حماس ۽ حوثين جي يلغار ۽ اسرائيلي مايوسي
حوثي جماعت کي انصارالله به چئجي ٿو. اهي تنظيمون ائين آهن جو جتي جتي سني رياستون آهن، اتي شيعت وارا گروهه محترڪ رهندا ايندا آهن ۽ جتي جتي شيعت واريون رياستون آهن، اتي اتي سني گروھه متحرڪ رهندا آهن. اهي اهڙا گروهه هوندا آهن جن جي ڪا به ظاهري حڪومت ناهي هوندي، پر اهي حڪومتن کي بليڪ ميل ڪري سگهندا آهن يا حڪومتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. انهن گروهن جو ذڪر هتي ان ڪري به مثبت آهي جو هاڻوڪي تناظر ۾ اسرائيلي ظلم کي روڪڻ جي لاءِ طالبان کڻي نه به لهن جن کي ظاهري طور سعوديءَ جي ڀرپور پٺڀرائي به حاصل آهي، اهي سعودي ٻٽي پاليسيءَ جي ڪري جنگ جي ميدان ۾ نه ايندا، ۽ اهي هڪ الله اڪبر جي للڪار به نه ڏيندا ته جيئن اسرائيل ڪنهن ڊپ ۽ خوف ۾ مبتلا ٿئي، پر رهندو اهي رڳو پاڪستاني بارڊر تي ڪم مچايو ويٺا آهن، اهي طالبان اتي به آمريڪي برانڊ وارا هٿيار کڻي رڳو پاڪستانين کي هيسائڻ جي لاءِ آتا ويٺا آهن، پر اهي هٿيار کڻي ڪڏهن به هنن ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ ڪا همٿ ناهي ڪئي جو ماڻهو سمجهن ته طالبان جهڙا اسلامي انقلاب برپا ڪرڻ وارا هاڻي مسلمانن جي پهرين قبلي جي بچاءَ جي لاءِ ڇا ڪري سگهندا يا جي اهي اتي به ڪجھه نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن جي اسلام تي هجڻ واري ڳالھه تي به شڪ آهي.
اها ڳالھه مڃون ٿا ته دنيا پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ سرد جنگين جي گهيري ۾ اچي وئي هئي، پر نائين اليون کانپوءِ دنيا وري “پوسٽ سرد جنگين” ۾ ڪاهي پئي آهي، جتي اقتصادي جنگين ۽ بايولاجيڪل وارز جا ميلا مچي ويا آهن. آمريڪا ۽ چين دنيا جي انهن سرد جنگين جي ڪري ۽ اڪاناميڪل وارز جي ڪري غريب ماڻهن جو ساھه سڪائي ڇڏيو آهي ۽ روس جو پنهنجو ڏنڊو جهڪو نه پيو ٿئي ۽ انساني حقن جون تنظيمون انهن جي ويٽو پاور کان ڊنل آهن. الائي انهن جي سپرپاور هجڻ جي آبياري ۾ انهن جون ٻانهن ٻيلي آهن، جو پرامن دنيا بارود جي ڌپ ۾ ٻوساٽجي وئي آهي ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ ساھه کڻڻ ڄڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان ڪري آمريڪا جي اسرائيل تي ٿڦڪي رڳو ان ڏنگي ٻار وانگي آهي، جنهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ گهر جا سڀ ڀاتي هر شرط مڃڻ جي لاءِ تيار هوندا آهن ۽ رڳو ان ڳالھه تي اچي بيهندا آهن ته اهو ڏنگو ۽ اڻ چيو ٻار ڪنهن بهاني رڳو چپ ڪري. اسرائيل سان به ساڳي ڪار آهي ته هو اڪڙ جي باھه مڪڙ مان ٿا ڪڍن ۽ جيئن نازي ڪيمپ ۾ نڌڻڪا ۽ بي سروسامان ماريا ويا هئا، اها ئي ڪار هنن فلسطينن جي ڌرتي سان ڪئي آهي، جن فلسطينين جي اهڙين بي سبب جنگين جي صورت اهي اسرائيلي نسل ڪشي پيا ڪن، جنهن ڳالھه جو ثبوت “نيتن ياهو” جي ان بيان مان واضح آهي ته “اسان فلسطين سان نازي ڪيمپ وارو سلوڪ ڪنداسين” ۽ ڪري به سگهن ٿا ان ڪري جو ايسٽ ويسٽ بينڪ کانپوءِ هنن جي اک غزا جي ٽُڪريءَ تي کتل آهي ته اهي انهن فلسطينن کي اتان لڏائي اتي پنهنجي آبادي ممڪن ڪندا ۽ گريٽر اسرائيل جو خواب آمريڪا کي پورو ڪري ڏيکاريندا.
