بلاگخاصنئون

موڪلن ۾ نينگر اسان جو ڇا ڪري؟

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

موڪلن ۾ نينگر اسان جو ڇا ڪري؟

الطاف شيخ

حيدرآباد ۾ منهنجا ناناڻا آهن جن سان تعلق رکندڙ سئوٽ، ماسات، ڀائيٽا ڀاڻيجا… هڪ وڏو خاندان آهي. انهن مائٽن مان هڪ جي گهر ۾ منهنجو ٽي چار ڏينهن رهڻ ٿيو. هنن جي هڪ ڇوڪري انٽر جو امتحان ڏنو هو … بلڪه امتحان جي رزلٽ به نڪري چڪي هئي ۽ هن جي مائٽن کي قوي اميد هئي ته هن کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا ضرور ملي ويندي. هن جي مائٽن يعني والدين ڇوڪري جي پهرين ڏينهن ئي مون سان ڏاڍي تعريف ڪئي جيڪا ٻڌي مون کي به خوشي ٿي ته اسان وٽ اهڙا ئي ڇوڪرا هجڻ کپن… پر ٽي ڏينهن رهڻ دوران هن ڇوڪر جي مون کي هڪ ڳالهه بنهه نه وڻي. رات جو جنهن وقت به اک کلي ته هي همراهه ڪمپيوٽر تي فيس بڪ کوليو ويٺو آهي يا ان تي پتي راند پيو کيڏي. رڌڻي مان ڪڏهن ڪا شيءِ کڻيو ويٺو کائي ته ڪڏهن چپس يا چونئرن جي ٿيلهي کولي ويٺو چَري، اڍائي ٽين وڳي ڌاري ٿي ستو. صبح جو ظاهر آهي اٿڻ جو نالو نٿي کنيائين. آئون روز صبح جو نيرن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهه سڃاڻن سان ملي ٻارهين هڪ وڳي اچان ته به ستو پيو آهي. پوءِ ٻين وڳي ڌاري اٿي پهرين چانهه ۽ پوءِ هيوي لنچ کائي رموٽ هٿ ۾ کڻي ٽي وي جي سامهون هڪ صوفا تي اڌ گابرو ليٽي گانا ۽ فلمون ڏسڻ جو سلسلو شروع ٿي ڪيائين ته رات ٿي ٿي وئي ۽ پوءِ وري ڪمپيوٽر جو سلسلو… مون کي لڳو ٿي ته سگريٽ جو به شوق ڪيائين ٿي. ماءُ ۽ ننڍا ڀاءُ ڀيڻ سندس اڳيان اهڙا خدمتگار ٿيو پئي هليا ڄڻ هن انٽر جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي اهڙا ڪي ڦاڙها ماريا آهن جو هن جو رتبو پير مرشد کان به اتاهون ٿي ويو آهي.

سندس ماءُ جيڪا منهنجي اولاد برابر ٿئي ان کي نيٺ آخري ڏينهن تي چيم ته “پٽ هي آهي ڇا؟!”

“انڪل ڇا ڪريون يونيورسٽي ۾ داخلا ۽ سيميسٽر شروع ٿيڻ ۾ ته اڃان ٻه مهينا پيا آهن”، هن جي ماءُ وراڻيو، “هن ملڪ ۾ ته ڪجهه آهي به ڪونهي جو هو وڃي دل وندرائي.”

مون کان ٽهڪ نڪري ويو. “ڳالهه ٻڌو هڪ ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه آهي ۽ ٻيو ته هيءَ عُمر ڪا هن جي دل وندرائڻ جي ناهي. پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ هن کي وقت وڃائڻ بدران ڪو هنر سکڻ کپي… جيڪو ٿي سگهي ٿو کيس اڳتي جي زندگيءَ ۾ ڪم اچي سگهي.”

“توهان ئي کڻي ٻڌايو ته هن کي سمجھايان ته ائين ڪري.” هن پڇيو.

“آئون ڪجهه چوندس ته توهان دل ۾ ڪندوَ، پر سچ اهو آهي ته جسماني طرح توهان جي سُست پٽ کي کپي ته ٻيو ڪجهه نه ته حجامڪو ڪم کڻي سکي… ان ۾ ڀڄ ڊُڪ ۽ محنت به گهٽ آهي. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته ڪاش جي زندگي موٽي اچي ۽ پوءِ ڀلي اها ئي زندگي ري پلي ٿئي، پر انٽر بعد وارن ٻن ٽن مهينن جي موڪلن ۾ آئون جيڪر حجامڪو ڪم به سکي وٺان ها.”

