سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن لاءِ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: فاروق ستار
فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آچر ڏينهن تنظيم جي بحالي لاءِ افطار پارٽي جو سڏ ڏنو آهي. آفاق احمد ۽ مصطفيٰ ڪمال کي به دعوت ڏني آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان مون کي دعوت ۾ نه گهرايو پر مان خالد مقبول صديقي کي دعوت ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ اندر صوبو ٺاهڻ کان انڪار ڪيو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ته منظور ٿي سگهي ٿو، پر اهو اسان کي منظور نه آهي. پنجاب اندر صوبن جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته سنڌ اندر صوبي جي ڳالهه ڇو نٿي ٿي سگهي. سنڌ اندر نئين انتظامي يونٽ لاءِ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. انتظامي يونٽ مان ڪنهن به سنڌي ڀاءُ جي حق تلفي نه ٿيندي.

