ايڊيٽوريلنئون

صحت جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي، قومي ڪينسر رجسٽري قائم ڪرڻ جو فيصلو

هن وقت سڄي دنيا ۾ طرز زندگي جي تبديل ٿيڻ سان ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۽ کاڌي پيتي جي تيار ڪرڻ جي طريقن ۾ تبديلي اچڻ سان ڪينسر جهڙو موذي مرض تمام گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، صحت جي عالمي اداري مطابق دنيا جي هر پنجن ماڻهن مان هڪ ماڻهو ڪينسر جي تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو بنا عمر جي فرق جي ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي.

جنهن ۾ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، چين، انڊونيشييا، فلپائين جهڙن ملڪن ۾ هي مرض تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جا سبب فاسٽ فوڊ، پراسيس ٿيل گوشت ۽ کاڌن ۾ ڪيميڪل جي استعمال ۾ اضافو ڄاڻايو وڃي ٿو. ان کان علاوه ميوا ۽ سايون ڀاڄيون گهٽ استعمال ڪرڻ جي ڪري زهريلا مادا جسم ۾ رهجي وڃن ٿا، نه صرف ايترو بلڪه غير صحتمند کاڄرو تيل جو استعمال، کنڊ جي استعمال ۾ زيادتي ان مرض کي وڌڻ ۾ هٿي ڏئي رهي آهي.

ڪيترن ئي ملڪن ۾ پان، گٽڪو، تماڪ ۽ سوپاري جهڙيون شيون به تمام گهڻيون استعمال ٿين ٿيون جنهن سان ڳلي، ڦڦڙن ۽ زبان جو ڪينسر تمام گهڻو وڌي رهيو آهي. ڪينسر هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو ڪجهه انسانن ۾ خاندان کان موروثي طور تي اڳين نسلن ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو، جنهن کي جينياتي اثر سڏجي ٿو. ان کان علاوه ڪجهه ڪينسر وائرس جي ذريعي پکڙجن ٿا جنهن ۾ Human Papillomavirus (HPV) وائرس جيڪو سروائيڪل جي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جگر کي متاثر ڪن ٿا ۽ ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا. ان کان علاوه H.Pylori هڪ قسم جو بيڪٽريا آهي جيڪو مادي جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان کان علاوه ماحولياتي آلودگي جيئن لاهور، دهلي، بيجنگ، ڪراچي جهڙا وڏا شهر ماحولياتي آلودگيءَ جو شڪار آهن ۽ اتي رهندڙ آبادي ڦڦڙن جي ڪينسر جو شڪار ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا ڌنڌا آهن جن ۾ نوڪريون ڪندڙ ماڻهو جن جو سنئون سڌو لاڳاپو ڪارخانن ۾ ڪيميڪلز سان ٿئي ٿو، رنگ سازي، اسپري ۽ ٻين صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ يا اهڙيون صنعتون جن ۾ ڪجهه مادن مان ريڊيئيشن خارج ٿيڻ سبب ماڻهو متاثر ٿين ٿا ۽ ڪينسر جي زد ۾ اچي وڃن ٿا.

جيئن ته ايشيائي ملڪن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ ۽ تشخيص ۾ دير ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا. ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت وقت جي ضرورت جي مطابق هڪ نهايت ئي احسن قدم کنيو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (نئين سر تنظيم) ترميمي بل 2025 کي صدر آصف علي زرداري منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تحت هاڻي پاڪستان ۾ قومي ڪينسر رجسٽري قائم ڪئي ويندي ته جيئن ڪينسر جي مريضن جي ڊيٽا ۽ ان جي ٿيندڙ سببن کي سمجهيو وڃي ۽ ان جي ڊيٽا کي هڪ جاءِ تي جمع ڪيو وڃي ۽ ان کي مرض کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.

اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تمام تيزيءَ سان تڪڙيون سٺيون تبديليون آنديون پيون وڃن جنهن سان پاڪستان جي عوام کي پنهنجي ملڪ ۾ سٺي صحت جي سهولت مهيا ٿي سگهي ٿي. 7 سيپٽمبر 2025 تي صدر آصف علي زرداري نيشنل انسيٽيٽيوٽ آف هيلٿ ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏني. ان جو مقصد اداري کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ ڪينسر جي هڪ گڏيل ڊيٽابيس قائم ڪرڻ آهي.

ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق هن بل جي ذريعي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ڍانچي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ هن اداري کي ٻيهر آرگنائيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هي بل صحت جي شعبي ۾ اصلاحن جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن بل جي ذريعي ننڍن ننڍن علائقن ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي آگاهي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي پاڻ سان گڏي ڪم ڪرڻ آهي ته جيئن ڪينسر جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي.

مرڪز ڪينسر جي ڪيسن کي مختلف حصن ۾ رجسٽر ڪندو، جن ۾ تصديق ٿيل ڪينسر جا ڪيس، ڪينسر سبب ٿيڻ وارا موت، ڪينسر مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ، اسپتالن ۾ انتظار ڪندڙ ڪينسر جي مريضن جو انگ ۽ آبادياتي معلومات (عمر، جنس، مقام) شامل هوندا. بل جي مطابق ڪينسر جي مريضن جي ذاتي معلومات ان مريض جي مرضيءَ کانسواءِ ڪنهن کي به فراهم نه ڪئي ويندي.

گلوبل ڪينسر آبزرويٽري مطابق پاڪستان ۾ 2020ع ۾ ڪينسر جي مريضن جو ڪل تعداد هڪ لک اٺهتر هزار ٽي سئو اٺٽيهه هو. هيلٿ ريسرچ انسٽيٽيوٽ (HRI) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اسلام آباد 2015ع کان مختلف صحت جي ادارن مثال طور: JPMC، سول اسپتال ڪراچي، نشتر اسپتال ملتان مان ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهن، پر اهو ڪم هڪ مڪمل قومي رجسٽري طور نه ٿي رهيو هو. بهرحال پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته قومي ڪينسر رجسٽري قائم ڪرڻ حڪومت جو هڪ احسن قدم آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي، جيڪو يقينن سڄي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ مختلف ڪينسر جي ڪيسن جي ڊيٽا گڏ ڪندو ۽ مختلف جاين تي ٿيندڙ مختلف ڪيسن جي جاچ ڪري انهن جي پٺيان سببن جي ڳولها پڻ ڪئي ويندي ۽ گڏيل قومي طريقي سان انهن سببن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عوام اندر آگاهي پيدا ڪئي ويندي.

ڇو ته ڪينسر جو مريض نه صرف اڪيلو ڀوڳي ٿو، پر ان جو سڄو خاندان ان ڀوڳنا ۾ ان سان گڏ شامل هوندو آهي. نه صرف جذباتي طور تي، پر معاشي بوجهه پڻ کڻي ٿو، جنهن سان سندن غربت ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو. اميد آهي ته حڪومت غير صحتمند کاڌ خوراڪ جي شين جي وڪري تي پڻ هڪ ڊيٽابيس قائم ڪندي ته جيئن حڪومت کي خبر پئجي سگهي ته ڪينسر جي واڌ ويجهه ۾ غير صحتمند کاڌي پيتي جي شين جو وڪرو ڪيئن تيزي سان پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، جنهن ۾ ننڍن ٻارن جو انگ تمام گهڻو آهي.