بلاگ

ڪلاسيڪل ڪهاڻيڪار   اڪبر سومرو  

خالد پرويز

“تون پنهنجا  پير  اوري  ڪر  ته  آء  چمان. مون  کي  پنهنجو ھٿ  ڏي  ته  آسمان  جي  راهن  تي  هلان. تون  مونکي صحيح  گس  ڏيکار  جيئن  سامونڊين  کي  تارن  رستي ڏيکاريندو  آهين.”

ھي  اکر   ڪنهن  صوفي  سنت  جا  لکيل   ناهن  نه  ئي  گرو رجنيش  جا  آهن.  ھي  لفظ  اڪبر  سومرو جي  ڊائري  جي پنن  مان  ھٿ  ڪيل  آهن.اڪبر سومرو سان منهنجي  ساٿ  کي  ٽي  ڏهاڪا  ٿي  ويا  آهن. يونيورسٽي  دور  ۾  اسان  ڪلاس  ميٽ رهياسين. 

يونيورسٽي  مان  نڪتاسين  ته  پوء  سڄي  سنگت  چلهر راند  جي  ڪوڏين  وانگر   هيڏانهن  هوڏانهن  ٿي  وئي.ڪن شاديون  ڪيون  گهر  وسايا، ڪن  نوڪريون  ڪيون  ڪن وري  وڃي  بني  ٻارا  آباد ڪيا. اڪبر سومرو   پلانٽ  بريڊنگ جي  سائنس  ۾  ماسٽرس  ڪئي. اڪبر  کي  ھئڻ  ته  هيئنر ڪنهن وڻن  ۽   ٻوٽن  جي  تحقيقاتي  اداري  ۾  ريسرچر  کپي  ها. ۽   انبن  کي  زيتونن جي  وڻن  سان  لڳ  ڪرائي  ڪنهن نئين   ميوي  جي جنس متعارف ڪرائي  ها. پر  ابا  هتي  نوڪري  جي حساب  سان  ڳالھ  ئي  ٻي  ٿي  وئي  ته  ڪيڏانهن  منهن مريم  جو  ڪيڏانهن  ٽنڊوالهيار وارو ڪم  ٿي ويو،ٽنڊي الهيار  جي  ڳالھ  تان آيس   ته  اڪبر سومرو  به  اصلئين  راھب  پاڙو ٽنڊوالهيار ،اسان  سڄي  سنگت   جيڪي  هاسٽلر  هئاسين انهن  جو  يار. صبح جو روزسويري  چڙهندو  هو  بس  ۾ ، يونيورسٽي مان  واندا  ٿيندا  هئاسين  پوء  اڪبر  اسان  جي  حوالي ڪڏهن   سج  لٿي  پيو گهر  وڃي  ته  ڪڏهن  سنگت  زوري رات  ٽڪايو  ڇڏيس  هاسٽل  ۾   پوء  هلنديون  هيون    ڪچهريون  راتيون  جاڳندي  گذاريوسين.اڪبر قد بت ۽  شڪل  صورت  ۾  ڪنهن  فلسطيني عرب  نوجوان   جو  ڏيک  ڏيندو  آهي. اسان  جي  سڄي سنگت  هئي  سفيد  پوشن  جو  اولاد  کيسي  ۾ پئسو  به  پورو  سارو  سو  ٺاھ  ٺوھ  ۾   به  سڀني  کان پاسيرا ، پر  اڪبر  وڏي  ڪمال  ڪاريگري  سان  پنهنجي غربت  کي  استري  ڪري  اڪثر  سفيد  ڪپڙا   پهريل سنگت ۾   نوابن  جيان  نظر  ايندو  هو. سگريٽ ته خبر ناهي ڪهڙا هوندا هئا  پر  پاڪيٽ سدائين  گولڊ  ليف  جو  هوندو  هئس. 

اڪبر  جي  ڳالهائڻ  جي  انداز  ۾   وڏي  سنجيدگي  هوندي هئي.  اکين  ۾   سدائين  لالاڻ  نظر  ايندي  ھئس.

