خاص

گلگت بلتستان ۾ چونڊون، تياريون مڪمل، ڪنٽرول قائم

گلگت ۾ سڀاڻي کان چونڊون ٿينديون جنهن لاءِ سياسي پارٽين ۽ انتظاميه تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. گلگت بلتستان ۾ قانون ساز اسيمبلي جي لاءِ چونڊ مهم ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ 24 مان 23 سيٽن لاءِ چونڊون سڀاڻي ٿينديون، جنهن ۾ 7 لک کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز ۾ سوا لک کان وڌيڪ ووٽرز پهريون دفعو ووٽ وجهندا. چيف اليڪشن ڪمشنر پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان بغير ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين مقرر ڪيو آهي.