نئون

ڪجهه سيڪنڊن ۾ چارج ٿي سگهندڙ بيٽري ۾ بهتري

آمريڪا جي ڪورنيل يونيورسٽي ۾ ماهرن تحقيق بعد جلد چارج ٿيندڙ بيٽري ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد اها بيٽري هاڻي دير تائين هلندي ۽ جلد چارج به ٿي ويندي. اڄڪلهه ليپ ٽاپس کان علاوه سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جو دور هلي رهيو آهي. تقريبن هر ڪنهن جي کيسي ۾ سمارٽ فون رکيل هوندي آهي ۽ هر سمارٽ فون جي بيٽري چارج ٿيڻ ۾ وقت لڳائيندي آهي ۽ گهٽ وقت تائين هلي سگهندي آهي. هن قسم جي بيٽري سان انهن سمارٽ فونن کي ڪجهه سيڪنڊن ۾ چارج ڪري سگهبو ۽ انهن کي وڌيڪ وقت تائين استعمال به ڪري سگهبو. هن قسم جي بيٽري ٺاهڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. هن وقت تائين ان بيٽري کي صرف تجرباتي بنيادن تي ليبارٽري ۾ استعمال ڪيو پئي ويو، پر هاڻي جلد ئي اها بيٽري مارڪيٽ ۾ به موجود هوندي. هن بيٽري کي ٺاهيندڙ پروفيسر وائيزنر چيو آهي ته هن بيٽري کانپوءِ اسان جو مقصد آهي ته بجلي تي هلندڙ ڪارن جي بيٽرين کي به هن قسم جي بيٽرين سان بدلايو وڃي جئين ڪارن کي چارج ڪرڻ ۾ سڄي رات خرچ نه ٿئي.