خاص

دهشتگردن جي حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

دهشتگردن جي حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران مقابلو ڪنداسين. دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ڪنهن خيرات تي نه، پر پنهنجي عوام جي پئسن سان وڙهي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جون ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي حملن کان خوف يا ٿڪاوٽ جو شڪار ناهيون. هي ملڪ اسان جو گهر آهي، ان کي پنهنجي انداز سان هلائينداسين. دهشتگرد گمراهه هئا ۽ گمراهه آهن، سڌي رستي تي ايندا ته سندن قانوني مدد ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ قانون تحت سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي. بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي مقامي ماڻهن، ضلعي انتظاميا ۽ فوج گڏيل ڪوششن ذريعي بچايو، ان بحث ۾ نه پونداسين ته ذميواري ڪنهن جي هئي.