نادرا جي نئين پاليسي سبب پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ آسان ٿي ويو
خبرن موجب نادرا جي نئين پاليسين کانپوءِ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ لڳا آهن، جنهن ۾ بنگالي، برمي ۽ افغاني شامل آهن. هن ڏس ۾ سامهون ايندڙ خبرن موجب نادرا جي چيئرمين عثمان وائي مبين پاران سموري ملڪ کي ڇڏي صرف ڪراچي سينٽرن لاءِ پنهنجي الڳ پاليسي جاري ڪئي آهي. ان پاليسي موجب ڪراچي جا سمورا نادرا سينٽر صبح جو نائين وڳي کان رات جو نائين وڳي تائين کليل رهندا. ڪنهن به فرد جي شناختي ڪارڊ جي درخواست کي فارم تي اعتراض هڻي نه سگهندا. جنهن ڪارڻ ڪراچي اندر سالن کان رهندڙ غير ملڪين جا رڪارڊ ٺهڻ آسان ٿي پيو آهي. هن پاليسي سان اختلاف رکندڙ آفيسرن کي يا ته عهدي تان هٽايو ويو آهي يا وري انهن جون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته گهرو وزير احسن اقبال پاران عثمان وائي مبين کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن اچڻ شرط ئي نادرا ملازمن جي يونين کي غير فعال ڪيو آهي. واضح رهي ته خبرن موجب عوام پاران الزام لڳايو ويو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ نادرا آفيس آڏو جماعت اسلامي پاران ڌرڻو هنيو ويو هو جنهن کانپوءِ ئي هن قسم جي پاليسي جوڙي وئي آهي. چيو وڃي ٿو ته جماعت اسلامي وارا ايندڙ چونڊن ۾ ووٽرن جو تعداد وڌائڻ لاءِ هن قسم جي گهر ڪئي آهي ۽ هر طرح سان اهي چونڊن ۾ پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.