هونءَ شروع کان ئي سي آءِ اي جي حت الامڪان اها ئي ڪوشش رهندي آئي آ ته سني رياستن کي شيعا رياستن سان ويڙهائجي ۽ اتي پنهنجون ايجنسيون سرگرم رکجن يا جتي سني رياستون هجن ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اتي سعودي عرب پاڪستان سميت اڳڀرو رهندو ايندو آهي، پر جتي شيعا رياستن جو بچاءُ ڪرڻو هوندو اٿن اتي ايران ۽ روس جي پٺڀرائي ڏسڻ جوڳي هوندي آهي. ان ڪري اها لبيا هجي يا بحرين هجي يا يمن جا شيعا گروھه هجن يا عراقي ڪرد ويڙها هجن يا شامي شيعا تنظيمون هجن، انهن سڀني رياستي جهيڙن ۾ ايران ۽ سعوديءَ جا لڪل گروھه آمهون سامهون وڙهندي نظر ايندا. ان ڪري پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ملڪ پاڻ هڙتو لهي پوندا هئا، پر سرد جنگين جي اختتام تي هاڻوڪي پوسٽ سرد جنگين جي زماني ۾ هڪڙي ڳالھه ڏاڍي پختي ڏٺي وئي آهي، ڪنهن به جنگ ۾ ملڪ پاڻ نه ٿا لهن، پر پنهنجي جاءِ تي اهي گروھه ۽ اينٽي اسٽيٽ ايليمنيٽ ۽ نان اسٽيٽ ايڪٽر لاهي جنگ مچائڻ ۾ اڳڀرا رهندا ايندا آهن. ائين ڪرڻ سان اها ڳالهھ سمجھه ۾ ايندي آهي ته هاڻي ٽين مهاڀاري لڙائي نه لڳندي ان ڪري ته ملڪ دوبدو نه ٿا وڙهن ۽ نه ڪي پنهنجون آفيشل فوجن لاهن ٿا، پر ان جاءِ تي اهي اهڙا گروھه لاهي انهن جي پٺڀرائي ڪندا ٿا رهن، جنهن ۾ جنگ ڀلي مچي يا ٺري، پر اهي ملڪ انهن گروهن کي پاڙئون ختم نه ٿا ڪري سگهن. اتي خاص ڪري اسلامي رياستن ۾ انهن گروهن جي پشت پناهي ڪندا ٿا رهندا آهن، جيئن “حوثي گروھه” کي ايراني سپورٽ حاصل رهندي آئي آهي، اهو گروھه انهن سڀني جنگين ۾ حصو وٺي چڪو آهي، جنهن ۾ ايراني پٺڀرائي يا ايراني نظريو شامل رهندو آيو آهي. ان ڏس ۾ جولاءِ 2017 ۾ ان گروھه سعودي عرب جي رياض جي هوائي اڏي تي سڌا ميزائيل ڪيرائي 11 سعودي ماڻهو ماريا هئا، پر سعودي عرب پاڻ ۽ انهن سان گڏ انهن سڀني سني رياستن اک پٽي ۽ انهن حملن جو مهل سان جواب ڏئي جنگ روڪي وئي.
پر هاڻوڪي تناظر ۾ اسرائيل سڀني مسلمان ملڪن جو گڏيل دشمن آهي، ان ڪري ته اسان ڀلي اسرائيلي برانڊ استعمال ڪري انهن پيسن جي بدلي اسرائيلي رياست کي همٿائيندا به هجون، پر ڳالھه اها به آهي ته ان معاملي تي سعودي اسٽيٽ جو اسرائيل جي خلاف ايترو جارحانا جواب ناهي جيترو نان اسٽيٽ ايڪٽرن جو دوبدو حملو يا جواب ممڪن آهي. ان ڪري حماس جي پويان ڀلي سني اسٽيٽ هجن جن ۾ اردن، مصر ۽ ترڪي به لڪيل شامل هجن ۽ سعودي جي سڌي سپورٽ به هجين، پر هاڻي واري صورتحال ۾ حوثي گروھه (انصار الله) جو الله ڪارڻ لهي پوڻ وڏي ڳالھه آهي، ان ڪري ته اسرائيل ڪنهن هڪ ملڪ جي ڌمڪي سان هٿيار ڦٽا ڪونه ڪندو، جيستائين ان کي ان ڳالھه جو يقين ٿي پئي ته سي آءِ اي جيڪي به گروھه مسلمان ملڪن جي سني ۽ شيعا رياستن ۾ بي چيني ڦهلائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا هئا اهي سڀ هاڻي اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڳچي ۾ پوندا ۽ اهي سڀ هڪ ٿي اسرائيل کي بارودن ۽ بمن سان جواب ڏيندا. 