نئون

سنڌ حڪومت مرڪز کان اندر چيني شهرين جي ڳڻپ ۾ مدد گهري ورتي

سنڌ حڪومت مرڪز کان ملڪ اندر ۽ خاص طور تي زميني رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندر چين جي شهرين جي ڳڻپ لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي معاملي ۾ مدد گهري ورتي. هن قسم جي ڳڻپ جي ضرورت مارچ مهيني ۾ چين جي شهرين پاران ڪراچي اندر اي ٽي ايم فراڊ وارن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيڻ بعد پيش آئي. هن معاملي جو پرو پوزل وزيراعظم کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ ڏنو ويو هو. صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وفاق کي هن معاملي ۾ قانون سازي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙن چيني شهرين جي رجسٽريشن ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي سنڌ اندر روڊ رستي داخل ٿين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ حڪومت وٽ صوبي اندر رهندڙ شهرين جو ڪوبه ڊيٽا موجود نه آهي. جڏهن ته چين سان هوائي جهاز ذريعي ملڪ ايندڙ چين جي شهرين جي تفصيل موجود آهي. صوبائي وزير چيو ته قانون سازي ٿيڻ بعد هر چيني شهري جيڪو سنڌ ۾ ڪو گهر خريد يا مسواڙ تي وٺندو ان کي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته هي اصل ۾ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي ته اها ملڪ اندر داخل ٿيندڙ پرڏيهين جا تفصيل محفوظ رکي پر موجوده صورتحال ۾ صوبائي حڪومت لاءِ به اهم ٿي ويو آهي ته اها به اهڙو رڪارڊ جوڙي ته جيئن صوبي اندر ايندڙ پرڏيهين کي تحفظ ڏيڻ ۾ بهتري اچي ۽ انهن ۾ موجود ڏوهارين کي ڳولڻ ۾ آساني ٿي سگهي.