آمريڪي پابندين کي برداشت ڪري سگهون ٿا: ايراني صدر
ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪي پابندين کي برداشت ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته انهن آمريڪي پابندين سان اسان ۾ وڌيڪ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ٿيندو. ايراني صدر پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته هنن جو ملڪ آمريڪا طرفان ٻيهر مڙهيل پابندين ڪارڻ سرخرو ٿيندي وائٽ هائوس ۾ ويٺل ايران دشمنن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اسان انهن جي پابندين کان نٿا ڊڄون. واضح رهي ته ايران جي صدر کي پارليامينٽ پاران گهرايو ويو هو جڏهن ته هن جي ڏنل جواب کان مطمئن نه ٿيڻ بعد پارليامينٽ هن ڏانهن عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. ايران جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو ٿيو آهي جو صدر کي گهرائي سوال ڪيو ويو آهي ۽ وزيرن پاران صدر کان بيروزگاري، مهانگائي ۽ ايراني ريال جي گهٽجندڙ قيمت بابت سوال ڪيا آهن. ايران جي ڪرنسي اڌ کان وڌيڪ قدر وڃائي چڪي آهي. ياد رهي ته هلندڙ مهيني ۾ محنت ۽ اقتصاديات جي وزيرن کي برطرف ڪيو ويو آهي. سيشن جي آخر ۾ صدر روحاني کان سوال ڪيا ويا، جنهن بعد ۾ 5 مان 4 سوالن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. هاڻي هي معاملو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ايراني صدر چيو ته اسان وٽ ڪوبه بحران نه آهي جڏهن ته ان قسم جون ڳالهيون ڪرڻ سان عوام ۾ اعتماد وڃائجي ويندو. هن وقت عوام آمريڪا کان نه پر اسان جي غير متفق هجڻ مان خوفزده آهي.

