نئون

پراڻن ٽائرن ذريعي زلزلو پروف عمارتون ٺاهڻ ممڪن ٿي ويو

دنيا ۾ زلزلا وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ آفت جي طور تي سڃاتا  وڃن ٿا، پر هاڻي هڪ سادي نموني سان عمارتن کي وڌيڪ سٺي انداز ۾ زلزلو پروف بڻائي سگهبو. ايڊنيرا يونيورسٽي جي پروفيسر هوان برنل ۽ ان جي ساٿين جو چوڻ آهي ته زلزلن ۾ وڌيڪ موت عمارتن جي ٽٽڻ سان ٿيندا آهن. ڊاڪٽر هوان جي ٽيم هاڻي اهڙو طريقو ايجاد ڪيو آهي جنهن سان انهن عمارتن کي زلزلي جي جهٽڪن کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.هن نئين طريقي ۾ پراڻن ٽائرن جي رٻڙ کي ڪاميابي سان عمارتن جي سيمينٽ ۾ ملائي اهڙيون عمارتون ٺاهي سگهجن ٿيون جيڪي زلزلي ۾ جهٽڪن  کان بچي سگهن ٿيون. پروفيسر هوان جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان ٺاهيل عمارتون هر قسم جي زلزلن ۾ محفوظ رهنديون. هن کان اڳ ۾ استعمال ٿيندڙ طريقي ۾ به عمارتون محفوظ رهنديون آهن پر ان ۾ خرچ وڌيڪ اچي ويندو آهي جنهن ڪارڻ اها ٽيڪنالاجي غريب ملڪن جي پهچ کان ٻاهر آهي. ان مقصد لاءِ ٽائرن جو ڪچرو تمام مناسب مواد آهي جيڪو هر سال ڏيڍ لک ٽن تيار ٿيندو آهي. هن طريقي سان ٺهيل عمارتون زلزلي جي جهٽڪن کان محفوظ رهي سگهن ٿيون. هن ٽيڪنالاجي جي آزمائش لاءِ عمارت جي هڪ وڏي ماڊل تي آزمائش ڪئي وئي جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏو زلزلو پيدا ڪندڙ مشيني پليٽفارم (شيڪ ٽيبل) تي رکيل عمارت ۾ لهرن کي نوٽ ڪيو ويو. جنهن آزمائش ۾ نظر آيو زلزلي وارن جهٽڪن جي صورت ۾ اها عمارت محفوظ رهي.