ادل سومري جي وائيءَ جِي حُسناڪِي
سنڌي شاعريءَ ۾ ادل سومري جو نانءُ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، سندس شاعريءَ ۾ حب الوطني، ديس سان محبت جي اظهار سميت، رومانوي رنگن جي پڻ هڪ وڏي ڪهڪشان، وسيع حسناڪي جوڙيل آھي، جنهن کي پڙھڻ سان سندس قدڪاٺ جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته شاعر جي قد ڪاٺ جي خبر تڏهن پوندي آھي، جڏهن سندس شاعريءَ جو مطالعو دل سان ڪبو آھي. ادل سومري جو قد شاعريءَ ۾ تمام وڏو آھي، سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو جديد شاعر ئي نه هوندو، جنهن هن خوبصورت شاعر جي شاعري نه پڙهي هجي. ادل سومرو جتي پنهنجي ماروئڙن سان محبتن جو هڪ خوبصورت اظهار ڪري ٿو، اُتي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار، جي رنگن کي به سهڻي نموني نکيري ٿو. هن سنڌي غزل سميت وائي، گيت، دوهي، بيت ۽ ٻين صنفن تي ايترو خوبصورت نموني لکيو آھي، جنهن جو مثال حقيقت ۾ نه ٿو ملي. ادل سومري کي شاعريءَ جو چمڪندڙ هڪ روشن ستارو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ادبي دنيا ۾ هو سدائين ادب جي خدمت ڪندو رهيو آھي، جنهن جي ڪري ڪنهن به ادبي شخص اڳيان سندس تعارف ڳجهو ناهي. اڄ هن نامياري ۽ خوبصورت شاعر جي شاعريءَ جا مختلف ۽ ڀرپور رنگ اوهان تائين پهچائبا جيڪي ساھ ۾ سمائڻ جھڙا آھن.
ڏٺو وڃي ته سندس جديد شاعري گهڻي چاشني رکي ٿي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ جي دل تي سندس شاعريءَ جون سٽون اُتارجي وڃن ٿيون. ادل سومرو واقعي به هڪ خوبصورت، مزاحمتي رومانوي شاعر آھي، جنهن جي هر تخليق پنهنجو مثال پاڻ پيش ڪندي آهي.
ادل سومري جي شاعري هٿ ٺوڪين روايتن، من گهڙت ڳالهين کان نج ۽ مٿانهين آھي، پراڻن روايتي اندازن کي ڇڏي پنهنجي شاعريءَ کي هڪ نئون رخ ڏنو آھي، جيڪا شاعري مختلف ڪيفيتن، احساسن جي نانءُ جيان آھي. بلڪل ائين جيئن سرنهن جا نڪور گل ڦولارجي نڪرندا آھن، تيئن ئي نڪور احساس، جذبا ۽ خيال ادل جي قلم مان سرجندا آھن.
سڀ وڃئون گڏجي
پوءِ ڪا ڳالھ بڻي
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا
خوابن جي تصوير تان
منَ ڪا دز ڇڻي
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا
جيڪو لکيو آھ مون
توکي شالَ وڻي
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا
اونداهيءَ جي ڪُک ۾
ڀالو سج هڻي
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا.
سنڌي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي صنف وائيءَ جي هڪ پنهنجي انفرادي خوبصورتي آهي، جنهن کي پڙھڻ ۾ هڪ تمام گهڻو دلي سڪون ملي ٿو، وائي صنف کي جهونگارڻ سان به من تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي ويندي آھي، هن مٿين وائيءَ بابت لکندس ته ادل سومري وائيءَ کي دل و جان سان لکيو آھي، جيتري محنت، محبت سندس غزل ۾ شامل هوندي آھي، اوتري ئي چاهت سندس وائي صنف تي پڻ آهي. سڀني کي گڏجڻ جي پيغام کان وٺي، اونداهيءَ کي ختم ٿيڻ ڌڪارڻ تائين، هيءَ سموري وائي هڪ بيحد سُهڻي خوبصورتي رکندڙ آهي، جيڪا ذهن تي هڪ سهڻو عڪس پڻ چِٽي ٿي.
