خاص

چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي جج همايون دلاور مون کي سزا ٻڌائي، جج همايون دلاور مون کي سزا ڏيڻ لاءِ تيار هو، جج همايون دلاور مون کان نفرت ڪري ٿو، ان ڪري منهنجو ڪيس هن وٽ ئي اماڻيو ويو. چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو، سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان لاهور يا پشاور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي استدعا.  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف داخل سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي، سموريون انڪوائريون ۽ ٽرائل به اسلام آباد مان منتقل ڪرڻ جي استدعا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون منهنجي خلاف تعصب ڀريون ٺوس شاهديون موجود آهن، مون کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ جيل ۾ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.