نئون

هي ڪم ڪري ڏيکاريندڙ کي هڪ ارب رپيا انعام ملندو

آمريڪا جي ٽيڪنالاجي جي ڪمپني ايڪس پرائز اعلان ڪيو آهي ته ڪوبه اهڙو شخص يا ادارو جيڪو 100 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي موجود روبوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو نظام ٺاهيندو ته ان کي هڪ ارب رپين (10 ملين ڊالرن) جو انعام ڏنو ويندو. ياد رهي ته اسپيس ايڪس هڪ اهڙي ڪمپني آهي جيڪا نئين ايجادن لاءِ انعامي مقابلا تيار ڪندي رهندي آهي. موجوده ايوارڊ کي ڊي اي اين اي ڊي ايڪس پرائز اوتار چئلينج جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ايوارڊ جو مقصد آهي ته هڪ روبوٽ کي 100 ڪلو ميٽرن کان پري رموٽ ڪنٽرول جي انداز ۾ ڪنٽرول ڪندڙ سسٽم تيار ڪيو وڃي. هن ايوارڊ لاءِ رقم هڪ جاپاني ڪمپني ڏيندي ۽ اسپيس ايڪس هن سڄي پروگرام جو بندوبست ڪندو. جنهن ۾ اميدوارن جي رجسٽريشن، اهڙن اميدوارن جي ايجادن کي جاچڻ جا ڪم ڪندو. اهو پروگرام مشهوري جون ڪيمپين به هلائيندو. واضح رهي ته هن قسم جي ايجاد ڪرڻ لاءِ اميدوارن کي 2019ع تائين جو وقت ڏنو ويو آهي ۽ 2020 ۾ اهڙين ايجادن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪيا ويندا، جنهن جي آخر ۾ کٽندڙ ٽيم يا فرد کي هڪ ارب رپين (10 ملين ڊالرن) جو انعام ڏنو ويندو. ايڪس پرائز جي مالڪ پيٽر ڊائمينڊس جو چوڻ آهي ته هو اهڙي قسم جا روبوٽ تيار ڪرائڻ چاهي ٿو، جنهن جي مدد سان آفت وارن علائقن ۾ انساني رضاڪارن بجاءِ ڪنهن روبوٽ کي موڪلي ان جي هٿان امداد پهچائڻ آسان ٿي پوندو.