1967 واري جنگ اسرائيل کي ڦٻي وئي هئي جو هو جاءِ ولاري ويهي رهيا هئا ۽ ان کان اڳ 1948 ۾ اسرائيل اڌ کان به وڌيڪ فلسطيني آبادي کي ايسٽ ويسٽ بينڪ ۽ غزا جي اوڀر واري پٽي مان لڏائي انهن کي پنهنجي ڌرتي تي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو ڪا ٻڻڪ نه ڪڇيو هو، پر رهندو ڪندو مصر، سعودي ۽ اماراتي عرب پنهنجي گيس، تيل ۽ ڪڻڪ کپائڻ جي چڪر ۾ اهي سڀ لڳ لاڳاپا اسرائيل سان سڌا ڪري ويٺا هئا جو انهن کي پنهنجي آقا (آمريڪا) کي به منهن ڏيکارڻو هو. ان ڪري ڳالهھ اها به ماري ٿي ته سعودي ۽ اماراتي عرب چاهن ٿا ته اسرائيل دنيا جي نقشي تي اڀري ۽ دنيا يا خاص اسلامي ملڪ ان کي مڃين، پر ائين ڪرڻ سان اسرائيل ايٽمي طاقت جو اعلان ڪري دنيا کي وائڙو به ڪري ڇڏيندو ۽ غيرعيسائي ملڪن جي لاءِ نئون جنگي عذاب کڻي ايندو، جنهن ۾ اسلامي ملڪن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ته پوءِ مسلمان اسرائيل جي جارحيت کي منهن ڪيئن ڏيندا؟ ان ڪري جو اسرائيلي ماڻهو هزار سالن جي پلاننگ ڪري جيئندا آهن، انهن جي دورانديشي ان ڳالھه مان واضح آهي ته اهي 1948 ۽ 1967 واري جنگ کانپوءِ به فلسطيني ڌرتي تي ڏمر جهڪو نه ٿا ڪن ۽ اسلامي ملڪ رڳو جمعي جي نماز کانپوءِ رانڀٽ ڪرڻ ۾ پورا آهن، جنهن مان ڪجھه ورڻو ناهي ۽ ڪجھه نتيجو نڪرڻو ناهي، ڇو ته دنيا ۾ عملي وڏي ڪم اهميت ٿو رکي ۽ پٿر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ئي هن “پوسٽ ڪولڊ وار” ۾ رياستي ڏاهپ آهي.
ايران تي اهو الزام ڀلي هجي ته هاڻوڪي اسرائيلي جنگ ۾ “حوثي گروھه” کي لاهي هو پاڻ انهن جي امداد ڪندو رهندو. حالانڪه حوثي تحريڪ 1990 واري ڏهاڪي ۾ ئي زور وٺي وئي هئي جو اڃان نائين اليون جو اڀار نه آيو هو، پر اهي تنظيمون سي آءِ اي جي آشيرواد ۾ سرد جنگين جي مهڙ ۾ ئي اڀري آيون هيون جو سرد جنگيون 1945 کان ترت پوءِ اڀري آيون هيون جو دنيا ليگ آف نيشن جي چنبي مان نڪري يو اين او جي ڄار ۾ اچي ڦاٿي، پر اسرائيل ان ڳالھه تي به وائڙو آهي ته حماس کي انهن جي ڳجهين جاين ۽ اسلحي جي ٺڪاڻن جا انگ اکر ۽ خبرون ڪنهن ڏنيون جو حماس نه ڪئي هَمَ نه تَمَ ۽ انهن جي ٺڪاڻن تي ميزائيل ٺوڪي ڇڏيائين، هونءَ “حوثي گروھه” جا ويڙها يمن جي سني رياست سان ٺهندا ئي ناهن ۽ سدائين انهن جي خلاف يا رياست جي خلاف اڀا ٿي ويندا آهن، پر هيل واري جنگ ۾ جيترو نندڻ طالباني گروهن کي ٺهي اوترو وري حماس، حزب الله، انصارالله (حوثي گروھه) کي پڏائي سگهجي ٿو. ان ڪري فلسطينن جي مدد نعرن هڻڻ سان نه ٿي ڪري سگهجي يا ڀتين تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي گاريون ڏئي جنت کٽي نه ٿي سگهجي، پر جنت ته رڳو ان صورت کٽي سگهجي ٿي جو جڏهن اهي روڊ ڀرڻ واريون سڀ تنظيمون اسرائيل تي ان صورت چڙهائي ڪن جو اسرائيل جون وايون بتال ڪري ڇڏجن باقي نعرن ۾ جنت لڪل ناهي.