نئون

پينٽاگون ليزر سسٽم سان روس ۽ چين جو مقابلو ڪندو

آمريڪي اداري پينٽاگون جنگي آپريشن دوران پنهنجي نشان کي هدف بنائڻ، اهلڪارن کي هڪٻئي سان رابطو ڪرڻ ۽ خفيه معلومات جو تبادلو ڪرڻ لاءِ محفوظ ۽ پهرين کان تيز رفتار سسٽم متعارف ڪرايو آهي. ان سسٽم جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي هيڪ يا تباهه نٿو ڪري سگهجي. پينٽاگون ان کي ليزر ڪميونيڪيشن سسٽم جو نالو ڏنو آهي. آمريڪي فوج وائرليس نيٽ ورڪ ۽ ريڊيو فريڪوئنسي تي ڀاڙينديون رهنديون آهن. جڏهن ته هنن نظامن کي چين ۽ روس نه صرف جام ڪري سگهن ٿا پر انهن ذريعي موڪليل پيغامن کي بدلائي به سگهن ٿا. جنهن سان آمريڪا جي خفيه ترين آپريشن کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي اداري ڊفينس ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي (DARPA) پاران ليز ڪميونيڪيشن نظام کي خفيه معلومات موڪلڻ لاءِ تيز ۽ محفوظ طريقو قرار ڏنو آهي. پينٽاگون مطابق اهڙن سينسرن ۽ هارڊ ويئر نظام تي ڪم ڪيو ويو آهي. جيڪو فري اسپيس آپٽيڪل ٽيڪنالاجي جي مدد سان پيغام وصول ڪندو ۽ موڪليندو رهندو. هن نظام ذريعي پيغامن کي ڪيبل بجاءِ ليزر شعاعن ذريعي هوا ۾ موڪلي سگهبو، جنهن کي وچ ۾ ڪوبه هيڪر روڪي نٿو سگهي.