ڪتاب  اھي  ساڳيا  ئي  پڙهندا  هياسين ، مان، پھاڙون  ڪي بيٽي، چين  جو  ثقافتي  انقلاب. روس  جو انقلاب  مارڪسي  فلسفو. ويٽنام  جو  انقلاب . اهي هئا اسان  جي  ڪچهرين جا  موضوع  . چي گويرا ،ليلاخالد ، زرقا، ويٽنامي انقلابن  جا  هيروز  اسان  جا  به  هيرو  هوندا هئا پر  اڪبر  انهي  وقت  ۾   به  ڊيل  ڪارنيگي  ۽ گرو    رجنيش  کي  پيو  پڙهندو  هو.انقلاب ۾ اهڙو ويساه جو جهڙو   صبحاڻي  جي  سج  اڀرڻ ۾  ويساه  هوندو  هئس. اسد  گاڏاھي  ۽   اڪبر سومرو اوڻيھ  سو  ٽيااسي  ڌاري  ايم  آر ڊي  جي  تحريڪ  ۾ جيل  ۾  به  رهيا  ۽ کين  نارا  جيل  موڪليو  ويو .مدد علي سنڌي سان اڪبر جي  تڏهن  کان دوستي آهي  جڏهن هو    حيدرآباد   مان  اخبار  ڪڍندو   هو ، جنهن جو چيف  ايڊيٽر  پڻ هو. 

نالو   جي  ياد  ٿو  اچيم   ته   شايد سنڌ   نيوز   اخبار   ھئي. اها  اخبار  قاضي  اڪبر  وارن  جي ھئي.اڪبر   پوء   ابراهيم  جويو  صاحب  جي  نگراني  ۾ رسالو ” هدايت” جو  به  اسٽنٽ  ايڊيٽر ٿيو.جنهن  تي  ملن  گوڙ  به  ڪيو  ته ” ھدايت” رسالي  جو  سڄو  سٿ  ڪميونزم  جو  پرچارڪ  آهي.سندس انهي قلمي  پورھئي  ۽   يونيورسٽي ۾   نظرياتي  تعليم  علمي  ادبي  انقلابي  فڪري  ڪچهرين جي ڪري، اڪبر اڄ گهڻ رخو ڪمال  ڪاريگر  لکندڙن  مان  ٿي  پيو  آھي.اڪبر  هڪ  ئي  وقت  ڪهاڻيڪار ، مضمون  نويس، ناول  نگار  شاعر    ۽ مصور  به  آهي. اڪبر  سومرو  جو  پهريون  ڪتاب “ڪيسو  ڦل ” جڏهن مارڪيٽ  ۾   آيو  هو  ته  امر جليل  لکيو  هو  ته  ادب جي  ميدان  ۾  هئنير  کوڙ  سارا   نوجوان  اديب  ميدان ۾   آهن ،اڪبر  سومرو  انهن  جو  سرواڻ  آهي.اها ته ٿي پنجويھ سال اڳ جي ڳالھ جڏهن   سندس  پهريون  ڊائري نماء   ڪتاب  ڪيسو ڦل آيو  ھو.

انهي  کان  پوء  اڪبر  خوب  لکيو. سندس ڪتاب  جيڪي هن  مهل  ياد  پيا  اچن  تن  مان  “بوتيڪ  کان  بيڊ  روم تائين ” ڪهاڻين  جو  ڪتاب  جيڪو  پوء  اردو   ۾   به ترجمو  ٿيو،  سندس  ناول”  هڪ  شهر  جي  ڳالھ  پڻ  اردو ۾  ترجمو  ٿيو. ” ڊسٽ بن ”  ۽   ٻيا ڪتاب لکيا. 

۽  علمي  ادبي  حوالي  سان  پنهنجو   پاڻ  مڃرايائين اڪبر  جن  جن  موضوئن  تي  لکيو  آهي  ڏاڍن  نرالن موضوئن  تي  لکيو   اٿس  ۽    ڪمال  جو  لکيو آٿس.

مون  کي  سندس  لکڻيون  پڙهڻ  کانپوء  ائين  لڳندو  آهي ته  مان  ڪنهن  اهڙي  ريسٽورينٽ  ۾   ويٺو  آهيان  جنهن ۾  هلڪي  هلڪي  روشني  سان  گڏ  مڌهم سرن ۾ انگريزي  موسيقي  به  ڪنن  سان  ٽڪرائيندي هجي.   منهنجي  ذاتي  راء  جيڪا  اڪبر  جي  لکڻين  بابت رهي آهي  سا  اها  ته  اڪبر  عوامي   ليکڪ  ناهي  نه  ئي  سندس  لکڻين  جو  انداز  عوامي  آهي.  اڪبر  اليٽ  ڪلاس جي  علم  ۽ ادب  پڙهندڙن   جو  ليکڪ  رهيو  آهي.جنهن پڙهندڙ جي گهر ۾ لئبرري آهي انهي گهر  ۾ 

اڪبر  سومرو  جي  لکڻين  جا  ڪتاب  ضرور  ملندا.