هوءَ  اهو ٻڌي وائڙي ٿي وئي، پر ٻي گهڙيءَ ان کي چرچو سمجھي کلڻ لڳي.

“انڪل توهان ڪهڙيون ته ڳالهيون ڪريو ٿا.”

“پٽ! آئون بلڪل سيريس آهيان. ڪو چرچو نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجي والد منهنجو اهو موڪلن وارو وقت پنهنجي پَر ۾ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ مون کي هڪ موٽر مڪينڪ وٽ ڪم تي لڳايو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان جو فائدو مون کي جهازن جي انجنيئرنگ جي تعليم دوران رسيو جو مون کي گئريج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري انجڻ جي مختلف پارٽس جي اڳواٽ آئيڊيا ٿي وئي هئي ۽ مون کي ڪلاس روم ۾ ليڪچر سمجهه ۾ اچي ويندا هئا.”

“پر انڪل توهان حجامڪو ڪم سکڻ جي ڇو ٿا خواهش ڪريو؟” ڇوڪري جي ماءُ پڇيو.

“بابا حجامڪي ڪم جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! اسان وٽ ان کي عيب سمجھيو وڃي ٿو، پر ولايت ۾ ته حجام جي وڏي لئه آهي.” مون ٻڌايومانس.

جاپان يا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جِتي جهاز جي ترسڻ ڪري گهڻي خوشي ٿيندي هئي اتي وار وڏا ٿيڻ تي باربر شاپ ڏي رخ ڪرڻ کان گھٻرائبو هو. هينئر به سَستي سَستي هيئر ڪٽ ته به آمريڪا ۾ ڏيڍ هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ ساڳيو ريٽ جاپان ۾ آهي. ڪوشش ته اها ئي ڪندا هئاسين ته ڪنهن سوڊان يا موزمبق جهڙي آفريڪي ملڪ ۾ جهاز پهچي ته اتي هيئر ڪٽ ڪرائجي يا پنهنجي ملڪ موٽي اچي.

بهرحال جهاز جي نوڪري دوران ته وري به پگهار سٺو هجڻ ڪري ايڏي ٽينشن نٿي ٿي، پر سُئيڊن ۾ ٻه اڍائي سالَ تعليم دوران هيئر ڪٽ پٺيان ايترو پئسو وڃائڻ تي ڪڏهن به دل نه چاهيو. سُئيڊن ۾ هيئر ڪٽ جو اگهه آمريڪا ۽ جاپان کان به مٿي آهي، پر اهو آهي ته اتي ڪي اهڙا به دڪان آهن جتي سيکڙاٽ ڇوڪريون فقط ڏيڍ هزار رپين ۾ جهڙي تهڙي هيئر ڪٽ ڪري وٺنديون هيون، اتي اسان جي يونيورسٽي جا ڪيترا ويٽنامي، چيني ۽ سنگاپوري شاگرد جن کي هيئرڪٽ ڪرڻ آئي ٿي اهي به انهن سان ملي هفتي جا موڪل وارا ٻه ڏينهن گراهڪن جا وار لاهيندا هئا ۽ ٻن ڏينهن ۾ ويهه هزار رپين کن جا ڪرونا (سُئيڊن جا پئسا) ڪمائي وٺندا هئا. نه رڳو آئون پر منهنجا ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ اهوئي چوندا هئاسين ته ڪاش سُئيڊن اچڻ کان اڳ اسان به هيئر ڪٽ سکي اچون ها. مٿين چيني شاگردن مان هڪ ته پنهنجي سال جي حجامڪي ڪمائيءَ مان سيڪنڊ هئنڊ ڪار به ورتي… ۽ اسان ڏٺو ته هن جي زندگي اسان کان بهتر گذري ٿي.

دراصل ڳالهه اها آهي ته ڪو به هنر سکڻ عيب ناهي. اهو اسان جهڙن پٺتي پيل ماڻهن جي دماغَ ۾ ويهي ويو آهي ته پورهيو ڪري حق حلال جو نه کائجي باقي گهٽ پگهار تي روينيو جهڙي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪجي جو اتي رشوت جو پئسو آهي… اتي عوام جي زندگيءَ سان راڱا ڪري پنهنجو کيسو ڀري سگهجي ٿو… آئون سنڌ جي هڪ ٻن شهرن جي ڪجهه اهڙن ماڻهن کي به سڃاڻان جن ڊاڪٽري يا انجنيئري ڇڏي ڪسٽم، ايڪسائيز ۽ روينيو جهڙن کاتن ۾ ڪلارڪي ڪرڻ قبول ڪئي ۽ هاڻ پئسن سان کيسا ڀري خوش نظر اچن ٿا.