ادل سومرو شاعريءَ جو جيڪو روح روان جوڙي رکيو آھي، اهو ڏاڍو بيمثال آھي، سندس وائيءَ سان ايترو لڳاءُ لڳي ٿو، جيترو هڪ مخلص پڙھندڙ پڙھڻ سان لڳاءُ رکندو آھي. ادل جي شاعريءَ جي پنهنجي خوشبو آھي، ڇاڪاڻ ته ادل شاعريءَ جو روح روان آھي، سندس شاعري نِج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل هار مثل آھي، بقول سنڌ جي نامياري دانشور تاج جويي جي ته:
”ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو شاعر آھي جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي شعري روايتن جا سڀ زنجير ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ هن پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آھي“.
روائتي خيالن کي ٽوڙي ۽ پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اڀارڻ واري ڳالھ واقعي به مڃڻ جوڳي آھي، جيڪا هڪ وڏي محقق ڪئي آھي. ادل سومرو واقعي به پنهنجي فن فڪر جو هڪ الڳ رنگ رکندڙ شاعر آهي، جيڪا شاعريءَ جي سونهن ۾ واڌارو ڪري ٿي. جيئن هن وائيءَ ۾ پيار جو ڀرپور اظهار ٿيل آھي.
سمنڊ تنهنجي جهول ۾
ڪيڏا ڪوڏ سپون
مون وٽ آھي شاعري
ناهي ٻيو هٿيار ڪو
منهنجي سگھ سٽون
مون وٽ آھي شاعري
جڏهن ايندئي عاشقي
سمجهي ويندين تون
مون وٽ آھي شاعري
مون کان پڇيو مائٽن
ڇاهي ميڙيو مون؟
مون وٽ آھي شاعري
توکي ارپڻ لئه رڳو
منهنجي مٺڙي ڀُون
مون وٽ آھي شاعري.
ادل سومري جي شاعري پڙهندڙ تي ڪيترو اثر ڇڏي ٿي؟ اسين حقيقت ۾ ڏسئون ته اُها پڙهندڙ تي پنهنجو اثر ڏاڍي لاڀائتي انداز ۾ ڇڏي ٿي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ محسوس ڪندو آھي ته هيءَ ئي شاعريءَ سندن خيالن ۽ جذبن جو نانءُ آهي. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ محبت جي پچار سان گڏ ڌرتيءَ جي پڻ پچار گهڻي حد تائين ملي ٿي، جنهن جو اندازو اوهان مٿين وائيءَ جي سٽن ۾ محسوس ڪيو هوندو، جنهن جون سٽون آھن ته:
توکي ارپڻ لئه رڳو
منهنجي مٺڙي ڀُون
مون وٽ آھي شاعري.
يعني پنهنجي شاعريءَ ئي ادل سومري مٺڙي ڀونءَ جي نالي ڪئي آھي جيڪا ڌرتيءَ سان سچي محبت جو مثال ڏئي ٿي.
ادل سومري جي سادي سليس سهڻي ٻولي، جنهن ۾ اظهار وڌيڪ اثرائتو لڳندو آھي، جيڪا پڙهندڙ تي اثر به جلدي ڪندي آھي، سادي ٻوليءَ ۾ لکيل سندس هر وائي غزل، گيت، بيت، سڀ پنهنجي سونهن ۽ سهڻي سوڀيان رکن ٿا، اهي ان حوالي سان به خوبصورت آھن، جو اهي تمام گهڻن وسيع خيالن سان سينگاريل آھن.
