بلاگنئون

“وٺي هر هر جنم وربو” سائين جي ايم سيد 121 هين سالگرہ مبارڪ

جڏهن ڪاليج جا شاگرد احتجاج ڪندا هئا ته اڪثر نعره هڻندا زبردستي اچي پرائمري اسڪول جو بيل وڄائي موڪل ڪرائي وري وڃي هاءِ اسڪول وارن جي موڪل ڪرائيندا هئا. اسان پنھنجا ٿيلها ڳچي ۾ وجهي وڏن ڇوڪرن جي زوردار نعرن جو جواب ڏيندي چوندا هئاسين “جيئي سنڌ، جيئي سائين جي ايم سيد” ننڍپڻ ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ ايتري پڪي ٿي وئي جو اسان جيئي سنڌ ۽ جيئي سائين جي ايم سيد جا پيا نعره هڻندا هئاسين. جڏهن هاءِ اسڪول جي شروعاتي درجن دوران ٻارن جي تنظيمن مان خاص ڪري ناز سنائي جي چڻنگ سنگت ۽ لطيف سنگت ۾ حصو ورتوسين ته سائين جي ايم سيد تي لکيل ننڍڙن مضمونن پڙهڻ جو موقعو مليو ته اندر ۾ سائين سان ملاقات جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو 1979 واري ڏهاڪي ۾ پھريون ڀيرو حسين آباد جي پير بخش پٺاڻ ۽ اسماعيل کوسو سان گڏجي سن وڃي سائين سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. ان جي ٿوري وقت بعد محترم آدم ٻُٽ، سرور سھتو، گل ملاح ۽ ٻين يارن سان جيئي سنڌ محاذ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سائين سان اڻ ڳڻين ملاقاتن بعد سندس فڪر سان ٿيل عشق  اڄ به زنده آهي، جنھن ڪري  اڄ 17 جنوري تي ملهائجندڙ سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگره جي موقعي تي لکيل هي مضمون جي ذريعي مبارڪ ڏيڻ سان گڏ انھن دوستن لاءِ سائينءَ جو  تعارف لکيو آهي ته جيئن ساٿي سائين جي 91 سالن جي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگي کان واقف ٿي سگهن. منھنجي علم مطابق سائين جي ايم سيد سنڌ جو پھريون شخص آهي جنهن قومي سطح تي هر سال پنهنجو جنم ملهائجندي خود ڏٺو. سائين جي ايم سيد جي جيئري کيس جيڪا عظيم قومي مڃتا ملي تنھن جو بيشڪ سائين جي ايم سيد حقدار هو. هو اسان سنڌي قوم جو محسن آهي ۽ سنڌي قوم به جيئري سندس جنم ڏينھن کي سياسي ميلن وانگر ملهائي سائين کي ڏيکاريو ته سنڌي قوم پنھنجن محسنن جا ڏينهن ميلن وانگر ملهائيندي آهي ۽ اهو نعرو هڻندي آهي ته “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.” اهو هر هر جنم ماڻڻ وارو قومي گيت سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ ۾ به سندس سامهون ڳايو ويندو هو ته سندس دنيا مان گذر ڪرڻ کانپوءِ به هر سال 17 جنوري تي سندس سالگره تي وڏي جوش ۽ ولولي سان ڳاتو ويندو آهي.

 جي. ايم. سيد جو شمار، ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي اهم قومي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ذڪر کانسواءِ جديد سنڌ جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي. هي سنڌ قومي اڳواڻ 17 جنوري 1904ع تي سنڌ جي ضلعي ڄامشورو جي شھر “سن” ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو سيد غلام مرتضيٰ ولد سيد محمد شاهه هو، سندس والد صاحب انگريز دور جو هڪ ارڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو آهي، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چُرپُر تي نظرداريءَ لاءِ  پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشھور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي. مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن. هڪ سيد حيدر شاهه سنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي. جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو، سندس والد کي خانداني جهيڙي ۾  شهيد ڪيو ويو هو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاهه جي وفات کانپوءِ هن ننڍڙي سيد کانسواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪوبه مرد ماڻهو نه بچيو هو.

  هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪوبه مرد نه هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان “ڪورٽ آف وارڊس” جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گذر معاش لاءِ معمولي رقم ملندي هئي. سندس شادي ڇھن سالن جي عمر سندس عزيزن  سيد مير حسن شاهه ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ، بيبي مريم سان ڪرائي وئي. ان وقت بيبيءَ جي عمر نَو سال هئي. جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. پنج درجا پاس ڪري ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو. ان دوران عربي، فارسي جي به تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو. ان کان علاوه سن شھر ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪرايائين. مختلف مضمونن ۽ ڪتابن مان اها خبر پوي ٿي ته سائين  15 سالن جي عمر  کان پنھنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات هڪ سماجي انجمن “المسلمين” نالي قائم ڪري، ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سماجي سُڌارن جا ڪم شروع ڪيا. 17 مارچ 1920ع تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي سميت ڪيترائي سنڌ جا سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيا. سائين جي ان عمل تي انگريز ڪمشنر ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي کيس چورائي موڪليو ته هو هن ننڍيءَ عمر ۾ سياست ۾ نه گهڙي ۽ ڪانفرنس ملتوي ڪرائي، ٻيءَ صورت ۾ سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هئڻ ڪري کيس ملندڙ رقم بند ڪئي ويندي، پر جي. ايم. سيد انڪار ڪيو ۽ ڪانفرنس ڪوٺائي ۽  ترڪن جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا. سن شهر ۾ به مڪمل هڙتال ڪرائي انھيءَ دور ۾ جي. ايم. سيد جي مهاتما گانڌيءَ سان، 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن تي ملاقات بعد کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. ان عمل جي ڪري کيس معاشي ۽ سماجي طرح ڪافي تڪليفون آيون. پاڻ 1 جون 1925ع تي  تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو ويو. مئي 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي اهم قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ بعد هڪ وفد سان گڏ محمد علي جناح سان گڏجي سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. سائين ننڍپڻ کان تعليم جي ميدان ۾ دلچسپي وٺندو هو، هن پنھنجي زندگيءَ ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو ته هن يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻين ميمبرن تي مشتمل ڪميشن ٺهرائي. هن سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪرايو (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بڻيو)،  سيڪنڊري تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرائي جنهن اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي صورت اختيار ڪئي. جي ايم سيد هڪ پُرجوش سنڌي قومپرست اڳواڻ هو. 1955 ۾ هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان کانپوءِ ممتاز سنڌي دانشور، اديب ۽ استاد محمد ابراهيم جويو  جي مشوري سان سنڌي قومپرستيءَ جو نعرو بلند ڪيو. 1966ع ۾ “بزم صوفي سنڌ”، 1969ع ۾ “سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ” ۽ 1972ع ۾ “جيئي سنڌ محاذ” جي تشڪيل ۽ تنظيم ۾ پاڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. سائين جي ايم سيد سٺ  ڪتاب لکيا. “مذهب ۽ حقيقت” سندن شاهڪار ڪتابن مان هڪ آهي. سندن گهڻيون تصنيفون سياست، مذهب، صوفي ازم، سنڌي قوميت، ثقافت ۽ سنڌي قومپرستيءَ جي موضوعن تي لکيل آهن.

1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ سيد صاحب ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان “سنڌو ديش” جو مطالبو ڪيو. جي ايم سيد جي سياست هيٺين اصولن جي چوڌاري گهمندي هئي:

عدم تشدد، جمهوريت، سيڪيولر ازم، قومي خود انحصاري ۽ خودمختياري، ڏکڻ ايشيا جي قومن سان اشتراڪ ۽ يڪجهتي، سماجي ۽ معاشي مساوات.

پاڻ “اسلامي جمهوريه پاڪستان” جو سخت مخالف هو. لڳاتار ٽيھه سال قيد ۽ بند جي زندگي گذاري. 19 جنوري 1992ع تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس وفات تائين سندس گهر کي “سب جيل” قرار ڏئي نظر بند رکيو ويو. سائين جي سنڌي ڪتابن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر هڪ اندازي مطابق سنڌي انگريزي، اردو ڪتابن جو انگ 70 کان مٿي ٿيندو. سائين جي ايم سيد 25 اپريل 1995 تي 91 سالن جي عمر ۾  جناح اسپتال ڪراچي ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.