ٻنين مان بيڪار گاهه ختم ڪندڙ روبوٽ تيار
ٻنين مان گاهه ۽ ڪچري کي نه صاف ڪيو وڃي ته اهو فصل لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. هاڻي ان گاهه کي صاف ڪرڻ لاءِ هڪ روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي ۽ هن ڪم جي لاءِ ڪنهن به انسان جي مدد جي ضرورت نه آهي. هن روبوٽ کي سوئيٽزرلينڊ جي هڪ ڪمپني ايڪو روبوٽس پاران تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي سمارٽ فون جي ذريعي ڪنٽرول به ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ اهڙي بيڪار گاهه کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو مجموعي طور تي خرچ اچي رهيو آهي، اهو هڪ اندازي مطابق 26 ارب ڊالر آهي اهو سڄو خرچ اهڙين دوائن ۽ ڪيميڪلز تي ايندو آهي. اهي دوائون بيڪار گاهه کي ختم ڪرڻ سميت فصلن کي نقصان به پهچائي رهيون آهن هاڻي هي روبوٽ انهن فصلن کي نقصان پهچائڻ بنا گاهه کي صاف ڪندو. هي روبوٽ هڪ چرندڙ ٽيبل وانگر آهي، جنهن جي مٿان کان سولر پينل لڳل آهي ۽ ان ۾ هڪ جي پي ايس به موجود آهي، جيڪو ان کي رستي جي رهنمائي ڪندو آهي. روبوٽ ڦيٿن جي مدد سان هڪ ڪار وانگر ٻني ۾ هلي صرف گاهه واري جاءِ تي اسپري ڪندو رهندو، جنهن ڪري فصل کي ان اسپري کان بچائي سگهجي ٿو. هي مشين پاڻ مرادو 12 ڪلاڪن تائين ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي سمارٽ فون ذريعي به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن روبوٽ ذريعي ٿيندڙ اسپري ۾ دوا جو 20 سيڪڙو استعمال گهٽائي سگهجي ٿو.

