اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته انساني ڀلائي، روداري، ميٺ محبت ۽ انس جي لاءِ جيڪي صوفين جون بي لوث، لازوال ۽ بي مثال ڪوششون رهيون آھن. انهن کان شايد ئي ڪو اڻواقف رهيو هجي. صوفي جن جو ڪم سدائين عالمي ۽ آفاقي هو ۽ شايد ئي دنيا جو ڪو اهڙو خطو هجي جتي تصوف جي روشني انساني وسندين کي روشني ميسر نه ڪئي هجي.
صوفين جون ڪرامتون ۽ انهن جي تعليمات انهن جي شعور ۽ انهن جي تعليمي طريقي ۽ تبليغ جا موضوع اهڙا آھن جن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪري سگهجي ٿو، پر هتي مان سندن مختصر ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. تصوف ۽ اھل تصوف جي دنيا جي باري ۾ ڳالھه ڪرڻ وقت پهرين ڳالھه جيڪا اسان جي ذھن ۾ رهڻ گهرجي. اها هيءَ آھي ته ان سلسلي ۾ اسان جي فڪر جو طريقو يا مطالعي جو طريقو ڇا هجي يعني اهو ته اسان اهو ڏسون ته اسان انهن موضوعن تي ڪهڙي ريت نظر وجهون ٿا. ڇا مۡحض عقيدت جي نظر سان ڏسي ڪري اسان صوفين جي ڪم کي سمجهڻ جو وظيفي وارو ڪم انجام ڏئي سگهون ٿا؟ اهو سوال اسان جي ذھن ۾ ان لاءِ پيدا ٿئي ٿو ته اسان وٽ ماضي جي حوالي سان هڪ وڏو رومانوي اثر ڏٺو وڃي ٿو ۽ اسان ماضي ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدمتن ۽ انهن جي فڪر و ڪردار جي باري ۾ ھڪ نهايت ئي عمومي نموني جو موقف اختيار ڪري وٺون ٿا. جنهن ۾ نه ته ابن ڏاڏن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، نه ئي انهن منجهان ڪنهن هڪ يا ٻئي جي حوالي کان ڪنهن تنقيدي رويي جي گنجائش موجود هوندي آھي. اسان جي معاشري ۾ سوال اٿارڻ معيوب سمجهيو ٿو وڃي.
برصغير ۾ صوفين جي ڪم جي حوالي سان اها ڳالھه اسان جي سامهون رهڻ کپي ته انهن سڀني کي هڪ سانچي ۾ رکي ڪري ڏسڻ ڪافي مشڪل آھي، جتي صوفي ماڻھن جي وچ ۾ فرق مٽائڻ ۽ انهن ۾ انساني ڀائيچارو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار پيدا ڪيو اتي ان وقت جي رياست ۽ حڪمرانن جي پاسي انهن جا رويا ڪن سوالن کي جنم ڏين ٿا. حڪومت ۽ سياست جي حوالي کان صوفين جو طرزعمل به ٻن قسمن جو هو. هڪ پاسي اهڙا صوفي هئا جيڪي دنياداري کان بلڪل لاتعلق رهڻ جي ڳالھه ڪندا هئا. هنن پنهنجن مريدن جو هڪ اهڙو گروهه بڻائي ورتو هو، جيڪو معاشري ۽ ان جي معاشي ۽ سياسي لاڙن کان الڳ رهندو هو. اهڙا صوفي ظاھر آھي ته حڪومتن جي نقطهءِ نظر کان به نقصانڪار نه هوندا هئا. سو انهن صوفين جي ڪم کان حڪومتن يا ان زماني جي سياسي ۽ معاشي نظام کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو محسوس نه ٿيندو هو.
ٻئي پاسي صوفين جو اهو قسم هو جن جو انساني ڀلائي جو تصور نهايت ئي اعليٰ هو. اهي انساني وسندين ۾ جنهن قسم جي بيداري ۽ روشني پکيڙيندا هئا، انهن کان ستت يا دير سان حڪمرانن کي خطرا محسوس ٿيندا هئا. اهڙن صوفين کي پنهنجي زماني جي عملدارن سان ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پيو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته صوفين جو اهو ٻيو قسم ٻن طريقن سان طاقتور فردن يا اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ تي مجبور ٿيندو هو. هڪ ته ان زماني جي سياسي اسٽيبلشمينٽ هئي جنهن جو اسان هينئر ذڪر ڪيو. ٻي اها مذھبي اسٽيبلشمينٽ هئي جنهن کان سمورا صوفي چاهي اهي سياسي اسٽيبلشمينٽ جي بربريت ۾ اچڻ وارا صوفي هجن يا ان بربريت کان محفوظ رهڻ وارا ٻئي متاثر ٿيندا هئا. اها مذھبي اسٽيبلشمينٽ انهن عالمن تي ٻڌل هئي جيڪي مذھب ۾ سخت گيري، ان جي زوري نفاذ ۽ ان جي انڌي عقيدي ۽ خيال جا علمبردار هئا. سچل سرمست غلط ته نه چيو هو.
