خاصنئون

 20-2019 جو بجيٽ پيش، کير، گوشت، کاڄرو تيل، کنڊ، سيمينٽ ۽ گاڏيون مهانگيون

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ کير، گوشت، کاڄرو تيل، خشڪ کير مهانگا ٿي ويا. تحريڪ انصاف جي حڪومت 20-2019 جو پنهنجو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيڻ واري بجيٽ اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان به موجود هو. جڏهن ته روينيو واري وزير حماد اظهر پاران بجيٽ پيش ڪيو ويو. نئين سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 7 هزار 22 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ٽيڪس وصولين جو هدف 5 هزار 555 ارب رپيا رکيو ويو آهي. خساري جو ڪاٿو 3 هزار 137 ارب رپيا رکيو ويو آهي. نئين بجيٽ مطابق ڪولڊ ڊرنڪس، کنڊ، تيل، زيور مهانگا. جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت، ٻاڪرو گوشت، وڏو گوشت ۽ مڇي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار 17 هزار 500 مقرر ڪئي وئي آهي. 2000 سي سي جي گاڏين تي 5 سيڪڙو جڏهن ته 2000 سي سي کان وڏين گاڏين تي ساڍا ست سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي.  پگهاردار ۽ غير پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن کان علاوه دفاع لاءِ 1150 ارب، تعليم لاءِ 59 ارب 10 ڪروڙ رکيا ويا آهن.