لاهور اندر معذور شخص راجا رنجيت سنگهه جو مجسمو ڀڃي ڇڏيو

لاهور ۾ راجا رنجيت سنگهه جي قبر ويجهو هڻايل راجا رنجيت سنگهه جي مجسمي کي هڪ معذور شخص ٽوڙي ڇڏيو آهي. خبر موجب شاهي قلعو معمول مطابق کليل هو ته ٻه ماڻهو قلعي اندر گهڙي آيا جنهن مان هڪ ڄڻو معذور هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيو هو ۽ ٻيو ان جي هلڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو قلعي ۾ داخل ٿي ٻئي ڄڻا سڌو مجسمي ڏانهن ويا ۽ لٺين سان مجسمي کي ڀڃڻ لڳا، جنهن سان مجسمي جي ٻانهن ٽٽي پئي ۽ ان جي ٻين حصن کي به نقصان رسيو. سيڪيورٽي پاران ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ انهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. جنهن شهري انتظاميه جي شڪايت تي ٻنهي خلاف مقدمون داخل ڪري ورتو. ايس پي پوليس سيد غضنفر شاهه مطابق حملي آور چيو ته اهو انهن جي مذهب خلاف آهي ته مسلم ملڪ ۾ ڪو مجسمو تعمير ڪيو وڃي. جيڪڏهن انتظاميه ان کي نه هٽايو ته اهو عمل ٻيهر دهرايو ويندو. ياد رهي ته راجا رنجيت سنگهه جو اهو 9 فوٽ اوچو مجسمو راجا رنجيت سنگهه جي 180 هين يوم وفات واري ڏينهن 27 جون تي شاهي قلعي ۾ لڳايو ويو هو. اهو مجسمو برطانيه جي هڪ آرگنائيزيشن جي طرفان گفٽ ڪيو ويو هو جنهن کي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ نقش اسڪول آف آرٽس جي آرٽسٽن ٺاهيو هو، جنهن کي راجا رنجيت سنگهه جي 1900 ۾ رهائشگاهه جي ڀرسان لڳايو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published.