منصور هو يا سرمد صنم يا شمس الحق تبريز هو
اس تيري گلي مين اي دلبر هر ايڪ ڪا سر قربان هوا
صوفي شاهه عنايت به انهن شھيدن جي حق واري صف ۾ شامل آھي، جنهن پنهنجي وقت جي نظام جي هٿان شھادت جهڙو عظيم رتبو ماڻيو.
صوفي شاهه عنايت جي باغي سوچ ۽ ڪردار تي ڳالھه ٻولھه کان اڳ مناسب ٿيندو ته اسان صوفين جي نظام فڪر وعمل جي نسبت سان هڪ ٻئي نڪتي کي شامل ڪريون. عام طور تي صوفين جي باري ۾ هي خيال مشهور آهي ته اهي دنيا کان الڳ هوندا هئا۽ دنياداري جي مامرن کان پاڻ کي پري رکندا هئا. انهن جو سمورو زور نفس جي پاڪيزگي ۽ انفرادي عبادت تي ھوندو هو. انهيءَ شعور جي نتيجي ۾ هڪ سوال هي جنم وٺي ٿو ته دنيا کان ڪٽجي ڪري رھڻ ،پاڻ ڪيترو صحتمند رويو آھي. جيڪڏھن زندگي جي ڊڪ وڊوڙ ۽ زندگي جي ڇڪتاڻ کان ئي انسان پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏي ته ان جي نتيجي ۾ معاشري ۾ بهتري جي ڪيتري اميد ڪري سگهجي ٿي. بلڪه اهو به چئي سگهجي ٿو ته صوفين جي اهڙي طرز عمل مڙھيل نظام کي سگھه ڏني ۽ ان جو تسلسل رهيو. ان خيال سان اتفاق ڪرڻ وارن ۾ مشھور تاريخدان ۽ مورخ ڊاڪٽر رياض السلام به شامل آھي. پنهنجي ڪتاب “Sufism in South Asia ” ۾ ھن تفصيل سان هن دنيا جي بيزاري کان صوفين تي تنقيد ڪئي آھي ۽ ان سلسلسلي ۾ ڪافي مثال ڏئي ڪري پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي آھي. هن اهڙا مثال لکيا آھن جن جي ڏيڻ جو مقصد اهو آھي ته صوفين عام زندگي جي مامرن کي ڪهڙي ريت پاڻ تي حرام قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيترن ته پنهنجيون شاديون به ختم ڪري ڇڏيون، ڇوته انهن جي خيال ۾ انهن جي شادي شده زندگي انهن جي عبادتن ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهن ٿيون. ڊاڪٽر رياض سوال ڪري ٿو ته صوفين جو اهو عمل پنهنجي جاءِ تي پر هن ڳالھه جو جواب ڪير ڏيندو ته انهن جي زالن جو ان ۾ ڪهڙو ڏوھه ھو ته انهن جون زندگيون برباد ڪيون ويون. هتان کان ئي هو اهو بحث شروع ڪري ٿو ته اڪثر صوفين اڪيلائي ۽ توڪل جي وچ ۾ فرق قائم نه رکيو ۽ اهي صرف توڪل جي رستي تي هلندا رهيا. جڏھن ته محنت اهڙي شيءَ آھي جنهن کان نبين به پاسو نه ڪيو هو. جيتوڻيڪ اڪثر نبي رزق جي حاصلات جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ هنن پنهنجين امتين کي به ڪم ڪرڻ جي تعليم ڏني.