مون  اڪبر  جي  لکڻين  کي  تجريدي  آرٽ  جي  تصويرن جيان  ڀانيو  ۽   سمجهيو  آهي، يا  ائين  کڻي  چئجي  ته اهي  وڏي  گهرائي  واري  مفهوم  ۽  معنا   واريون لکڻيون آهن  جيڪي  مونکي  ڪنهن  آرٽ فلم    جيان  لڳنديون  آهن. سندس لکڻيون ڪنهن خوبصورت  چترڪاري  کان  گهٽ  ناهن. جڏهن  به  مون  سندس  لکڻين کي  پڙهيو  آهي  ته  ائين  لڳو  اٿم  ته  اڪبر  ڪاريگر سنگتراش  آهي  سندس  لکڻيون  پڙهڻ  کان  پوء  سوچيندو آهيان  ته  سندس  لکڻين  کي  ڪنهن      آرٽ  ڪائونسل  جي  گيلري ۾  شاهڪار تصويرن  وانگر ٽنگي ڇڏجي يا ڪنهن  خوبصورت  بت  تراش جي خوبصورت   مجسمن  وانگي  گيلري  ۾ سجائجي، مدد علي  سنڌي، غلام رباني آگرو، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي سومرو ۽    ٻيا  کوڙ  سارا  ادبي  لڏي  جا  ادبي  فڪري پڙهندڙ  ۽ لکندڙ  اڪبر سومري  جا  مداح   آهن. غلام نبي سومرو  ۽  اڪبر سومرو  ٺيٺ  ادبي  ڪچهري جا  راڻا، مجال  آهي  جو  ادبي  ڪچهري  جي  سر  تال  کان ٻاهر  نڪرن.اڪبر يونيورسٽي مان فارغ ٿيو ته وڃي  اسلام آباد  جا وڻ  وسايائين.  جتي  کيس  پهريئن    نوڪري  سينٽ  ۾  ملي   جتي  سينٽ  ۾  سينيٽرز  تقريرون  ڪندا  هئا  اهو  سڀ   مواد  ڇپائي  ڪتابي  صورت   ۾   آندو ويندو  هو. اتان وري کيس محڪمي  شماريات  ۾  ڪا  نوڪري  ملي  ته  فلاڻي  جگھ  تي  ھاء  وي  تي  وڃي  فلاڻي  ٽول  پلازا  تي ويھ  ۽   اٺن  اٺن  ڪلاڪن  ۾   روڊ  تان  ڪيتريون  گاڏيون آيون  ۽  ويون  انهن  جو  حساب  ڪتاب  روز  رپورٽ ڪرڻو آهي.  سو  اڪبر  پيو  گاڏيون  ڳڻيندو  هو.چڱو عرصو اتي رهيو   وري  ابا  اتان  نوڪري مليس  هاء  وي کاتي ۾ .

  اڪبر  زراعت  جي  ڪم ڪار  کان  ڇٽو  هاڻ  ٿيو  وڃي  روڊن  رستن  جو  انجنيئر سو  به  بلوچستان  ۾ .

بلوچن  سان  جا  لڳي  اٿس  ته  سسئي  پنهون  وارا  پيچ اڙجي  ويا  اٿس.  همراه  سنڌ  ورڻ  جو  نالو  ئي  نٿو وٺي.ھاڻي ته ڪنهن وڏي گريڊ ۾ آهي.اسان هڪ  ٻئي ڏانهن  سماجي  طور  رهيل  پاءُ  پاڻي جا ليکا  لٿ  پٿ  ڪري ڇڏيا  آهن.قربتن  ۾   ڪا  ڪمي  ڪونهي.

اڪبر  مونکي  تنهنجي  چيچ  ۾   پاتل  اهو  چاندي  جو ڇلو  اڃا  ياد  آهي. تنهنجي  ڳچي  ۾   پاتل  صليب  جي نشان  وارو  لاڪيٽ  اڃا  ياد  آهي، جنهن  کي  تون ساھ  جيان  سانڍي  هلندو  هئين. مون  وٽ  انهي  ڪرسچن ڇوڪريء   جو  تصور  اڃا  به  آهي  جنهن  جو  ذڪر  ته  تو ڪڏهن به  ڪونه  ڪيو  پر  اها  ڇوڪري  توکي  پاتل صليب جي  نشان  مان  ليئا  پائيندي، مونکي   نظر  ايندي  هئي. اڪبر سومرو  ۽  مارو سنڌي  جي  وچ  ۾   هڪڙي  سگريٽ تان  ڪشمڪش  اڃا  ياد  آهي.اڪبر سومرو جو تازو ناول “کماچ”  مارڪيٽ ۾ آيل آهي، مون کي سندس انهي ناول جو انتظار ھو،اڪبر  تون  جتي  به  هجين  آباد هجين. خوش  هجين    سنڌ  اچين  ته ملڻ جي ڪجان ،بلوچستان وڃڻ کان پوء ملندي به وريھ ٿي ويا آهن.

ناول کماچ 

 

خالد پرويز

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.