ادل سومري جي دلين جي ترجماني ڪندڙ شاعريءَ کي پڙهندي اهو محسوس ٿي رهيو آھي، ته هيءَ شاعري احساسن جو وجود آھي، هيءَ ئي شاعري جڏهن سانوڻيءَ جي ڪڪر جيان دل جي سر زمين تي وسي پوي ٿي ته يادگيرين جا ڪيترائي گل ٽڙي خوشبو جيان وکريل يادگيرين سان من کي سينگاري ڇڏين ٿا، اُها ئي ادل سومري جي شاعري آھي جيڪا هِڪ انسان جي سچن جذبن جو نانءُ آهي.
ادل سومرو وائيءَ سان گڏ غزل جي سونهن ۾ به ڏاڍو ڀرپور واڌارو ڪيو آھي، سندس شاعري ڏات ۽ ڏانءُ جي رنگن سان ته ڀرپور آھي ئي، پر اُن ۾ فني فڪري سگھ به ڏاڍي جاندار ۽ ڀرپور آھي، جيڪا پڙهندڙ جي خيالن ۾ جلدي اثرائتي بڻجي وڃي ٿي. شاعريءَ جو نانءُ ئي آھي. فن فڪر ڏات ۽ ڏانءُ، انهيءَ کان سواءِ شاعري ڪنهن طرح سان به شاعري ناهي هوندي، جيڪا نه ئي اثرائتي هوندي آھي نه ڪي دلين جي ترجماني ڪندڙ، اُن شاعريءَ کي بي جان لفظن جي مالها چئون ته واڌارو نه ٿيندو. ادل سومري جي وائيءَ جي حسناڪيءَ کي اڃا به وڌيڪ پسي مهڪ محسوس ڪيون ٿا.
ڪشالا درد جا ڪاٽي
تنهنجي در تي پڄڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو
اوهان جو حال ڪيئن آھي
رٺل کان هي پڇڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو
لڳا پئي تيرَ لفظن جا
سهي دل تي اُٿڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو
وڇوڙي جي عذابن ۾
ٻه ٽي ڳوڙها اُگهڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو
پرينءَ جي ديس ۾ پُهچي
مٽي درَ جي چُمڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو
دردن جا ڪشالا ڪاٽي ڪنهن ڏور دوست جي در تي پڄڻ تائينءَ جو سفر ڪيترو ڏکيو آھي، اهو ته اوهان هِن وائيءَ مان ضرور محسوس ڪيو هوندو. هيءَ وائي جيتري گهرائيءَ سان لکيل آھي، اوتري ئي گهرائيءَ سان دلين ۾ لهي ويندڙ پڻ آھي، جنهن کي پڙهندي دل کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ھيءَ شاعري ئي واقعي شاعري آھي. ادل وٽ وائيءَ جو ڏاڍو گهرو حسن آھي، جنهن ۾ ٻه ٽي يا چار رنگ ناهن بلڪه پوري ڪهڪشان جي رنگيني شامل آھي. شاعر وٽ هونءَ به عزم پختگيءَ جو فن ڪمال جو هوندو آھي، جنهن کي هو جڏهن به استعمال ڪندو آھي ته اڳئين شخص کي ايترو متاثر ڪندو آھي، جيترو گلستان ۾ ڪنهن شخص کي خوشبودار گل متاثر ڪن، ادل به تيئن ئي هر شخص کي پنهنجي شاعريءَ جي سُڳنڌ سان متاثر ڪيو آھي. هيءُ تخيل اُن ڳالھ جو ثبوت آھي ته ادل سومرو پڙهندڙ وٽ ڪيترو پيار لهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعر پڙھندڙ وٽ ئي مانَ لهندڙ شخص آھي، بقول ورڊس ورٿ جي ته ”شاعر انسان آھي ۽ ان جو مخاطب به انسان آھي“ تخليق جو حسن هونءَ به اهڙو ئي رکڻ گهرجي جيڪو حسن ادل سومري پنهنجي هر تخليقي صنف ۾ اوتيو آھي.
