سنڌ حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ نئين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪندي
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردا علي شاه چيو آهي ته سنڌ اندر تعليم جي سڌاري آڻڻ لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هو نئين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪندو. پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو نئين تعليمي پاليسي سان صوبي اندر اهم مسئلن کي حل ڪندو ۽ مان پاڻ ان ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪندو رهندس. ان کان علاوه منسٽري جي آفيس ۾ هڪ ڪمپلينٽ سينٽر جوڙيو ويندو جنهن کان علاوه هو پاڻ سوشل ميڊيا تي عوام جون شڪايتون ٻڌندو رهندو. هن چيو ته اڄ مان تعليم کاتي جي آفيسرن کي چئي ڇڏيو آهي ته جنهن آفيسر جي خلاف ڪابه شڪايت صحيح ثابت ٿي وئي ته اهو آفيسر پنهنجي پوسٽ تي نه رهندو. هن چيو ته ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جاکوڙيندي رهندي. تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت رهندي آئي آهي ۽ ان کي به ختم ڪيو ويندو. ان کان علاوه نئين پاليسي ۾ خاص ڪري اهو به شامل هوندو ته سوين بند پيل اسڪولن کي کوليو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿو ته سڄي صوبي جا ماڻهو منهنجو ساٿ ڏين ۽ استادن کي به ان جي مان مطابق عزت ملڻ گهرجي. ان کان علاوه ڪوبه استاد پنهنجي اعليٰ آفيسر کان رشوت جي شڪايت مون وٽ پهچائي، اهڙي آفيسر خلاف مان پاڻ قدم کڻندس. هن وڌيڪ چيو ته اجرڪ اسان جي ڪلچر جو حصو آهي پر ان کي زوري مڙهي نٿو سگهجي.

