نئون

لياقت اسپتال ۾ مسلسل مانيٽرنگ ڪئي وڃي: هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سيشن جج کي حڪم جاري ڪيو آهي ته هو هر مهيني لياقت اسپتال جو دورو ڪري ان جي رپورٽ جمع ڪرائيندو رهي. هي فيصلو ان وقت ڪيو ويو جڏهن جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي مشتمل هاءِ ڪورٽ جي بينچ پاران ڄاول ٻار جي اغوا جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پئي وئي. هن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪورٽ ايس ايس پي حيدرآباد کي حڪم ڏنو ته هو جلد ٻار کي بازياب ڪرائي. ان موقعي تي ڪورٽ پاران لياقت اسپتال جي ڪارڪردگي تي به ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون سامهون آيون. اسپتال ۾ موجود سي سي ٽي وي ڪئمرائون گهٽ ڪوالٽي جون آهن، ڪجهه علاج واريون مشينون به خراب ٿي ويون آهن، جنهن جي تبديلي جي درخواست ڏني وئي آهي. هن معاملي بابت ڪورٽ فنانس سيڪريٽري کي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. اهي مشينون جيڪي خراب آهن انهن ۾ وينيٽليٽر، ڊائلاسس مشين ۽ انفنٽ وارمر شامل آهن. هن بابت ايم ايس چيو ته انهن کي بيڪ ڪرائڻ لاءِ فنڊ گهربل آهن. ان موقعي تي هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي اهلڪار ڊاڪٽر مبين چيو ته انهن مشينن کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي، ٽينڊر لکجي چڪو آهي، ڪورٽ پاران هن عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته اسپتال جون آپريشنز ڄامشورو برانچ ۾ ڪيون وينديون آهن، جتي بجلي جي بند ٿيڻ سبب اهي وقت تي نه ٿي سگهنديون آهن. جنهن بعد ڪورٽ پاران حيسڪو کي حڪم جاري ڪيو ويو ته اها ان مسئلي کي حل ڪري.