي تي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد بابت پاور ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري ملتوي ڪئي وئي ۽ وقتي گرانٽس جو هڪ سلسلو منظور ڪيو آهي، جيڪو اڪثر ڪري سياسي اسڪيمن لاءِ هڪ پائيدار ترقي جا مقصد يا عالمي طور تي طئي ڪيل سسٽينبل ڊولپمينٽ گولز تحت ڪم ڪندا رهندا. ان ڪري ملڪ جي ٽن وڏن ايئرپورٽن جي آئوٽ سورسنگ هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي دائري ۾ شروع ڪئي وئي آهي ته شفاف عمل ذريعي اهي ڪم اڪلائي سگهجن. پرائيويٽ سيڙپڪاري تحت ايئرپورٽ آپريٽرز کي مقابلي ۽ هڪ شفاف عمل ذريعي ايئرپورٽن کي هلائڻ جي زميداري ڏني ويندي ۽ گڏوگڏ اهي زميني اثاثن صحيح استعمال ڪرڻ سان گڏ تجارتي بنيادن تي واپاري سرگرمين جي لاءِ رستا هموار ڪرڻ ۽ وقت سِر وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا رهندا ۽ ايئرپورٽس جي مڪمل آمدني جي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو به ڪندا رهندا.

ڪابينا جي ميمبرن ۾ اختلاف راءِ آهي ته آءِ ايف سي جي ايئرپورٽس کي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ مقرر ڪرڻ تي ته ڇا اهو نجڪاري جي عمل ذريعي وڃڻ گهرجي پرائيوٽائيزيشن قانون تحت يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ قانون ذريعي ڪيو وڃي. حلانڪي وفاقي ڪابينا گذريل ڊسمبر ۾ فيصلو ڪيو هو ته انهن ٽنهي ايئرپورٽن جي آپريشن جي آئوٽ سورسنگ کي پبليڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي P3A ايڪٽ تحت معروف عالمي مالياتي ادارن کي شامل ڪري تيزيءَ سان مڪمل ڪيو ويندو. ايڪٽ P3A جي بورڊ جي منظوري سان سڌي معاهدي جي ذريعي هڪ بين الاقوامي مالياتي اداري کي ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر طور ڀرتي ڪرڻ لاءِ مهيا ڪري ٿو. سول ايوي ايشن اٿارٽي CAA ڪيترن ئي ادارن سان رابطو ڪيو پر صرف ورلڊ بينڪ جي IFC مشاورتي اداري ان تي اتفاق ڪيو ۽ آخرڪار هن مهيني جي شروعات ۾ اٽڪل 4 ملين ڊالر جي فيس لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر لاءِ معاهدو ڪيو. صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ وزارتي ڪميٽي اي سي سي کي ٻڌايو ته ماضي ۾ انهن ايئرپورٽس جي نجڪاري بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو هيو، ان ڪري نجڪاري قانون تحت ان تي غور نه ڪيو ويو. ڪميٽي ٽنهي ايئرپورٽن جي آئوٽ سورسنگ جو ڪم شروع ڪيو آهي ته جيئن هوائي اڏن کي هلائڻ لاءِ شفاف، ۽ چٽاڀيٽي واري عمل ذريعي هڪ مناسب پرائيويٽ سيڪٽر ايئرپورٽ آپريٽر ڳولڻ، زميني اثاثن کي ظاهر ڪرڻ، تجارتي سرگرمين لاءِ رستا وڌائڻ لاءِ حقيقي آمدنيءَ جي صلاحيت کي محسوس ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪم ڪن. اهي اهم اثاثا ۽ بعد ۾ آمدني CAA ڏانهن منتقلي ۽ مسافرن جي خدمت ۽ اطمينان کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا. اختيار P3A قانون جي تحت هڪ لاڳو ڪندڙ سرڪاري ايجنسي ۽ هڪ نجي پارٽي جي وچ ۾ تجارتي ٽرانزيڪشن لاء اڳواٽ طئي ڪيا ويا آهن. ڪجھ پاڙيسري ملڪن، خاص ڪري وچ اوڀر جي پارٽين، هوائي اڏن کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. انهن جي دلچسپي جي بنياد تي اي سي سي IFC کي ملازمت ڏيڻ جي اجازت ڏني ته جيئن مختلف ٽرانزيڪشن کي ان بنيادي خانگائڻ واري عمل سان ڳنڍيل فيس جي خلاف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ميڪنزم تحت ٽرانزيڪشن ڍانچو تيار ڪري، ان تي وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاري، جيڪا بعد ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ وقت سر وصول ڪري سگهجي، جيئن ڪاميابي جي صورت ۾ CAA کي ڪنهن به قيمت کان بچڻ لاء استعمال ڪئي ويندي. ڪميٽي پيٽروليم ڊويزن جي ٽن سمرين جي به منظوري ڏني جنهن جي منظوري تحت مارئي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ، پولش آئل اينڊ گيس ڪمپني لميٽيڊ، کيرٿر ايڪسپلوريشن کي ٻن سالن جي لاءِ ٺيڪي تي ڏنو ويندو.