مون سان گڏ هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ هو تنهن فقط ٻه سال جهاز جي نوڪري ڪئي ان بعد نظر نه آيو…. هن کي سمنڊ تي سي سڪنيس ڏاڍي ٿي ٿي. ايتري قدر جو اسان کي به ڏک ٿيندو هو جو هو هڪ غريب جو ٻارُ هو. انٽر تائين هن پورهيا ڪري اسڪولن جي في ۽ ڪِتاب ٿي ورتا. هو پنهنجي چاچي وٽ سلهٽ ۾ چاٻيون ٺاهڻ ۽ تالا کولڻ جو ڪم ڪندو هو، پر محنتي ۽ هوشيار هجڻ ڪري نه فقط اسان واري اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويو، پر اسڪالرشپ به مليس. هن جا ڄڻ ڏک درد ختم ٿي ويا، پر قسمت جا ليکا به عجيب ٿين ٿا. تعليم مڪمل ڪري جهاز تي آيو ته هن لاءِ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن عذاب ٿي پيو… ۽ پوءِ اسان هن بابت نه ٻڌو… هن جهازن جي نوڪري شايد ڇڏي ڏني.

اٺ نو سالن بعد هڪ دفعي منهنجو جهاز سنگاپور پهتو ته هي بنگالي ڪلاس ميٽ مون سان ملڻ لاءِ جهاز تي آيو… بلڪه مون کي ۽ منهنجي فئملي کي اها شامَ گهمائڻ لاءِ پنهنجي ڪار ۾ وٺي هليو… ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائين ته اڄ کان 8 سال کن اڳ جڏهن هن سامونڊي نوڪري کان استعيفيٰ ڏني ته کيس سنگاپور ۾ پاڻي جي جهاز تان لاٿو ويو ۽ کيس ڪمپني طرفان پنهنجي وطن بنگلاديش موٽڻ جي هوائي ٽڪيٽ ڏني وئي. فلائيٽ ۾ ٻن ڏينهن جو گئپ هو سو ڪمپني طرفان کيس هوٽل ۾ رکيو ويو.

“اهي ٻه ڏينهن سنگاپور جي گهٽين جا چڪر هڻندي مون کي هڪ چاٻين ٺاهڻ واري جو دڪان نظر آيو”، هن ٻڌايو، “مون هن جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي ته مون کي هي ڪم اچي ٿو تون مون کي پاڻ وٽ رکندين؟ هن منهنجو ٽيسٽ وٺڻ لاءِ هڪ ٻه تالا ڏنا ته هنن کي کولي ڏيکاريان.”

اسان جي جهازي دوست ٻڌايو ته هو ان ڪم ۾ ته تمام ماهر هو سو چيني دڪاندار هن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي يڪدم نوڪري ڏنائين.

ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڪار جي يا گهر جي چاٻي گم ٿي وڃي ته چاٻي ٺاهڻ واري کي فون ڪرڻ سان هو يڪدم پهچيو وڃي، پر هن جي في تمام ڳري ٿئي ٿي. ان جو احوال پنهنجي سنگاپور واري سفر نامي “سنگاپور ٿو سڏ ڪري” ۾ به لکي چڪو آهيان.

“چيني دڪاندار ٻه سال کن مون کي پگهار تي رکيو”، اسان جي بنگالي دوست ٻڌايو، “ان بعد هڪ نئون دڪان وٺي ڀائيواري سسٽم ڪيوسين… ۽ هاڻ شڪر آهي جو اڄ پنهنجي ڪار اٿم ۽ شهر جي سٺي علائقي ۾ فليٽ اٿم…. ٻار هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.”

سو يارو! هنر سکڻ يعني هٿ جي پورهئي ۾ ڪو نقصان نه آهي ۽ اهو فقط اتي عيب سمجھيو وڃي ٿو جِتي جا ماڻهو جاهل آهن ۽ احساس ڪمتري جو شڪار آهن… مون کي هر دفعي انڊيا وڃي ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيندو آهي ته ڇو ڀلا ٻئي ملڪ ساڳئي ننڍي کنڊ ۾ هوندي اسان وٽ هنر ۽ پورهئي کي عيب سمجھيو وڃي ٿو، پر انڊيا ۾ هندو توڙي مسلمان نوجوان ٽهي پڙهائيءَ کان علاوه ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ به رڌل نظر اچي ٿي!