جان کي خطرو آهي، ڪجهه به ٿيو ته ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي: ام رباب
ام رباب چانڊيو چيو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي، ڌمڪيون ملي رهيون آهن پوليس ڪيس خراب ڪري رهي آهي. وڊيو بيان جاري ڪندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار علي گوهر چانڊيو جو پٽ ايس ايڇ او امداد چانڊيو منهنجي سيڪيورٽي ۾ مداخلت پيو ڪري. سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي خطري ۾ آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي.