خاص

اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگھجي، معاملو پارليامينٽ ۾ ئي حل ڪرڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جتي پي ٽي آءِ، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ سپريم ڪورٽ بار صدارتي ريفرنس تي تحريري جواب جمع ڪرايا. عدالت صوبائي حڪومتن کي به صدارتي ريفرنس تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون به تحريري جواب جمع ڪرائين، ان سان ٻڌڻي ۾ سولائي ٿيندي. جي يو آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جو جلسو ۽ ڌرڻو پرامن هوندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان کان حڪومت وارا ڊڄن ٿا، ان آبزرويشن تي عدالت ۾ ٽهڪ پئجي ويا. اٽارني جنرل چيو جي يو آءِ پرامن رهي ته مسئلو ئي حل ٿي ويندو، جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ طرفان ڏنڊا بردار ٽائيگر فورس ٺاهڻ افسوسناڪ آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جي يو آءِ پنهنجا ڏنڊا تيل مان ڪڍي. آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽ وجهي نه ڳڻڻ توهين جوڳو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ووٽ جي ڳڻپ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن توهان علي الاعلان پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندئو ته مطلب جماعت ته ڇڏي ڏني، پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وٽ ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا اصل معاملو ته نااهلي جي مدي جو آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته ووٽ بنا آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن اسيمبلي ميمبر تي لڳي ئي نٿو سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ وجهڻ کانپوءِ ميمبر سان ڇا ٿيندو.