ملياسين موج مستي ھئي
ورياسين گھر ته تنھائي
گھڙئيءَ جي راند ھئي ڪائي
ھئي جا سمجھ کان ٻاھر
اھائي عشق سمجھائي
گھڙئيءَ جي راند ھئي ڪائي
ڪيونسين چار ئي ڳالھيون
جدائي اوچتي آئي
گھڙيءَ جي راند ھئي ڪائي
اکين جي ديس ۾ بارش
ڳلن تي ساڳي ڪتڪائي
گھڙيءَ جي راند ھئي ڪائي
ڪپي ٿو روح کي سرندو
وڍي ٿي درد جي وائي
گھڙيءَ جي راند ھئي ڪائي
هتي آئون محترم ادل سومري جون وائيون ان ڪري سموريون سڀني بندن سان پيش ڪريان ٿو، جو دل ڪنهن به تخليق کي مختصر ڪرڻ لاءِ نه ٿي مڃي، هونءَ ڏٺو ويو آھي ته شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ ۾ صرف چند بند چونڊبا آھن، جيئن مثال ڏيئي سگهن، پر آئون پنهنجي خاص ڪري اڄوڪي اڀياس ۾ سمورا ئي بند ان ڪري به مثالن سان پيش ڪري رهيو آھيان، جو هيءَ شاعري پنهنجي حُسن فن فڪر ڏات ۽ ڏانءُ جي رنگن سان لازوال آھي. ادل سومري جي شاعريءَ کي اوهان جتان پڙهو اُتان اوهان کي هڪ نئون جهان، نئون گلستان نئون، نئون ٽهڪ، نئون سڏڪو ملندو، اُهو جهان پيار جو هجي يا درد جو، اُهو گلستان بهار ۾ هجي يا خزان ۾، اُهو ٽهڪ سرد هجي يا خشڪ، اُهو سڏڪو پنهنجو هجي يا پرائو، پر اوهان کي اهو ادل سومري جي شاعريءَ ۾ ضرور ملندو.
ڪنهن به شاعر بابت اُهو ڄاڻڻ ضروري ناهي ته اهو ڪيترو لکي ٿو، پر اُهو ڄاڻڻ ضروري ۽ اهم آهي ته اهو شاعر ڇا لکي رهيو آھي، پنهنجي اندر مان دکدائڪ منظر کي لفظن ۾ اظهارڻ به ڪنهن جي وس جي ڳالھ ٿورو ئي هوندي آھي، جو هو ڏانءُ ۽ فن فڪر سان لکي. مٿين وائيءَ ۾ جدائيءَ جي هيڏي ساري منظر کي ادل سومري ڏاڍي پُر اثر انداز سان لکيو آھي، جيڪو پڙھندڙ کي ڪجھ لمحا عجيب ڪيفيت ۾ وجهي ڇڏي ٿو، هيءُ سڀ ڪجھ فن آھي، فڪر آھي جو هيڏي ساري گهرائي تخليق ۾ شامل ٿيل آھي.
الائي ڪنهن جو هو
هَلندڙ لاريءَ مان
هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.
دردَن جي طوفانَ ۾
جوڀن ٽاريءَ مان
هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.
مالهڻِ مُڙي نهاريو
هُن جي کاريءَ مان
هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.
اُڀريو شَڪُ اندرَ ۾
پنهنجيءَ ياريءَ مان
هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.
ھيءَ وائي اڄ به صادق فقير جي آواز ۾ جڏھن ڪن تي پوندي آھي ته رات جو جوڀن جي ننڊ به اکين مان موڪلائي يادگيري جو ھڪ اونهو گهاءُ ڏئي ويندي آھي، ادل سومري جي شاعري تنگ روح کي راحت بخشيندڙ آھي. وائي ۾ ڪيڏي نه ميٺاج ڀري ۽ لهجي جي نرمي متاثر ڪندڙ آھي، حقيقت ۾ روح کي ايترو ڪونج جو ڏورانهون ڪرلاءُ متاثر ڪندو آھي. ادل سنڌ آھي ۽ سنڌ ادل آھي، سنڌ ادل کي ڳائي ٿي، ادل سنڌ کي ڳائي ٿو.
***