حڪومت جي دعويٰ سمجھ ۾ اچڻ جهڙي ناهي ته هو هاڻي هڪ انچ زمين جو به نه کپائيندا، پر هاڻي هڪ انچ رهيو به هجي ته کپائن، ان کان اڳ 43 هزار ايڪڙ زمين سعودي ۽ اماراتي عربن کي ڏئي ڇڏي اٿن ۽ اهي اماراتي عرب ڪي پي ۾ چائينا جي مدد سان زرعي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندا ۽ جيڪا به اپت ٿيندن اهي سعودي جي ۽ اماراتي عربن جي کيسي ۾ وجهندا، باقي هاڻي رهيو ڇاهي جيڪو کپائيندا ۽ وري سنڌ جي رهيل کهيل زمين جنهن 52 هزار ايڪڙ وري پنجابي ۽ انهن ساڳن عرب سيڙپڪارن کي ڏئي ڇڏي اٿن، انهن ۾ چيني سيڙپڪار به شامل آهن پر ڳالھ اها به آهي ته اها جيڪي به زمين ڏني اٿن انهن تي فورن ڪم به ته ڪن ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي ۽ پڪ آهي ته اهي جيڪي به سيڙپڪار هوندا، اهي پنهنجن فيڪٽرين سان گڏ انهن علائقن ۾ پهرين انفرا اسٽرڪچر ته صحيح ڪندا، جنهن ۾ روڊ رستا، بجلي ۽ گيس جا نظام ۽ ٻيون سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪندا، جنهن سان علائقي واسين کي ڪجھ مدد ملندي ۽ ماڻهن کي روزگار ملندا يا ٻي صورت ۾ رياست جو به ڀلو ٿيندو پر اهو به مهل سان ٿئي.

2017 کان وٺي نون ليگ جي سرڪار ۾ انهن ٽنهي ايئرپورٽس جي خانگائڻ جو ڪم زيربحث هيو پر توڙ تائين نه پڳو ۽ هاڻي وري نگرانن جي هڻ هڻان کانپوءِ ساڳي ڳالھ وري پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ (پي ڊي ايم) جي سورنهن مهينن جي حڪومت کان ڦري گهري وري به نون ليگ جي سرڪار تي پڳي پر شيون ترت نه ٿيون ۽ 78 سال رڳو ان ڳالھ ۾ گذري ويا آهن ته پوين ڪجھ به نه ڪيو هاڻي اسان به ڪجھ نه ڪنداسين. ان ڪري ته سواءِ ڪرپشن ڪرڻ جي ۽ سواءِ سياسي مخالفن جي پڪڙڻ جي ٻيو ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچين، پر هيل ان خانگائڻ واري عمل کي سمجهڻو پوندو ۽ مهل سان شين کي اڪلائڻو پوندو، سموري دنيا جا ايئرپورٽس خانگايل آهن، جيئن شهري ٽرانسپورٽيشن جون گاڏيون ۽ پيرس جا ايئرپورٽ به خانگايل آهن اهي ملڪ ۽ ادارا ڪمائن ٿا، ان ڪري هي سرڪار به انهن ملڪ جي فٽ اسٽيپ تي هلي ۽ ادارن ۾ شفافيت ۽ ايمانداري جا ڪم سرانجام ڏئي ڏيکاري، پاڪستاني ايئرپورٽس ۾ قطر، اماراتي عرب ۽ سعودي جا شهزادا وڏي عرصي کان دلچسپي ڏيکارين ٿا ته اهي سڀ ايئرپورٽس خريد ڪن، ان ڪري عربن جي تيل جي دولت وارو دور ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ هونءَ به دنيا ۾ سو سالن کانپوءِ وڏيون تبديلون رونما ٿينديون آهن، جن ۾ سپرپاوري کان وٺي جنگين جا ڏچا ۽ ملڪن جو آزاديون به ممڪن هجن ٿيون ۽ گهڻي ڀاڱي وڏي ڀڃ ڊاھ ممڪن ٿئي ٿي، ساڳي ڳالھ وري عربن جي تيل جي دولتن سان لاڳاپي سگهجي ٿي، ان ڪري اهي ايئرپورٽس ۽ پي آءِ اي جا جهاز جن جي ذريعي سعودي ۽ اماراتي ڪنهن دور ۾ سکيا وٺندا هيا ۽ انهن جو پاڪستاني پائليٽن تي وڏو آرو هوندو هيو هاڻي اهي ئي عرب ملڪ وري پي آءِ اي کي وٺڻ لاءِ آتا آهن.

هيل تائين اهي ادارا جيڪي هروڀرو نقصان ۾ ٿا هلن جنهن ۾ پي آءِ اي 51 سيڪڙو هر سال نقصان ۾ ٿو هلي ان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو گهڻو پريشر اٿن ته اهي ادارا فورن کپائي ملڪ کي هڪ نقصان يا مسلسل نقصان مان ڪڍي هلن، ان ڪري ته هيل تائين ڪو به شخص يا سيٺ يا گهڻي ڀاڱي پرائيويٽ ادارا ڏيوالي جو شڪار ناهن ٿيا، پر ادارا مسلسل ٿيندا رهن ٿا، ان ڪري ته انهن ادارن ۾ ڪرپشن گهڻي ٿي ٿئي ۽ آڊٽ ڪو به ڪلياڻ نه ٿيون ڪن، پر اهي ئي ادارا جڏهن خانگايا ويندا ته اهي اربين روپيا منافعي جي مد ۾ ڏيندا رهندا جيئن بينڪون 2000 واري دور کان اڳ ڪروڙين روپيا نقصان ڏينديون هيون، سي هاڻي اربين روپيا منافعي ۾ هلن ٿيون، ساڳي ريت جيڪي به ادارا نقصان ۾ ٿا وڃن، اهي خانگائڻ کانپوءِ نفعي ۾ ويندا، ان ڪري حڪومت به انهن کي فورن خانگائي پر کپائي نه، ڇو ته کپائڻ سان نقصان ٿيندو پر خانگائڻ سان فائدو.