بل گيٽس پاران سوا ارب رپين جي انعامي پروگرام جو اعلان
جڳ مشهور ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ڪمپني مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ مالڪ بل گيٽس پاران زڪام جي علاج لاءِ بهتر دوا ٺاهيندڙ شخص يا اداري لاءِ سوا ارب رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا جي ميساچوسيٽس ميڊڪل سوسائٽي سان ڳالهائيندي هن اهڙو اعلان ڪيو. بل گيٽس ۽ سندس زال ملنڊا گيٽس پاران سال 2000 ۾ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جو افتتاح ڪيو ويو هو، جنهن جي ذريعي بل گيٽس ايڊز ۽ مليريا جي خلاف ڪافي ڪامياب مهم هلائيندو رهيو آهي. ان موقعي تي بل گيٽس پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 1889ع ۾ رشين فلو پکڙيو هو جنهن سبب ڪافي تباهي آئي هئي، ان بعد 1918ع ۾ به فلو ڪارڻ صرف پنجن هفتن ۾ ئي 675000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. اڄ جي دور ۾ اسان خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ دوائون به آهن ۽ مرض جي تشخيص جا اوزار به آهن ۽ اسان اڄ مرض خلاف بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهون ٿا، پر اڃان به بهتري جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سال 2009ع ۾ H1 N1 جي وائرس ۽ ويجهڙ ۾ ايبولا جي وائرس پکڙجي ٻنهي وقتن تي دنيا بهتر انداز ۾ جواب نه ڏئي سگهي. اسان جو لوڪل صحت وارو سسٽم ناڪاره ثابت ٿيو جنهن ڪري ماڻهو مرندا رهيا ۽ اسان تيار نه هئاسين. هن انعامي مقابلي جي تفصيل ڏيندي بل گيٽس چيو ته اسان کي اهڙي دوا گهرجي جيڪا سڄي دنيا ۾ ڪٿي به استعمال ڪري سگهجي ۽ ان کي 2021ع تائين تيار ٿيڻ گهرجي ۽ ڪامياب شخص يا اداري کي 12 ملين آمريڪي ڊالرن جو انعام ڏنو ويندو.