بلاگنئون

سُر لِيلا (پڇتاءُ، نياز ۽ نوڙت)

شاھ جو رسالو دنيا جي علمي خزاني ۾ ھڪ ناياب ۽ املھ سرمايو آھي، جيڪو سَوين ھزارين سالن جي واقعن جي منظرنگاري ۽ عڪاسي اھڙي انداز سان ڪري ٿو، جو پڙھندڙ پاڻ کي ڄڻ ته ان عُھد ۾ پيو محسوس ڪندو. شاھ جو رسالو ايمان، ايثار، حب الوطني، سِڪ، محبت، بردباري، حوصلو، ھمت، جدوجھد، عاجزي، امن ۽ انسانيت جو درس ڏيئي ٿو. شاھ جي رسالي تي ڪيترن ئي محققن تحقيق ڪري ھر ڪنهن پنھنجي پنھنجي انداز سان ترتيب ڏني آھي.
شاھ صاحب جا صوفياڻي لھجي ۾ سِرچيل سُر رسالي جي سونھن آھن. ھر سُر جي پنهنجي خاصيت ۽ ان ۾ الڳ فڪر سمايل آھي. سُر لِيلا چنيسر جنهن جو مرڪزي خيال لِيلا جو غلطين تي پڇتاءُ ۽ ان جو عاجز ڪردار آھي. جنهن نادانيءَ ۾ غلطي ڪيئي ۽ ان بعد سموري زندگي آزيون نيازيون ڪندي ۽ چنيسر کي ريجھائيندي گذاريائين. شاھ صاحب ھن سُر ۾ لِيلا کي نھٺي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ نھٺائي اختيار ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چوي ٿو ته:
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تون سوڀِي سِکيئين،
پايئي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبي گڏ،
ھڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻيئين ڪانڌ کي.
ھن سُر ۾ شاھ صاحب لِيلا ۽ چنيسر جو سمورو داستان ته بيان نه ڪيو آھي، پر لِيلا جو لالچ ۾ اچي وڃڻ، چنيسر جو لِيلا کي ڪڍڻ ۽ بعد ۾ لِيلا جون لِيلَٽون، منٿون ۽ ميڙيون ڳايون آھن، جيڪي ھن چنيسر جي جدائي کان پوءِ ڪيون، پر انھن بيتن ۾ ايترو ته اسرار آھي جو سمورو قصو بيان ڪن ٿا.
شاھ صاحب جو ھي بيت لِيلا کي پنهنجي غلطي جو احساس ڏياري ٿو ته:
ھُيس ھِندورن ۾، پييم ڪانَ پروڙ،
مَڻيئي سندي مامري، ڪوجِھي وِڌيس ڪُوڙ،
سامھان ٿيم سور، ويو وِلُٽي وَلھو!
انسان کي مالڪ سائين جيترو ڏئي ان ۾ ان کي خوش رھڻ گھرجي گھڻي جي لالچ انسان کي نقصان ۾ وجھندي آھي. لِيلا جيڪا چنيسر جي پٽ راڻي ھئي، جنهن سان چنيسر بي انداز محبت ڪندو ھو، پر ھار جي لالچ ۾ اچي سودو ڪري ٿي ويھي، جنهن بعد چنيسر لِيلا کي ڌڪاري ڪڍيو. جنھن بعد پنھنجي غلطيءَ تي پڇتائي ٿي ۽ پشيمان ٿئي ٿي ۽ چنيسر جي جدائي ۾ پنهنجا خوشحال ڏينهن ياد ڪري ٿي جنهن تي شاھ صاحب ھي تمثيلي بيت چوي ٿو ته:
وڏيري ھُياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دائين، ٻائين، دربانن، پَر ۾ ٿي پُڇياس،
دُھلين، دَمامين، نَقرين، ٿي وچ ۾ وِھارياس،
ھُيس دادلي دوسن جي، کڻي ھلڪِي ھار ڪَياس،
تِنھان پوءِ ٿياس، ڪانياري ڪانڌ جي.
شاھ صاحب ھن سر ۾ عاجزي نياز ۽ نوڙت جي ڳالھ ڪئي آھي ۽ گڏوگڏ آسرو نه لاھڻ جي تلقين پڻ ڪئي آھي، جيئن ھن بيت ۾ لِيلا کي تلقين ڪندي چوي ٿو ته:
جي لِيلائي نه لھين، ته پڻ لِيلائيج،
آسر مَ لاھيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو.
شاھ جي شاعري اسان کي زندگيءَ جي ھر موڙ تي رھنمائي ڪري ٿي، جنهن مان سُر لِيلا اسان کي نھٺائي، عاجزي، نياز ۽ نوڙت سان زندگي بسر ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ڪنھن به دنياوي لالچ ۾ نه اچڻ جي ھدايت پڻ ڪري ٿو.
***