جڏهن ڪاليج جا شاگرد احتجاج ڪندا هئا ته اڪثر نعره هڻندا زبردستي اچي پرائمري اسڪول جو بيل وڄائي موڪل ڪرائي وري وڃي هاءِ اسڪول وارن جي موڪل ڪرائيندا هئا. اسان پنھنجا ٿيلها ڳچي ۾ وجهي وڏن ڇوڪرن جي زوردار نعرن جو جواب ڏيندي چوندا هئاسين “جيئي سنڌ، جيئي سائين جي ايم سيد” ننڍپڻ ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ ايتري پڪي ٿي وئي جو اسان جيئي سنڌ ۽ جيئي سائين جي ايم سيد جا پيا نعره هڻندا هئاسين. جڏهن هاءِ اسڪول جي شروعاتي درجن دوران ٻارن جي تنظيمن مان خاص ڪري ناز سنائي جي چڻنگ سنگت ۽ لطيف سنگت ۾ حصو ورتوسين ته سائين جي ايم سيد تي لکيل ننڍڙن مضمونن پڙهڻ جو موقعو مليو ته اندر ۾ سائين سان ملاقات جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو 1979 واري ڏهاڪي ۾ پھريون ڀيرو حسين آباد جي پير بخش پٺاڻ ۽ اسماعيل کوسو سان گڏجي سن وڃي سائين سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. ان جي ٿوري وقت بعد محترم آدم ٻُٽ، سرور سھتو، گل ملاح ۽ ٻين يارن سان جيئي سنڌ محاذ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سائين سان اڻ ڳڻين ملاقاتن بعد سندس فڪر سان ٿيل عشق اڄ به زنده آهي، جنھن ڪري اڄ 17 جنوري تي ملهائجندڙ سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگره جي موقعي تي لکيل هي مضمون جي ذريعي مبارڪ ڏيڻ سان گڏ انھن دوستن لاءِ سائينءَ جو تعارف لکيو آهي ته جيئن ساٿي سائين جي 91 سالن جي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگي کان واقف ٿي سگهن. منھنجي علم مطابق سائين جي ايم سيد سنڌ جو پھريون شخص آهي جنهن قومي سطح تي هر سال پنهنجو جنم ملهائجندي خود ڏٺو. سائين جي ايم سيد جي جيئري کيس جيڪا عظيم قومي مڃتا ملي تنھن جو بيشڪ سائين جي ايم سيد حقدار هو. هو اسان سنڌي قوم جو محسن آهي ۽ سنڌي قوم به جيئري سندس جنم ڏينھن کي سياسي ميلن وانگر ملهائي سائين کي ڏيکاريو ته سنڌي قوم پنھنجن محسنن جا ڏينهن ميلن وانگر ملهائيندي آهي ۽ اهو نعرو هڻندي آهي ته “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.” اهو هر هر جنم ماڻڻ وارو قومي گيت سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ ۾ به سندس سامهون ڳايو ويندو هو ته سندس دنيا مان گذر ڪرڻ کانپوءِ به هر سال 17 جنوري تي سندس سالگره تي وڏي جوش ۽ ولولي سان ڳاتو ويندو آهي.