خاص

ميون ۽ ڀاڄين مان ڪيڙي مار دوا جا اثر ختم ڪندڙ ٿانو

سڄي دنيا ۾ ڀاڄين ۽ ميون تي ڪيڙي مار ۽ ڪيميائي دوائون عام استعمال ڪيون وڃن ٿيون. اهو مسئلو ترقي يافته ملڪن ۾ به گهڻو عام آهي. هاڻ هڪ جادوئي ٿانو ۾ ڀاڄيون ۽ ميوا رکڻ سان انهن ۾ 99 سيڪڙو نقصان رسائيندڙ اثر ختم ٿي وڃن ٿا. هن ايجاد جو نالو گارنش رکيو ويو آهي، جيڪو پهريائين ڪرائوڊ فنڊنگ ويب سائٽ تي رکيو ويو هو ۽ حيرت انگيز طور تي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ان لاءِ گهربل رقم جمع ٿي وئي هئي. خود پاڪستان ۾ پڻ زرعي دوائن ۽ ڪيڙي مار ڪيميائي مادن جو استعمال وڌندو پيو وڃي. انهن دوائن کي هارين جي ٻولي ۾ زهر چيو وڃي ٿو ۽ اهي اسانجي غذا جو حصو بڻجي اساني جسم کي نقصان ڏين ٿيون. گارنش ۾ جيڪي ڀاڄيون ۽ ميوا رکيا وڃن ٿا ان مان عام ڪيميائي مادا 99 سيڪڙو ختم ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه مشهور ۽ بدنام ڪيميائي اسپري ڪلورو پائريفوس ۽ ڊڪلووس پڻ 99 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وڃن ٿا. هن ٿانو کي آساني سان کڻي ڪٿي به رکي سگهجي ٿو ۽ يو ايس بي پورٽ سان چارج ڪري سگهجي ٿو.