ڪيترن ئي صوفين محنت، مزدوري ۽ رزق ۽ روزگار جي مامرن سان به پنهنجو تعلق برقرار رکيو. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ وقت هنن صرف حاجتن ۽ ضرورتن تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ دولت جي پٺيان ڊوڙڻ کان پاسو ڪيو. ان سموري مامري ۾ صوفي شاهه عنايت اسان کي هڪ نهايت ئي الڳ صوفي نظر اچي ٿو. هن کان اڳتي وڌي ڪري گڏيل عملي دنيا جو رستو به اختيار ڪيو جو مامرو ته انسان جي ذات تائين محدود رهي ٿو، پر صوفي شاهه عنايت شھيد ته جهوڪ جي جڳھه تي پنهنجي پوئلڳن سان گڏ سمورن مقامي رهواسين سان سماجي بي انصافي واري استحصال جي خلاف آواز بلند ڪيو. هو هڪ اهڙو عظيم صوفي بزرگ هو جنهن حق جي ڳولا جي لاءِ حقن جي حاصلات جو رستو اختيار ڪيو. اقبال جو شعر آھي:
خدا ڪي بندي تو هين هزارون بنون مين ڦرتي هين ماري ماري
مين اس ڪا بنده بنون گا جس ڪو خدا ڪي بندون سي پيار هو گا.
صوفي شاهه عنايت خدا جي بندن سان پيار ڪرڻ وارو بزرگ هو. جنهن ماڻھن جي درد جو درمان تلاش ڪرڻ کي ئي حق جو وسيلو بڻايو. ان جي ڪاوشن جي طفيل جهوڪ ۾ هارين جي بغاوتن جنم ورتو، جيڪي جيتوڻيڪ ناڪامي جون شڪار ٿيون، پر ان سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ ھڪ نئين باب جو بنياد وڌو. اهوئي ئي نه بلڪه هي به چٽو ڪيائين ته تصوف صرف خانقاهن ۽ گادي نشينن جي حجرن تائين محدود ناهي. بلڪه اهو معاشرتي تبديلي جي عمل ۾ به هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو . شرط اهو آهي ته ان جي انسان دوستي جي پيغام کي نظر ۾ رکيو وڃي.
صوفي شاهه عنايت جي انقلابي پيغام ۽ ان جي جدوجهد تي ڪجهه وڌيڪ نه لکيو ويو. تصوف جي متعلق ادب ۾ ان جو ذڪر ٻين صوفين سان گڏ ڪجهه جملن ۾ اچي وڃي ٿو، پر ان جي خدمتن جي انفرادي پاسن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب “تاريخ سنڌ” صوفي شاهه عنايت جي باري ۾ جيڪا ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي اها ڄاڻ بهتر هئڻ جي باوجود ان جي جدوجهد کي وڌ کان وڌ مقامي پيرن جي پاڻ ۾ جهڳڙي جي طور تي پيش ڪري ٿي. ان جو خيال آھي ته ٺٽي جا ڪي ٻيا پير صوفي شاهه عنايت جي مقبوليت ۽ پنهنجن مريدن جي شاهه عنايت واري قافلي ۾ شامل ٿيڻ کان وڏا پريشان هئا. جيتوڻيڪ هنن چند مقامي زميندارن کي پنهنجو دوست بڻائي ڪري صوفي شاهه عنايت جي خلاف ڪاروائي ڪرائي، پر اهو صوفي شاهه عنايت شھيد جي بغاوت ۽ ان جي سبب ۽ نتيجن جو مۡحض ھڪ سرسري جائزو آھي. صوفي صاحب جي بغاوت جو شايد سڀ کان بهترين تجزيو مشھور سماجي مورخ ۽ اديب سيد سبط حسن ڪيو هو. ھن پنهنجي ڪتاب نويد فڪر ۾ هڪ باب ۾ صوفي شاهه عنايت جي باري ۾ لکيو آھي جنهن ۾ ھن ان کي وادي سنڌ جو عظيم سوشلسٽ قرار ڏنو آھي. سبط حسن صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ کي سنڌ جي سماجي نظام جي ڏيک ۾ ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هن هندستان ۾ زرعي نظام جي مختلف شڪلين جي وضاحت بيان ڪئي آھي. خاص طور سان وچين دور ۾ زمين تي ۽ ان جي ملڪيت جا جيڪي مختلف نظام هتي مڙھيل هئا. هو انهن جي وضاحت ڪري ٿو. ان جو چوڻ آھي ته ان دور ۾ خاص طور تي سلطنت مغليه جي زماني ۾ زمين تي ملڪيت جو حق ته رياست جو ئي هو، پر ان کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چار نظام لاڳو هئا.
اورنگزيب انهن زمينن کي موروثي بڻائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي عالمن جي خاندانن جو اثر و رسوخ وڌي ويو. چوٿين طرز جون زمينون اهي هيون جن تي زمينداري قائم هئي. انهن زميندارن کي ڪنهن حد تائين مالڪاڻا حق حاصل هئا. سبط حسن “تاريخ مطهر شاهه جهاني” جي حوالي سان لکي ٿو ته:
“سنڌ جا زميندار ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ هارين سان انهن جو سڌوسنئون تعلق رهندو هو، اهي پاڻ پوک ڪرڻ جي بجاءِ هارين کان ڪم وٺندا هئا”
مغلن جي زوال واري دور ۾ جڏھن صوفي شاهه عنايت ٺٽي جي ويجهو جهوڪ جي هنڌ تي تبليغ ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته ان زماني ۾ سنڌ جي صوفين ۽ ساداتن جو هڪ وڏو طبقو زميندار بڻجي چڪو هو. صوفي شاهه عنايت ذاتي ملڪيت واري اڻبرابري واري نظام جو سخت مخالف هو ۽ سندس خيال هو ته زمين گڏيل ملڪيت ۾ ھئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان تي سڀني خدا جي بندن جو هڪ جيترو حق آھي. صوفي شاهه عنايت جو اهو به خيال هو ته هاري گڏجي سڏجي ڪري هر هلائي سگهن ٿا ۽ پيداواري عمل ۾ سڀني ماڻھن جو شريڪ ٿيڻ سڀني جي برابري واري اصول جي مطابق بلڪل ٿي سگهي ٿو. هن جهوڪ ۾ ان گڏيل زراعت جو تجربو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سبط حسن جو اهو به خيال آھي ته گڏيل زراعت جو اهڙو تصور صوفي شاهه عنايت کان اڳ به قبيلن واري دور ۾ رھي چڪو هو. بلڪه پاڻ صوفي صاحب جي زماني ۾ به ڪن ڪوهستاني قومن خاص طور تي بلوچن ۾ اهو طريقو هوندو هو. اهو به ممڪن آھي ته صوفي صاحب سيد محمد جونپوري جي مهدي تحريڪ کان به متاثر رهيو هجي، جنهن هڪ زماني ۾ ٺٽي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي. سيد محمد جون پوري جا پيروڪار “دائري” جي نالي سان پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا ۽ زندگي جي ضرورتن کي پاڻ ۾ ورهائي استعمال ڪندا هئا. سيد محمد جونپوري جو زمانو پندرهين صدي (1443 کان 1505ع) جو زمانو هو.
صوفي شاهه عنايت شھيد جو گڏيل پوکي راهي وارو تجربو ڏاڍو ڪامياب ثابت ٿيو ۽ تر جا هاري ناري به سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيا. بس اها ئي تحريڪ جي مقبوليت هئي جنهن زميندارن جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ھنن صوفي صاحب جي باري ۾ ٺٽي جي صوبيدار کي شڪايت ڪئي، پر جيئن ته صوفي صاحب جي زمين گذرسفر جي زمين هئي ۽ صوبيدار جو ان تي ڪو اختيار نه هو. ان ڪري صوبيدار ته ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو، مگر هن زميندارن کي هن ڳالھه جي اجازت ڏني ته اهي پاڻ جيئن چاهين صوفي صاحب کي روڪين ۽ پوءِ زميندارن به وجهه وٺي جهوڪ جي وسندي تي حملو ڪري ڏنو، پر انهن کي شڪست نصيب ٿي. صوفي صاحب جي فقيرن وڏي بهادري سان زميندارن جو مقابلو ڪيو. اهو اهڙو وقت هو جڏھن فرخ سير دهلي جي لال قلعي ۾ ترسيل هو. ان کي جڏھن سنڌ ۾ جاري ان ڇڪتاڻ جي پروڙ پئي ته ان ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان کي تبديل ڪري نواب اعظم خان کي مقرر ڪيو. اها 1746ع جي ڳالھه آھي. نئين صوبيدار جي آمد مقامي زميندارن جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي. جيتوڻيڪ هنن اعظم خان کي پنهنجو ڪري ورتو. نواب اعظم خان جي طرف کان صوفي صاحب کي تنگ ڪرڻ جي شروعات ٿي. ان کان ڍل جي نالي تي زبردستي رقم گهري وئي ۽ صوفي صاحب جي انڪار تي ان بادشاهه کي صوفي صاحب جي شڪايت لکي ۽ فرخ سير صوفي صاحب جي خلاف