وطن دوستيءَ جو حوالو – پروفيسر لياقت عزيز سولنگي
ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت وارو رشتو ئي حقيقت ۾ ماڻهو کي معتبر بڻائي ٿو، اهي فرد ئي تاريخ ۾ زنده رهندا آهن، جيڪي ڪجهه ڪري ويندا آهن، انهن فردن جي جاکوڙ تاريخ جي داستانن ۾ سماج جي بهترين اڏاوت جو بنيادي ڏاڪو تصور ڪئي ويندي آهي، جيڪي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار نروار ڪري ويندا آهن، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو به انهن فردن ۾ شامل آهي، جيڪي وطن دوستي جو حوالو به هئا ته جدوجهد ۽ تحريڪ جو به نالو هئا، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ 9 جولاء 1949ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آهي، ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو ته هُن ميونسپل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو، ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، کيس تعليم سان چاهه ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه سندس دوستن غلام نبي بهراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏياريو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ, دانشور، اديب، تعليمدان، ترقي پسند, سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد رهيو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري ان کان ڪئي، فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي ته ان ۾ صرف ٻاهريان ماڻهو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا، لياقت عزيز سولنگي ڪجهه دوستن سان گڏجي شگرملز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. جنهن تحريڪ جي نتيجي ۾ ملز انتظاميه مقامي ماڻهن کان نوڪري لاءِ درخواستون وصول ڪيون، 35 ماڻهن درخواستون ڏنيون، جن سڀني کي ملز ۾ ملازمت ملي، حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن 35 ملازمن ۾ هڪ به سنڌي شامل نه هو، پر اهي سڀ جا سڀ ٽنڊو محمد خان جا مقامي ماڻهو هئا ، فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلهاڙيل هيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي پورهيت ونگ هئي، جنهن پورهيت ونگ جو مرڪزي صدر ٽنڊو محمد خان جو ڪامريڊ شميم واسطي پڻ رهيو، 4 فيبروري 1978ع تي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ شهيد نظير عباسي ۽ حميده گهانگهرو جي شادي ٿي هئي، تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سندن شادي جي خوشيءَ ۾ پهرين دعوت پروفيسر لياقت عزيز، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪئي هئي. لياقت عزيز سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين، 1972ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، سندس قابليت ۽ ذهانت جو عالم اهو جو نوڪري جي حوالي سان کيس اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ليڪچرار جا آرڊر مليا پر هن اسسٽنٽ ڪمشنر بجاء ليڪچراري کي ترجيح ڏني. 1977ع کان وٺي هن ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي به رهيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو ، ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنهنجي اولاد سان به ڪا سوديبازي نه ڪئي ۽ کين پنهنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساهيو، هن پوليٽيڪل سائنس تي اٺ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1993ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جو مهاڳ نورالهدي’ شاهه لکيو هو. جيڪي ڪالم هُن “ڪُڇان ته ڪافر ” جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. سندس قلم سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، طبقاتي، علمي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي هميشه متحرڪ رهيو، هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس ڪاليجي استادن جو هر مسئلو زباني ياد هوندو هو، اهو ئي سندس بهترين حافظي جو مثال هو، هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو ، جنهن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل به ڪيو ويو، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هن جو ڪيترن ئي سٺن ۽ هڏ ڏوکي استادن سان واسطو رهيو، جن کي هو هميشه دل سان ياد ڪندو هو، انهن استادن مان ٽنڊي محمد خان جا بهترين استاد محمد عثمان ميمڻ صاحب ۽ سائين محمد اسحاق، سنڌ يونيورسٽي جو سائين محمد عمر ميمڻ هالن وارو، محمد حسن ڀٽو ۽ خالد شهيد آخوند شامل آهن، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کي، سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي “ ايران ڏي اُڏار ” ۾ شاندار خراج تحسين سان ياد ڪيو آهي، 1994ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد ڌرين جي جهيڙي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنڌي ادبي سنگت پاران قومي جرڳو ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ نورالهدى شاهه، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، يوسف لغاري وڪيل ۽ تاج جويي تي مشتمل ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال، استادن، شاگردن، پوليس عملدارن ۽ لاڳاپيل فردن جا انٽرويو ڪري، تحقيقات بعد قاتل ظاهر ڪيا ۽ فيصلو ڪري، واسطيدار سياسي تنظيمن کي ڏوهاري قسم جي شاگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جي لکت ۾ سفارش ڪئي. جڏھن به سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سِپلا جو ذڪر نڪرندو ته ان جي بانيڪار مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو سرفهرست طور سُنهري لفظن سان ضرور ياد رکيو ويندو. هن پنهنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطه نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو، ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور تي سنڌ جي ڪاليجي استادن ءٍ تعليم سان وابسته مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. جڏھن به سِپلا جي تعليم کاتي جي عملدارن سان مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ته سِپلا جو وفد پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کان سواء اڌورو ۽ اڻپورو تصور ڪيو ويندو ھو. هو رواني سان سنڌي، اردو ءٍ انگريزي ڳالھائيندڙ هو، تنهنڪري هو ٽيبل ٽاڪس جو پڻ وڏو ماھر سمجهيو ويندو ھو. سِپلا سان سندس محبت جي ڪري کيس وڏيون تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو جڏھن هو 19 هين گريڊ ۾ هو ۽ سندس 20 هين گريڊ جو پروموشن رهيل هو ته ان وقت جي وزير تعليم پير مظھر الحق، ڪاليجي استادن جي ان وقت تائين ڊي پي سي روڪي ڇڏي، جيستائين پروفيسر لياقت عزيز سولنگي رٽائر ٿئي. کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف عھدن جو لالچون پڻ ڏنيون ويون، جن ۾ٍ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمين، حيدرآباد ضلعي جو اِي ڊي او تعليم، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم وغيره جهڙا عهدا شامل هئا, پر سنڌ جي ھن ارڏي استاد، علم دوست، ادب دوست، سنڌ دوست شخص ھر لالچ کي ٺڪرائي پنھنجو پاڻ کي انفرادي مفادن بجاءِ اجتماعي مفادن سان سلهاڙي ڇڏيو. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رهيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن به بيمثال هو، هن نه رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليهه سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو، هن قاسم آباد ڪاليج ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان ئي گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رهيو، جنهن خدمتن جي بدولت کيس مختلف ادارن پاران ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان 19 هين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ به هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنهنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب مسلسل ڇهه سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد 30 سيپٽمبر 2018ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، 01 آڪٽوبر 2018ع تي کيس سوين آلين اکين سان ٽنڊو محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، کيس ٽن ٻارن جو اولاد ٿيو، جن مان وڏو پٽ جمال ناصر سولنگي, ڊاڪٽر آهي, ننڍي نياڻي ڊاڪٽر شازيا عزيز سولنگي (جيڪا 6 جولاء 2021ع تي لاڏاڻو ڪري وئي) ۽ سندس ٻيو نمبر نِياڻي نازيه عزيز سولنگي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪري، ليڪچرار مقرر ٿي, پوء اسسٽنٽ پروفيسر ٿي, هن وقت ڪراچي ۾ ڪاليج پرنسپال طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهي آهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان مستقل مزاجيءّ سان هر سال سندس ورسي تقريب ملهائيندي پئي اچي, 30 سيپٽمبر 2022ع تي سندس چوٿين ورسيءّ جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگيءّ جو مظاهرو ڪندڙن کي پهريون ڀيرو” پروفيسر لياقت عزيز سولنگي يادگار ايوار” ڏيڻ جي روايت وڌي وئي, جيڪا روايت سندس پنجين ورسي يعني 30 سيپٽمبر 2023ع تي به برقرار رهي. سيپٽمبر 2023ع ۾ لياقت عزيز جي لکيل مختلف ڪالم ۽ مضمونن کي سهيڙي “نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار” جي عنوان سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان پاران سندس مجموعو ڇپائي 30 سيپٽمبر 2023ع تي سندس پنجين ورسي تقريب ۾ ان جي رونمائي ڪئي وئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان پاران پروفيسر لياقت عزيز جي ٻئي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سهيڙڻ توڙي سندس زندگيءّ, فن ۽ شخصيت تي پڻ تيزي سان ڪم هلندڙ آهي. اميد آهي ته پروفيسر لياقت عزيز جو متحرڪ ڪردار نئين نسل لاء اۡتساهه جو لاڀائتو ذريعو ضرور بڻجندو.