پرڏيهي طاقتن ذريعي اليڪشن کي خراب ڪرڻ جي سازش ٿي سگهي ٿي: اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري
پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ايندڙ چونڊن کي نقصان پهچائڻ لاءِ پرڏيهي طاقتن ذريعي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن چونڊن جي لائيو ٽيلي ڪاسٽ لاءِ ڪئمرا هڻايا آهن، جنهن جي هيڪنگ ٿي سگهي ٿي ان ڪري چونڊن کي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. اهي ڪيترا شرپسند عناصر ۽ اليڪشن جي عملي تي به نظر رکندا. خبرن موجب سينيٽ جي قائم ڪميٽي جي داخلا واري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته گذريل اليڪشن دوران ملڪ ۾ حالات خراب رهيا هئا، جيڪڏهن هر پولنگ اسٽيشن تي پوليس جا پنج اهلڪار به موجود هجن ته ساڍا ٽي لک اهلڪار گهرجن ٿا جيڪي چونڊن دوران جيڪي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون خدمتون ڏيندا رهن. فوج کي چونڊن جي سيڪيورٽي ڏيڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو آهي. جڏهن ته اهڙا اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ نه آهن ان جو اختيار صرف قائد ايوان ۽ قائد حزب اختلاف ئي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته چونڊن کي خراب ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سازش ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ مان ان ڪئمرا بريفنگ به ڏيئي سگهان ٿو. واضح رهي ته 2018ع ۾ چونڊن لاءِ 85 هزار پولنگ اسٽيشنون هونديون ۽ ويهه هزار پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي تقرير نه ڪئي وڃي جنهن سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي. چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ بيلٽ پيپر خاص قسم جا آهن، جن ۾ خصوصي سيڪيورٽي فيچر رکيل آهي جنهن جي هن مهل تائين مون کي به خبر نه آهي. فالتو پيپر نه ڇاپيا ويندا ۽ چونڊن تائين پيپرن کي سيف هائوس ۾ رکيو ويندو.