آمريڪي سينيٽر ٽرمپ ۽ عمران خان جي ملاقات جو خواهشمند

آمريڪا جي سينيٽر لنڊسي گراهم پنهنجي دوري دوران وزيراعظم عمران خان سان ملاقات بعد هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته هو آمريڪي صدر کي عمران خان سان ملاقات لاءِ درخواست ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ان ڳالهه کي پسند ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه افغانستان ۾ پنهنجي موجودگي کي جاري رکڻ چاهي ٿو ته جيئن افغان طالبان سان امن معاهدا ڪري سگهي. گراهم چيو ته مان صدر ٽرمپ کي درخواست ڪندس ته هو جلد عمران خان سان ملي افغانستان جي مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪري. هن چيو ته مان اڳوڻي آمريڪي سينيٽر جان مڪ ڪين سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جا 50 دورا ڪري چڪو آهيان. هن وقت نئين حڪومت بعد پاڪستان ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي خلاف اهم قدم کڻي رهيا آهن ۽ افغان مسئلي کي به حل ڪرائڻ چاهين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ گراهم چيو ته مان هتي افغانستان جو دورو ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان پر منهنجي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ ڪا اميد حاصل ڪري سگهان جيڪا اڄ کان پهريان نه ملي سگهي هئي. هن وقت پاڪستان جي ڪوشش کي ڏسي مان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان حڪومت ۽ فوج پوري طرح سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ مان صدر ٽرمپ جي سامهون اهي ڳالهيون رکي درخواست ڪندس ته هو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات ڪري امن جي ڪوشش ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *