ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار شاهد خاقان عباسي جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جو اضافو
14 ڏينهن جي رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار شاهد خاقان عباسي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پيشي دوران نيب عدالت کان شاهد خاقان عباسي جو وڌيڪ 14 ڏينهن جو رمانڊ گهري ورتو. پيشي وقت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي جي ن ليگ جي اڳواڻن خواجه آصف، مريم اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ سان ملاقات ٿي. عدالت ٻاهران صحافين شاهد خاقان عباسي کان طنزيه سوال ڪيو ته ڇا توهان نيب کي ايل اين جي ڪيس سمجهائي ڇڏيو؟ جنهن تي شاهد خاقان عباسي جواب ڏنو ته سمجهائي رهيو آهيان هاڻي ٻن هفتن جو وڌيڪ وقت ملي ويو آهي.