آرڊر حاصل ڪري ورتو. اعظم خان مقامي زميندارن کان مدد گهري ۽ جهوڪ تي حملو ڪري ڇڏيو. جهو ڪ جا فقير پرامن انسان هئا. هنن گڏيل زراعت جو تجربو ضرور ڪيو هو، پر انهن جي وسندي ڪنهن فوجي ڇانوڻي جي حيثيت واري نه هئي. صوفي صاحب جي فقيرن وسندي جو وڏي بهادري سان دفاع ڪيو ۽ جڏھن اعظم خان ڏٺو ته هينئر ان جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي ته هن ان وسندي جو گهيرو ڪيو. چئن مهينن جي گهيراءَ کانپوءِ صوفي صاحب کي ٺاھه جو پيغام موڪليو ويو. صوفي صاحب ان پيغام کي قبول ڪيو، پر جڏھن هو ٺاھه تي صحيون ڪرڻ جي لاءِ نواب اعظم خان جي خيمي ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو. جهوڪ جي فقيرن تي ڀرپور حملو ڪيو ويو .انهن جو قتل عام ٿيو. انهن جا گهر ساڙيا ويا. جهوڪ جي تباهي کانپوءِ اعظم خان صوفي شاهه عنايت کي درٻار ۾ گهرايو، جتي نواب اعظم خان ۽ صوفي صاحب ۾ اهو بحث ٿيو، جيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آھي ۽ جنهن کان صوفي صاحب جي باغي ۽ مزاحمتي مزاج کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. صوفي صاحب اعظم خان جي هر سوال جو جواب ڏنو ۽ اعظم خان کي لاجواب ڪري ڇڏيائين. جنهن جو انجام اهوئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو.اهو هي ته صوفي شاهه عنايت کي 7جنوري 1718ع ۾ شھيد ڪيو ويو.
صوفي شاهه عنايت جي اها تحريڪ وقتي طور تي ڪامياب ٿيڻ جي باوجود ڪا مستقل حيثيت حاصل نه ڪري سگهي. هن کي شھادت جو پيالو به پيئڻو پيو، پر ان واقعي کانپوءِ هن جي سچائي، حب الوطني ۽ انسان دوستي کير جيان شفاف ٿي ڪري سامهون آئي. سبط حسن درست لکيو آھي ته صوفي صاحب جو اهو قدم پنهنجي جڳهه تي تحسين ۽ تعريف جي لائق آھي، پر معاشرتي ارتقائي قانون به پنهنجا الڳ نظام رکن ٿا. صوفي شاهه عنايت جنهن فيوڊل معاشري ۾ گڏيل زراعت يعني سوشلسٽ پيداواري طريقي ۽ ورهاست واري طريقي جو تجربو ڪرڻ چاهي رهيو هو. معاشرتي حالتون ۽ پيداواري نظام اڃا ان هنڌ تي نه پهتا هئا، جتي اهي تجربا پنهنجا پير پختا ڪري سگهن ها.باوجود ان جي ان تحريڪ هڪ جابر نظام ۽ ان جي رکوالي جاگيردار طبقي جي خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آھي.
صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ ارڙھين صدي جي ٻئي ڏھاڪي ۾ سامهون آئي. اها ڳالھه ذڪر جي قابل آھي ته جهو ڪ جو قضيو آڪٽوبر 1717ع ۾. يعني آڪٽوبر 1917ع جي روسي انقلاب کان پوڻا ٻه سو سال اڳ جو آھي. اڄ جڏھن ته روسي انقلاب جي نتيجي ۾ اچڻ واري رياست يعني سوويت يونين کي به وکرندي ويهه ٻاويهه سال ٿي چڪا آھن. ڪن عالمي ڌرين ۾ اهو تجربو بحث جي هيٺ آھي ته شايد سوويت يونين جو انقلاب به وقت کان اڳ جو هو. اسان هن وقت سوويت انقلاب بابت ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، پر سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏھن 1717ع ۾ برصغير جي هڪ ننڍڙي علائقي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهوڪ ۾ ڪيل وقتي تجربو وقت کان اڳ جو نٿو ٿي سگهي.
صوفي شاهه عنايت جون لازوال ۽ بي مثال خدمتون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آھن. ان کان ڪافي سبق به حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ پاڻ تصوف جي باب ۾ ڳالھه ٻولھه ڪرڻ وقت صوفين جي ڪمن ۽ صوفي صاحب جي حوالي سان خاص روشني وجهي سگهجي ٿي ته تصوف صرف توڪل جو نالو ئي ناهي، بلڪه اهو انصاف جي حاصلات ۽ گڏيل جدوجهد جي مقصدن سان به جڙي سگهي ٿو.