نئون

رات جو ڪراچي ۾ ڳڙي سميت تيز برسات

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جون اطلاعات آيون آهن. جنهن سبب شهر جي ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي به بيهي رهيو آهي. ان سان گڏ بجلي به  موڪلائي وئي آهي. اطلاعن مطابق ڊفينس، ڪلفٽن ۾ ڳڙو پيو آهي. جڏهن ته اورنگي ٽائون، سعيد آباد، نارٿ ڪراچي، گلشن اقبال، ڪورنگي ۾ تيز برسات پئي آهي برسات جو اهو سلسلو فجر تائين جاري رهيو.